Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




1.تيمٿيس 3:5 - Hindu Sindhi Bible

5 ڏسو، جيڪڏهن ڪو ماڻهو پنهنجو گھر ئي سنڀالي نہ ٿو سگھي تہ اهو ايشور جي منڊليءَ جي سار سنڀال ڪيئن ڪري سگھندو؟

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

5 (پر جيڪڏهن ڪنهن ماڻهوءَ کي خود پنهنجي گهر هلائڻ جي خبر نہ آهي، تہ اهو خدا جي ڪليسيا جي ڪهڙي سنڀال ڪري سگهندو؟)

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Muslim Sindhi Bible

5 ڏسو، جيڪڏهن ڪو ماڻهو پنهنجو گھر ئي سنڀالي نہ ٿو سگھي تہ اهو خدا جي ڪليسيا جي سار سنڀال ڪيئن ڪري سگھندو؟

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Common Language New Testament

5 پر جيڪڏھن ڪنھن ماڻھوءَ کي پنھنجي گھر سنڀالڻ جي خبر ناھي تہ اھو خدا جي ڪليسيا جو ڪھڙو بندوبست رکي سگھندو؟

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




1.تيمٿيس 3:5
8 Iomraidhean Croise  

اوهين پاڻ سان گڏ انهيءَ سڄي ڌڻ جي سنڀال ڪجو، جنهن لاءِ پوِتر آتما اوهان کي ڌنار مقرر ڪيو آهي. سو ايشور جي انهيءَ منڊليءَ کي سنڀاليندا رهجو، جيڪا هن پنهنجي پٽ جي رت سان خريد ڪئي آهي.


اوهين ڪنهن جي بہ ڀَٽڪڻ جو سبب نہ بڻجو، توڙي جو اهي يهودي هجن يا غير قوم وارا يا ايشور جي منڊلي.


اهڙيءَ طرح ايشور سڀ ڪجھہ مسيح جي پيرن هيٺ ڪري کيس سڀني جو مٿو بڻايو. اهو ايشور وشواسي منڊليءَ جي لاءِ ڪيو،


سو جيئن منڊلي مسيح جي وس هيٺ آهي، تيئن پتنين کي بہ هر ڳالهہ ۾ پنهنجن پتين جي وس هيٺ رهڻ گھرجي.


اهو هڪڙو وڏو ڀيد آهي. پر هتي آءٌ چوان ٿو تہ انهيءَ ڀيد جو واسطو مسيح ۽ منڊليءَ سان آهي.


جو جيڪڏهن مون کي اچڻ ۾ دير ٿئي تہ هنن هدايتن مان تون ڄاڻي وٺجانءِ تہ ايشور جو گھراڻو جيڪو جيوت ايشور جي منڊلي ۽ سچ جو ٿنڀو ۽ بنياد آهي، تنهن ۾ ماڻهن کي ڪهڙيءَ طرح هلت چلت ڪرڻ کپي.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan