Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




1.تيمٿيس 1:7 - Hindu Sindhi Bible

7 اهي نيم شاستري تہ ٿيڻ چاهين ٿا، پر جيڪي ڳالهيون هو ڪن ٿا ۽ انهن بابت ڄاڻڻ جي وڏي يقين سان دعويٰ ٿا ڪن تن کي هو سمجھن ئي ڪونہ ٿا.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

7 انهي ارادي سان تہ شريعت جا تعليم ڏيندڙ ٿين، جيتوڻيڪ هو جيڪي پاڻ چون ٿا يا جنهن بابت يقين سان ڳالهائين ٿا، سو سمجهن بہ نٿا.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Muslim Sindhi Bible

7 اهي شريعت جا عالم تہ ٿيڻ چاهين ٿا، پر جيڪي ڳالهيون هو ڪن ٿا ۽ انهن بابت ڄاڻڻ جي وڏي يقين سان دعويٰ ٿا ڪن تن کي هو سمجھن ئي ڪونہ ٿا.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Common Language New Testament

7 اھي شريعت جا عالم تہ ٿيڻ چاھين ٿا، پر کين اھا بہ خبر ڪانھي تہ ھو ڇا بابت ٿا ڳالھائين ۽ ڪھڙين ڳالھين جي وڏي يقين سان دعويٰ ٿا ڪن.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




1.تيمٿيس 1:7
20 Iomraidhean Croise  

سو اوهين انهن کي ڇڏي ڏيو، ڇاڪاڻ تہ هو انڌن جا انڌا اڳواڻ آهن. هاڻي جيڪڏهن انڌو انڌي جي اڳواڻي ڪندو تہ ٻئي وڃي کڏ ۾ ڪرندا.“


تنهنڪري انهن يسوع کي جواب ڏنو تہ ”اسان کي سڌ نہ آهي.“ تنهن تي هن انهن کي چيو تہ ”پوءِ آءٌ بہ نہ ٻڌائيندس تہ ڪهڙي اختياريءَ سان هي ڪم پيو ڪريان.“


ٽئين ڏينهن تي هنن يسوع کي هيڪل ۾ لڌو، جتي هو يهودي شاسترين سان ويٺو هو ۽ انهن جون ڳالهيون ٻڌي ساڻن سوال جواب پئي ڪيائين.


ان وقت يهوديہ کان ڪي ماڻهو انهيءَ انطاڪيا شهر آيا ۽ مسيح تي وشواس رکندڙن کي هيءَ سکيا ڏيڻ لڳا تہ ”جيستائين اوهين موسيٰ جي نيم موجب ختنو نہ ڪرائيندا، تيستائين اوهان کي مڪتي ملي نہ سگھندي.“


هنن دعويٰ ٿي ڪئي تہ ”اسين سياڻا آهيون،“ پر مورک ثابت ٿيا.


آءٌ اوهان کان رڳو ايترو پڇڻ ٿو گھران تہ پوِتر آتما اوهان کي خوشخبري ٻڌي وشواس آڻڻ ڪري ملي يا نيم تي عمل ڪرڻ ڪري؟


ڇا نيم تي عمل ڪرڻ ڪري ايشور اوهان کي پوِتر آتما بخشي ٿو ۽ اوهان ۾ چمتڪار ٿو ڪري؟ هرگز نہ، بلڪ انهيءَ لاءِ تہ اوهان مسيح بابت خوشخبري ٻڌي وشواس آندو آهي.


اوهين جيڪي موسيٰ جي نيم جي وس هيٺ رهڻ ٿا گھرو، سي مون کي ٻڌايو تہ اوهين نيم جون ڳالهيون نہ ٿا ٻڌو ڇا؟


تہ اهو مغرور آهي ۽ ڪجھہ بہ نہ ٿو ڄاڻي. هن کي بحث مباحثي ۽ ڳالهہ ڳالهہ تي تڪرار ڪرڻ جو مرض آهي، جنهن جي نتيجي ۾ ساڙ، جھيڙا، گلاخوري ۽ شڪ شبها پيدا ٿين ٿا.


اهي هميشہ نيون نيون ڳالهيون تہ سکنديون رهن ٿيون، پر سچ جي سڃاڻپ تائين ڪڏهن بہ نہ ٿيون پهچن.


اي منهنجا ڀائرو ۽ ڀينرون! اوهان مان گھڻا سکيا ڏيندڙ ٿيڻ جي ڪوشش نہ ڪن، ڇاڪاڻ تہ اوهين ڄاڻو ٿا تہ اسين جيڪي سکيا ڏيندڙ آهيون تن جي عدالت وڌيڪ سختيءَ سان ڪئي ويندي.


انهن ڪوڙي سکيا ڏيندڙن جي فطرت بي‌عقل جانورن وانگر آهي، جيڪي رڳو پڪڙجڻ ۽ ناس ٿيڻ لاءِ پيدا ٿيا آهن. اهي ماڻهو جن ڳالهين کان اڻ‌ڄاڻ آهن تن جي باري ۾ گھٽ وڌ ٿا ڳالهائين. جانورن وانگر اهي بہ ناس ٿي ويندا.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan