Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




1.تيمٿيس 4:14 - Hindu Sindhi Bible

14 جيڪو وردان تو کي ايشور جي فرمان جي وسيلي وشواسي منڊليءَ جي اڳواڻن جي هٿن رکڻ سان مليو هو، تنهن کان لاپرواهي نہ ڪر.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

14 جيڪا بخشش توکي نبوت جي وسيلي، بزرگن جي هٿن رکڻ سان ملي، تنهن کان غافل نہ رهہ.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Muslim Sindhi Bible

14 جيڪا نعمت تو کي خدا جي فرمان جي وسيلي ڪليسيا جي اڳواڻن جي هٿن رکڻ سان ملي هئي، تنهن کان غافل نہ رهہ.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Common Language New Testament

14 جيڪا نعمت تو کي نبوت واري پيغام جي وسيلي بزرگن جي ھٿن رکڻ سان ملي ھئي، تنھن کان غافل نہ رھہ.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




1.تيمٿيس 4:14
18 Iomraidhean Croise  

سو هنن ائين ئي ڪيو ۽ اها امداد برنباس ۽ سائول جي هٿان اتان جي منڊليءَ جي اڳواڻن ڏانهن ڏياري موڪليائون.


سو جڏهن هو وِرت سان پرارٿنا ڪري چڪا، تڏهن هنن برنباس ۽ سائول تي هٿ رکي مخصوص ڪري کين روانو ڪيو.


تڏهن پولس پنهنجا هٿ انهن تي رکيا تہ پوِتر آتما مٿن پرگھٽ ٿي ۽ هو جدا جدا ٻوليون ڳالهائڻ ۽ ايشور جو سنديش ٻڌائڻ لڳا.


وڏو سردار ڪاهن بلڪ يهودين جي سڄي پئنچائت هن ڳالهہ جي شاهدي ڏيئي سگھي ٿي تہ آءٌ سچ ٿو ڳالهايان. انهن ئي مون کي دمشق جي يهودي ڀائرن لاءِ خط لکي ڏنا، جيڪي کڻي آءٌ اوڏانهن روانو ٿيس تہ جيئن اتي بہ يسوع جي رستي تي هلڻ وارن کي ٻڌي يروشلم ۾ سزا ڏيارڻ لاءِ وٺي اچان.“


منڊليءَ وارن انهن کي سنتن جي اڳيان حاضر ڪيو، جن پرارٿنا ڪئي ۽ انهن تي پنهنجا هٿ رکي کين مخصوص ڪيو.


پوءِ پطرس ۽ يوحنا انهن تي پنهنجا هٿ رکيا تہ کين پوِتر آتما ملي ويئي.


پوِتر آتما جي رهنمائيءَ کي نہ دٻايو.


اي منهنجا پٽ تيمٿيس! تو بابت ايشور جي اڳي ڏنل فرمانن موجب آءٌ تو کي اهو حڪم ٿو ڏيان تہ تون انهن تي عمل ڪندي چڱي ويڙهہ وڙهندو رهہ ۽ پنهنجي وشواس ۽ صاف ضمير کي قائم رک.


انهن ڳالهين تي ڌيان ڏي ۽ پاڻ کي انهن جي لاءِ وقف ڪري ڇڏ، تہ جيئن هر ڪنهن ماڻهوءَ تي تنهنجي ترقي ظاهر ٿئي.


جيڪي اڳواڻ منڊليءَ جي چڱيءَ طرح سنڀال ٿا ڪن، خاص ڪري اهي جيڪي پرچار ڪرڻ ۽ سکيا ڏيڻ جو ڪم محنت سان ٿا ڪن، سي مان‌سمان سان گڏ مدد جي لائق بہ سمجھيا وڃن.


ڪنهن اڳواڻ تي ڪا تهمت لڳي تہ اها ٻن يا ٽن شاهدن کان سواءِ نہ ٻڌجانءِ.


ڪنهن ماڻهوءَ کي سيوا لاءِ مقرر ڪرڻ ۾ اُٻهرو نہ ٿجانءِ ۽ نہ وري ٻين جي پاپن ۾ شريڪ ٿجانءِ. مطلب تہ پنهنجو پاڻ کي هر الزام کان پوِتر رکجانءِ.


تون وشواس جي ويڙهہ چڱيءَ طرح وڙهہ ۽ امر جيون کي هٿ ڪر، جنهن جي لاءِ تون سڏيو ويو هئين ۽ گھڻن شاهدن جي روبرو تو چڱو اقرار ڪيو هو.


انهيءَ سبب آءٌ تو کي ياد ٿو ڏياريان تہ تون پاڻ ۾ موجود ايشور جي انهيءَ وردان کي شعلي وانگر ڀڙڪاءِ، جيڪو منهنجي هٿن رکڻ جي وسيلي تو کي مليل آهي.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan