1.تيمٿيس 4:8 - Hindu Sindhi Bible8 انهيءَ جو سبب اهو آهي تہ شرير جي پرورش مان تہ ڪو ٿورو فائدو آهي، پر ڌرمچاري سڀني ڳالهين لاءِ فائدي واري آهي. هائو، هاڻوڪي ۽ آئيندہ جيون جي لاءِ وچن بہ انهيءَ جي ڪري ٿيل آهي. Faic an caibideilSindhi Bible8 ڇالاءِ جو جسماني ورزش مان ڪو ٿورو ئي فائدو آهي؛ پر دينداري سڀني ڳالهين لاءِ فائدي واري آهي، ڇالاءِ جو حال ۽ استقبال جي حياتيءَ جو واعدو بہ انهي ڳالهہ ۾ آهي. Faic an caibideilMuslim Sindhi Bible8 انهيءَ جو سبب اهو آهي تہ جسم جي پرورش مان تہ ڪو ٿورو فائدو آهي، پر دينداري سڀني ڳالهين لاءِ فائدي واري آهي. هائو، هاڻوڪي ۽ آئيندہ زندگيءَ جي لاءِ واعدو بہ انهيءَ جي ڪري ٿيل آهي. Faic an caibideilCommon Language New Testament8 ڇالاءِجو جسماني ورزش مان ڪو ٿورو فائدو آھي، پر دينداري سڀني ڳالھين لاءِ فائدي واري آھي. انھيءَ ڪري جو ھاڻوڪي ۽ آئيندہ زندگيءَ جو واعدو بہ انھيءَ جي ڪري ٿيل آھي. Faic an caibideil |
جيڪو آزمائشن تي حاوي پوندو، تنهن کي آءٌ پنهنجي ايشور جي هيڪل جو اهڙو ٿنڀو بڻائيندس جيڪو اتي هميشہ تائين قائم رهندو. آءٌ انهيءَ تي پنهنجي ايشور جو نالو ۽ پنهنجي ايشور جي شهر، يعني انهيءَ نئين يروشلم جو نالو اڪريندس، جيڪو منهنجي ايشور وٽان آڪاش کان هيٺ لهي اچڻ وارو آهي. آءٌ پنهنجو نئون نالو بہ انهيءَ ٿنڀي تي اڪريندس.