Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




2.پطرس 1:4 - Hindu Sindhi Bible

4 انهيءَ طرح هو اسان سان ڪيل نهايت وڏا ۽ قيمتي وچن پورا ڪري ٿو. هن چاهيو ٿي تہ اوهين انهن جي وسيلي سنسار جي برين خواهشن مان پيدا ٿيندڙ تباهيءَ واري خرابيءَ کان بچي سندس مهان ذات ۾ شامل ٿي وڃو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

4 ۽ اسان سان پنهنجا قيمتي ۽ نهايت وڏا واعدا ڪيا، تہ انهن جي وسيلي اوهين نفساني خواهش جي ڪري دنيا ۾ جيڪا خرابي آهي، تنهن کان ڇُٽو، ۽ خدائي طبيعت ۾ شريڪ ٿيو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Muslim Sindhi Bible

4 انهيءَ طرح هو اسان سان ڪيل نهايت وڏا ۽ قيمتي واعدا پورا ڪري ٿو. هن چاهيو ٿي تہ اوهين انهن جي وسيلي دنيا جي برين خواهشن مان پيدا ٿيندڙ تباهيءَ واري خرابيءَ کان بچي سندس الاهي ذات ۾ شامل ٿي وڃو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Common Language New Testament

4 اھڙيءَ طرح ھن اسان سان نھايت وڏا ۽ قيمتي واعدا ڪيا آھن، تہ جيئن انھن جي وسيلي اوھين دنيا جي خرابيءَ کان بچي وڃو، جيڪا برين خواھشن جي ڪري آھي ۽ الاھي ذات ۾ شريڪ ٿي وڃو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




2.پطرس 1:4
25 Iomraidhean Croise  

اهي بني اسرائيل ئي آهن، جن کي ايشور پنهنجا ٻار مقرر ڪرڻ لاءِ چونڊيو آهي. انهن کي هن پنهنجي جوت ڏيکاري، ساڻن پنهنجا وچن ٻڌائين ۽ کين نيم بخشيائين. اهي ئي حقيقي ڀڳتي ۽ سندس وچنن جا حقدار آهن.


ڏسو، ايشور جا جيترا بہ وچن آهن، سي سڀ مسيح ۾ ”ها“ ئي آهن. انهيءَ سبب اسان جي پرچار جي ڪري مسيح جي وسيلي ماڻهو ايشور کي ”آمين“ چئي سندس مهما ڪن ٿا.


سو اسان جي منهن تي پردو پيل نہ آهي، تنهنڪري اسين سڀيئي پرڀوءَ جي جوت جو عڪس ڄڻ تہ آئيني ۾ ڏسندي ڏسندي سندس مهان روپ ۾ تبديل ٿيندا ٿا وڃون. اهو ڪم پرميشور پنهنجي پوِتر آتما جي وسيلي ڪري ٿو.


تنهنڪري ئي پرميشور جو فرمان آهي تہ ”اوهين انهن مان نڪري الڳ ٿي رهو، ۽ ڪنهن بہ اپوِتر شيءِ کي هٿ نہ لايو، تڏهن آءٌ اوهان کي قبول ڪندس.


ايشور جا وچن بہ اهڙي نموني آهن جيڪي هن ابرهام ۽ سندس پيڙهيءَ سان ڪيا. ڏسو، پوِتر شاستر ائين نہ ٿو چوي تہ ”پيڙهين سان،“ جنهن مان مراد گھڻا ماڻهو هجن. پر هو چوي ٿو تہ ”پيڙهيءَ سان،“ جنهن مان مراد هڪڙو شخص آهي ۽ اهو مسيح آهي.


جيڪو پنهنجي شريري فطرت جي لاءِ پوکي ٿو، سو انهيءَ فطرت مان موت جو فصل لڻندو. پر جيڪو پوِتر آتما جي لاءِ پوکي ٿو، سو پوِتر آتما مان امر جيون جو فصل لڻندو.


ايستائين جو اسين سڀ جو سڀ ايشور جي پٽ کي ڄاڻڻ ۽ مٿس وشواس رکڻ ۾ هڪ ٿي ڪامل انسان بڻجون. هائو، اسين وشواس ۾ بالغ ٿيون يعني مسيح وانگر پوريءَ طرح ڪامل بڻجي وڃون،


۽ نئين فطرت کي پهري ڇڏيو آهي. جيئن جيئن اها نئين فطرت پنهنجي ڪرتار جي روپ موجب نئين ٿيندي وڃي ٿي تيئن تيئن اوهين ايشور جي ڄاڻ ۾ وڌندا وڃو ٿا.


اسان جا سنساري پتا ٿورن ڏينهن جي لاءِ پنهنجي سمجھہ مطابق اسان کي سيکت ڏيندا هئا. پر ايشور جيڪا سيکت اسان کي ڏئي ٿو، سا اسان جي ڀلائيءَ جي لاءِ آهي، تہ جيئن اسين سندس پوِترتائيءَ ۾ شامل ٿيون.


انهيءَ ٻليدان جي وسيلي ئي مسيح ايشور ۽ ماڻهن جي وچ ۾ نئين ٻڌل وچن جو وچ وارو آهي، انهيءَ لاءِ تہ جن کي ايشور سڏيو آهي، سي سندس امر ورثو حاصل ڪن جنهن جو هن وچن ڪيو آهي. پر اڳ ۾ اهو ضروري هو تہ جيڪي ماڻهو پهرئين ٻڌل وچن جي زماني ۾ حڪمن جي ڀڃڪڙي ڪري قصوروار بڻيا هئا، تن لاءِ هڪ موت ٿئي تہ جيئن اهي پاپ کان آزاد ٿين.


اسان جي پتا ايشور جي نظر ۾ خالص ۽ بي‌عيب ڌرمچاري اها آهي تہ يتيمن ۽ وڌوائن جي سندن مصيبت جي وقت سار سنڀال ڪجي ۽ پاڻ کي سنسار جي گندگيءَ کان بچائي بي‌داغ رکجي.


هي خط مون شمعون پطرس جي طرفان آهي، جيڪو يسوع مسيح جو داس ۽ سندس خوشخبري ٻڌائيندڙ سنت آهيان. هي خط انهن ڏانهن ٿو لکجي، جن کي اسان جي ايشور ۽ مڪتي ڏيندڙ، يعني يسوع مسيح جي سچائيءَ جي وسيلي اسان جهڙو قيمتي وشواس حاصل ٿيو آهي.


جڏهن تہ اسين ايشور جي وچن ڪيل انهيءَ نئين آڪاش ۽ نئين ڌرتيءَ جي انتظار ۾ آهيون جتي سچائي رهي ٿي.


پرميشور پنهنجو وچن پورو ڪرڻ ۾ دير ڪين ڪندو آهي، جهڙي دير ڪي ماڻهو سمجھن ٿا. پر هو اوهان جي خاطر ڌيرج ڪري ٿو، انهيءَ ڪري جو هو نہ ٿو چاهي تہ ڪوبہ ناس ٿئي، بلڪ هو چاهي ٿو تہ سڀيئي توبهہ‌تائب ٿين.


تڏهن اهو امر جيون جنهن جو وچن پٽ يعني يسوع مسيح اسان سان ڪيو آهي، سو اوهان ۾ هوندو.


اي پريميؤ! هاڻي اسين ايشور جا ٻار تہ آهيون، تڏهن بہ اهو ظاهر ڪونہ ٿيو آهي تہ اسين ڇا ٿي وينداسين. بس اسين ايترو ڄاڻون ٿا تہ جڏهن مسيح ظاهر ٿيندو تڏهن اسين هن جهڙا ٿي پونداسين، ڇاڪاڻ تہ اسين کيس ائين ڏسنداسين جيئن هو حقيقت ۾ آهي.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan