Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




1.تيمٿيس 5:4 - Hindu Sindhi Bible

4 پر جيڪڏهن ڪنهن وڌوا کي ڌيئر، پٽ يا انهن جا ٻار هجن تہ اهي سڀ کان پهريائين پنهنجي گھراڻي سان ڌرمچاريءَ واري هلت ڪرڻ ۽ پنهنجي ماتا پتا ۽ وڏن جو حق ادا ڪرڻ سکن، ڇاڪاڻ تہ ايشور کي اهو پسند آهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

4 پر جي ڪنهن بيوهہ زال کي پٽ يا پوٽا هجن تہ اُهي ڀلي پهرين پنهنجي گهراڻي سان دينداريءَ جي هلت ڪرڻ، ۽ پنهنجي ماءُ پيءُ جو بار لاهڻ سکن؛ ڇالاءِ جو خدا جي نظر ۾ اها ئي ڳالهہ چڱي آهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Muslim Sindhi Bible

4 پر جيڪڏهن ڪنهن رن‌زال کي ڌيئر، پٽ يا انهن جا ٻار هجن تہ اهي سڀ کان پهريائين پنهنجي گھراڻي سان دينداريءَ واري هلت ڪرڻ ۽ پنهنجي ماءُ پيءُ ۽ وڏن جو حق ادا ڪرڻ سکن، ڇاڪاڻ تہ خدا کي اهو پسند آهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Common Language New Testament

4 پر جيڪڏھن ڪنھن رن⁠زال کي ڌيئر پٽ، يا انھن جا ٻار ھجن تہ اھي سڀ کان پھريائين پنھنجي گھراڻي سان دينداريءَ واري ھلت ڪرڻ ۽ پنھنجي ماءُ⁠پيءُ ۽ وڏن جو حق ادا ڪرڻ سکن، ڇالاءِ⁠جو خدا کي اھو پسند آھي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




1.تيمٿيس 5:4
18 Iomraidhean Croise  

پوءِ يسوع انهن سان گڏجي ناصرت ۾ آيو، جتي هو انهن جو فرمانبردار ٿي رهيو. هن جي ماتا هي سڀ ڳالهيون پنهنجي دل ۾ سانڍي رکيون.


اها ڳالهہ چڱي ۽ اسان جي مڪتي ڏيندڙ ايشور جي نظر ۾ وڻندڙ آهي.


جيڪڏهن ڪنهن وشواسي ناريءَ جي گھراڻي ۾ ڪي وڌوائون هجن، تہ اها ئي سندن پرگھور لهي. منڊليءَ تي انهن جو بار نہ پوڻ کپي، تہ جيئن منڊلي انهن وڌوائن جي پرگھور لهي سگھي جيڪي سچ پچ نڌڻڪيون آهن.


انهن جو وات بند ڪرڻ ضروري آهي، ڇاڪاڻ تہ اهڙا ماڻهو لالچ جي خاطر اهڙيون ڳالهيون سيکاري گھرن جا گھر بگاڙي ٿا ڇڏين، جيڪي کين نہ سيکارڻ گھرجن.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan