Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




1.تيمٿيس 1:19 - Hindu Sindhi Bible

19 ڪن ماڻهن پنهنجي ضمير کي ڇڏي پنهنجي وشواس جي ٻيڙي ٻوڙي ڇڏي آهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

19 ۽ ايمان ۽ نيڪ ضمير تي قائم رهہ، جنهن کي ڪن ماڻهن ڇڏي پنهنجي ايمان جي ٻيڙي ٻوڙي ڇڏي آهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Muslim Sindhi Bible

19 ڪن ماڻهن پنهنجي ضمير کي ڇڏي پنهنجي ايمان جي ٻيڙي ٻوڙي ڇڏي آهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Common Language New Testament

19 ڪن ماڻھن ضمير کي ڇڏي پنھنجي ايمان جي ٻيڙي ٻوڙي ڇڏي آھي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




1.تيمٿيس 1:19
25 Iomraidhean Croise  

ڇا اوهان مان ڪو ڳڻتيون ڪرڻ سان پنهنجي جيون جو هڪڙو منٽ بہ وڌائي سگھي ٿو؟


۽ حقيقت ۾ اوهان جي وچ ۾ ڏڦيڙ بہ ضرور هوندا تہ جيئن اهو صاف ظاهر ٿئي تہ اوهان مان ڪير سچا آهن.


اوهين جيڪي نيم جي وسيلي ايشور وٽ سچار طور قبول پوڻ جي ڪوشش ٿا ڪريو، سي مسيح کان جدا ۽ ايشور جي ڪرپا کان محروم ٿي ويا آهيو.


منهنجي انهيءَ حڪم جو مقصد اهو پريم پيدا ڪرڻ آهي، جيڪو نيڪ نيتيءَ، صاف‌دليءَ ۽ سچي وشواس مان پيدا ٿئي ٿو.


اهي وشواس وارين ظاهر ڪيل ڳالهين کي صاف ضمير سان سنڀالي رکن.


تون وشواس جي ويڙهہ چڱيءَ طرح وڙهہ ۽ امر جيون کي هٿ ڪر، جنهن جي لاءِ تون سڏيو ويو هئين ۽ گھڻن شاهدن جي روبرو تو چڱو اقرار ڪيو هو.


ڪي ماڻهو اهڙي گيان جا ماهر هئڻ جي دعويٰ ڪري وشواس کان ڀَٽڪي ويا آهن. اوهان سڀني تي ڪرپا ٿيندي رهي.


پر جيڪي ماڻهو دولتمند ٿيڻ ٿا گھرن، سي آزمائش ۾ پون ٿا ۽ گھڻين ئي مورکتا ۽ نقصان وارين خواهشن جي ڦندي ۾ ڦاسجي تباهيءَ ۽ برباديءَ ۾ غرق ٿي وڃن ٿا.


اهي سچ کان ڀَٽڪي چون ٿا تہ مئلن جو جيوت ٿي اٿڻ اڳي ئي ٿي چڪو آهي. ائين اهي ڪن ماڻهن جو وشواس بگاڙين ٿا.


اهي سچ ٻڌڻ کان پنهنجا ڪن بند ڪري هٿرادو ڪهاڻين ڏانهن ڌيان ڏيندا.


هن لاءِ لازمي آهي تہ جيڪو ڀروسي وارو سنديش سيکاريو وڃي ٿو تنهن تي قائم رهي، تہ جيئن هو صحيح سکيا سان ٻين کي نصيحت ڪري سگھي ۽ مخالفن جو وات بہ بند ڪري سگھي.


انهيءَ جو سبب هي آهي تہ اسين مسيح جا ساٿي ٿي ويا آهيون، بشرطيڪ اسين پنهنجي شروع واري اعتماد تي پڇاڙيءَ تائين مضبوطيءَ سان قائم رهون.


مسيح جا اهي مخالف نڪتا تہ اسان منجھان ئي آهن، پر حقيقت ۾ اهي اسان منجھان نہ هئا، ڇاڪاڻ تہ جيڪڏهن هو اسان منجھان هجن ها تہ اسان سان گڏ رهن ها. هنن جو اسان کي ڇڏي وڃڻ اهو ثابت ڪري ٿو تہ انهن مان ڪنهن جو بہ اسان سان ڪو واسطو ڪونہ هو.


جيئن تہ اوهين منهنجي حڪم مطابق ثابت قدم رهيا آهيو، تنهنڪري آءٌ آزمائش جي انهيءَ گھڙيءَ ۾ اوهان جي سنڀال ڪندس، جيڪا ڌرتيءَ تي رهڻ وارن جي آزمائش لاءِ سڄي سنسار تي اچڻي آهي.


تنهنڪري پنهنجو اهو جذبو ياد ڪريو جيڪو اوهان کي سنديش قبول ڪرڻ وقت هو. انهيءَ سکيا تي عمل ڪريو ۽ توبهہ‌تائب ٿيو. جيڪڏهن اوهين سجاڳ نہ ٿيندا تہ آءٌ چور وانگر ايندس. هائو، اوهان کي سڌ ئي ڪانہ پوندي تہ آءٌ ڪهڙي وقت اچي اوهان جي مٿان ڪڙڪندس.


”مون کي اوهان جي عملن جي ڄاڻ آهي ۽ ڄاڻان ٿو تہ اوهان ۾ طاقت ٿوري آهي. تنهن هوندي بہ اوهان منهنجي سنديش تي عمل ڪيو ۽ منهنجي نالي جو انڪار ڪين ڪيو. سو مون اوهان جي اڳيان هڪڙو دروازو کولي ڇڏيو آهي، جنهن کي ڪوبہ بند ڪري نہ ٿو سگھي.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan