Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




1.تيمٿيس 5:25 - Hindu Sindhi Bible

25 ساڳيءَ طرح چڱا ڪم بہ صاف ظاهر ٿين ٿا ۽ جيڪي ظاهر نہ آهن سي بہ لڪل رهي نہ ٿا سگھن.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

25 انهيءَ طرح چڱا ڪم بہ ظاهر ٿا ٿين، ۽ جيڪي ظاهر نہ ٿيا آهن، سي بہ لڪل نہ رهندا.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Muslim Sindhi Bible

25 ساڳيءَ طرح چڱا ڪم بہ صاف ظاهر ٿين ٿا ۽ جيڪي ظاهر نہ آهن سي بہ لڪل رهي نہ ٿا سگھن.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Common Language New Testament

25 ساڳيءَ طرح چڱا ڪم بہ صاف ظاھر ٿا ٿين ۽ جيڪي ظاھر نہ آھن سي بہ لڪل نہ ٿا رھي سگھن.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




1.تيمٿيس 5:25
13 Iomraidhean Croise  

ساڳيءَ طرح اوهان جي روشني بہ ماڻهن اڳيان ائين چمڪي جو اهي اوهان جا چڱا ڪم ڏسي اوهان جي پتا جي مهما ڪن، جيڪو آڪاش تي آهي.“


”ڪوبہ ماڻهو ڏيئو ٻاري ان کي لڪائي يا ڍڪڻ هيٺان نہ ٿو رکي پر ڏياٽيءَ تي ٿو رکي، تہ جيئن اندر ايندڙن کي روشني ملي.


انهن وراڻيو تہ ”صوبيدار ڪُرنيليس اسان کي موڪليو آهي. هو هڪ نيڪ ۽ ايشور ڀڳت ماڻهو آهي ۽ يهودين جي سڄي قوم ۾ ڏاڍي ساراهہ اٿس. هن کي ايشور جي هڪڙي پوِتر دوت چيو آهي تہ هو تو کي پنهنجي گھر سڏائي تنهنجي واتان تنهنجيون ڳالهيون ٻڌي.“


اتي حننياہ نالي هڪڙو ماڻهو هو، جيڪو دمشق جي سڀني يهودين ۾ وڏي مانوارو ۽ موسيٰ جي نيم موجب ڌرمچاري هو.


يافا ۾ مسيح تي وشواس رکندڙ هڪڙي ناري رهندي هئي، جنهن جو نالو طبيٿا يعني دورڪاس هو. هوءَ گھڻا ئي نيڪ ڪم ۽ دان پُڃ ڪندي هئي.


اهڙيءَ طرح ايشور جي مهانتا ظاهر ڪرڻ ۽ سندس مهما لاءِ اوهين سچائيءَ جي انهيءَ ڦل سان ڀريل رهو، جيڪو يسوع مسيح جي وسيلي ملي ٿو.


انهيءَ کان علاوہ جيڪي منڊليءَ کان ٻاهر آهن، تن ۾ بہ هو نيڪ نام هجي، انهيءَ لاءِ تہ متان ڦٽڪار هيٺ اچي ۽ شيطان جي ڦندي ۾ ڦاسي پوي.


پوءِ مون آڪاش ۾ هڪڙو آواز ٻڌو جنهن چيو تہ ”اهو لک تہ ’سڀاڳا آهن اهي، جيڪي اڄ کان وٺي پرڀو يسوع جا ٿي ٿا مرن.‘“ پوِتر آتما چوي ٿي تہ ”هائو، اهي پنهنجي پورهين کان واندا ٿي آرام ڪندا، ڇاڪاڻ تہ اهي پنهنجي ڪمن جو نتيجو پاڻ سان کڻي ٿا وڃن.“


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan