Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




1.تيمٿيس 5:14 - Hindu Sindhi Bible

14 تنهنڪري آءٌ چاهيان ٿو تہ جوان وڌوائون شادي ڪن، ٻار ڄڻين ۽ پنهنجا گھر سنڀالين. اهڙيءَ طرح اهي ڪنهن مخالف کي اسان تي ڦٽ لعنت ڪرڻ جو وجھہ نہ ڏين.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

14 تنهنڪري منهنجي مرضي آهي تہ جوان بيوهہ زالون ڀلي تہ شادي ڪن، ۽ ٻار ڄڻين، ۽ گهر گهاٽ هلائين، ۽ دشمن کي گلا ڪرڻ جو وجهہ نہ ڏين:

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Muslim Sindhi Bible

14 تنهنڪري آءٌ چاهيان ٿو تہ جوان رنون‌زالون شادي ڪن، ٻار ڄڻين ۽ پنهنجا گھر سنڀالين. اهڙيءَ طرح اهي ڪنهن مخالف کي اسان تي ملامت ڪرڻ جو وجھہ نہ ڏين.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Common Language New Testament

14 تنھنڪري آءٌ جوان رنن⁠زالن کي صلاح ٿو ڏيان تہ ڀلي شادي ڪن، ٻار ڄڻين، پنھنجا گھر سنڀالين ۽ دشمن کي گلا ڪرڻ جو وجھہ نہ ڏين.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




1.تيمٿيس 5:14
19 Iomraidhean Croise  

تنهنڪري اسان کي گھرجي تہ اڳتي هڪٻئي کي ڏوهاري قرار نہ ڏيون، بلڪ اهو فيصلو ڪري ڇڏيون تہ اسان مان ڪوبہ ماڻهو ڪنهن ٻئي لاءِ ڪا اهڙي ڳالهہ نہ ڪندو، جيڪا سندس ٿاٻو کائڻ يا ڀَٽڪي وڃڻ جو سبب بڻجي.


اوهان تي بار نہ ٿيڻ بابت آءٌ جيڪي ڪجھہ ڪريان ٿو سو ڪندو رهندس، تہ جيئن موقعي جي تاڙ ۾ رهندڙن کي ڪوبہ موقعو نہ ڏيان جو اهي فخر سان چون تہ هو بہ اسان جهڙي ئي سيوا ڪن ٿا.


منهنجي مرضي آهي تہ مرد گڏجي هر ڀڳتيءَ ۾ ڪاوڙ ۽ تڪرار کان سواءِ پوِتر هٿن سان پرارٿنا ڪن.


اهڙا ماڻهو شادي ڪرڻ کان منع ٿا ڪن ۽ کاڌي وارين ڪن شين کان پرهيز ڪرڻ جو حڪم ٿا ڏين، جڏهن تہ اهي شيون ايشور انهيءَ لاءِ پيدا ڪيون آهن تہ جيڪي ماڻهو وشواس رکن ٿا ۽ سچ کي سڃاڻين ٿا سي انهن کي شڪرگذاريءَ سان کائين.


پر جوان وڌوائن کي انهيءَ ياداشت نامي ۾ داخل نہ ڪيو وڃي، ڇاڪاڻ تہ جڏهن انهن مان ڪي پنهنجي شرير جي خواهشن جي وس هيٺ ٿي ڪري شادي ڪرڻ گھرن ٿيون، تڏهن ياداشت نامي ۾ داخلا وقت مسيح سان ڪيل وچن ٽوڙي پاپي قرار ڏنو وڃڻ جو سبب ٿيون بڻجن.


جيڪي وشواسي غلاميءَ جي پاڃاريءَ ۾ آهن، سي پنهنجن مالڪن کي پوري مان‌سمان جي لائق سمجھن، انهيءَ لاءِ تہ ايشور جي نالي جي ۽ اسان جي سکيا جي بدنامي نہ ٿئي.


سمجھُو ۽ پوِتر هجن، گھر سنڀاليندڙ، ڪرپالو ۽ پنهنجن پتين جي وس هيٺ هجن، تہ جيئن ايشور جي سنديش جي بدنامي نہ ٿئي.


اهڙي صحيح سکيا ڏي جيڪا ڦٽڪار جوڳي نہ هجي، انهيءَ لاءِ تہ مخالف ماڻهو اسان تي تهمت هڻڻ جو ڪوبہ سبب نہ ڏسي شرمندا ٿين.


سڀني ماڻهن جي نظر ۾ شادي مانائتي ڳالهہ هئڻ کپي ۽ پتي پتنيءَ کي هڪٻئي سان وفادار هئڻ گھرجي. ياد رکو، ايشور حرامڪارن ۽ زناڪارن جي خلاف فيصلو جاري ڪندو.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan