Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




1.تيمٿيس 3:4 - Hindu Sindhi Bible

4 هو پنهنجي گھر جو چڱيءَ طرح سنڀاليندڙ ۽ پنهنجي ٻارن کي پوري سنجيدگيءَ سان وس هيٺ رکڻ وارو هجي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

4 پنهنجي گهر جو پوريءَ طرح بندوبست رکڻ وارو ۽ پنهنجن ٻارن کي تمام سنجيدگيءَ سان تابع رکڻ وارو هجي؛

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Muslim Sindhi Bible

4 هو پنهنجي گھر جو چڱيءَ طرح سنڀاليندڙ ۽ پنهنجي ٻارن کي پوري سنجيدگيءَ سان تابع رکڻ وارو هجي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Common Language New Testament

4 ھو پنھنجي گھر جو چڱيءَ طرح سنڀاليندڙ ۽ پنھنجي ٻارن کي پوري سنجيدگيءَ سان تابع رکڻ وارو ھجي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




1.تيمٿيس 3:4
10 Iomraidhean Croise  

هو ۽ هن جو سڄو ڪٽنب ڌرمچاري ۽ ايشور جو خوف رکندڙ هو. غريب يهودين جي هو ڏاڍي مدد ڪندو هو ۽ هر وقت ايشور کي پيو پرارٿنا ڪندو هو.


سو جيئن منڊلي مسيح جي وس هيٺ آهي، تيئن پتنين کي بہ هر ڳالهہ ۾ پنهنجن پتين جي وس هيٺ رهڻ گھرجي.


هاڻي اي ڀائرو ۽ ڀينرون! جيڪي بہ ڳالهيون سچيون آهن، جيڪي بہ ڳالهيون شرافت جهڙيون آهن، جيڪي بہ ڳالهيون صحيح آهن، جيڪي بہ ڳالهيون پوِتر آهن، جيڪي بہ ڳالهيون وڻندڙ آهن، جيڪي بہ ڳالهيون من کي موهيندڙ آهن، مطلب تہ جيڪي بہ نيڪيءَ واريون ۽ ساراهہ جي لائق ڳالهيون آهن انهن تي ويچار ڪندا رهجو.


هر هڪ سيوڪ پنهنجي پتنيءَ سان وفادار هجي ۽ پنهنجن ٻارن ۽ پنهنجي گھر جي چڱيءَ طرح سنڀال ڪندڙ هجي.


هر اڳواڻ اهڙو هجي جنهن تي ڪو الزام نہ هجي ۽ هو پنهنجي پتنيءَ سان وفادار هجي. هن جي ٻارن جي هلت چلت وشواسين جي لائق هجي ۽ بدچاليءَ ۽ گستاخيءَ جي تهمت کان پوِتر هجن.


پوڙهن مردن کي سمجھاءِ تہ اهي مانائتي ڪردار وارا، سمجھُو ۽ پرهيزگار رهن ۽ پوري وشواس، پريم ۽ ثابت قدميءَ سان جيون گذارين.


تون پاڻ سڀني ڳالهين ۾ چڱا ڪم ڪري انهن لاءِ نمونو بڻجي ڏيکار. تنهنجي سکيا ڏيڻ مان ايمانداري ۽ سنجيدگي ظاهر ٿئي.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan