Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




1.تيمٿيس 1:13 - Hindu Sindhi Bible

13 جيتوڻيڪ آءٌ اڳي يسوع مسيح جي نندا ڪندڙ ۽ سندس شان ۾ گھٽ وڌ ڳالهائيندڙ هئس ۽ وشواسين کي ستائيندو هئس، تنهن هوندي بہ ايشور مون تي ديا ڪئي، ڇاڪاڻ تہ مون جيڪي ڪجھہ ڪيو سو وشواس نہ آڻڻ جي حالت ۾ اڻ‌ڄاڻائيءَ ڪري ڪيو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

13 جيتوڻيڪ اڳي آئون ڪفر بڪندڙ ۽ ستائيندڙ ۽ سندس بي عزتي ڪندڙ هوس: تنهن هوندي بہ مون تي رحم ڪيو ويو، ڇالاءِ جو مون بي ايمانيءَ جي حالت ۾ اڻ ڄاڻائي ڪري اهي ڪم ڪيا؛

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Muslim Sindhi Bible

13 جيتوڻيڪ آءٌ اڳي عيسيٰ مسيح بابت ڪفر بڪندڙ ۽ گستاخ هئس ۽ ايمان وارن کي ستائيندو هئس، تنهن هوندي بہ خدا مون تي رحم ڪيو، ڇاڪاڻ تہ مون جيڪي ڪجھہ ڪيو سو ايمان نہ آڻڻ جي حالت ۾ اڻ‌ڄاڻائيءَ ڪري ڪيو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Common Language New Testament

13 جيتوڻيڪ آءٌ اڳي ڪفر بڪندڙ، ستائيندڙ ۽ بي⁠عزت ڪندڙ ھوس، تنھن ھوندي بہ مون تي رحم ٿيو، ڇالاءِ⁠جو مون جيڪي ڪجھہ ڪيو سو ايمان نہ ھئڻ سبب ۽ اڻ⁠ڄاڻائيءَ ڪري ڪيو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




1.تيمٿيس 1:13
25 Iomraidhean Croise  

اهو نوڪر جنهن پنهنجي مالڪ جا اصول ڄاڻيندي بہ تياري نہ ڪئي، نڪي سندس حڪمن موجب هليو، تنهن کي ڏاڍي مار ملندي.


يسوع چيو تہ ”اي پتا! هنن کي بخش، ڇاڪاڻ تہ هي نہ ٿا ڄاڻن تہ هو ڇا ڪري رهيا آهن.“ پوءِ اهي هن جا ڪپڙا پاڻ ۾ ورهائڻ لاءِ پُکا وجھڻ لڳا.


انهيءَ ڪري آءٌ يسوع جي رستي تي هلڻ وارن ڪيترن ئي مردن توڙي نارين کي ٻڌرائي جيلن ۾ وجھرائيندو هئس. مون کين ايتري قدر ستايو جو ڪن کي مارائي بہ ڇڏيو هو.


اي ڀائرو ۽ ڀينرون! هاڻي آءٌ ڄاڻان ٿو تہ اوهان ۽ اوهان جي اڳواڻن جيڪي ڪجھہ يسوع سان ڪيو، سو اڻ‌ڄاڻائيءَ جي ڪري ڪيو.


سائول منڊليءَ کي تباهہ ڪندو رهيو ۽ گھر گھر ۾ گھڙي وشواسي مردن توڙي نارين کي گهلي جيل ۾ وجھرائيندو رهيو.


هوڏانهن سائول اڃا تائين پرڀو يسوع جي پوئلڳن کي ڌمڪائيندي کين قتل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو ٿي رهيو. سو هو وڏي سردار ڪاهن وٽ ويو


پر حننياہ چيس تہ ”اي پرڀو! ڪيترن ئي ماڻهن مون کي انهيءَ شخص بابت ٻڌايو آهي تہ هن تو تي وشواس رکندڙن سان يروشلم ۾ ڪيڏيون نہ جٺيون ڪيون آهن.


هن پڇيس تہ ”اي سوامي! اوهين ڪير آهيو؟“ آواز آيس تہ ”آءٌ يسوع آهيان، جنهن کي تون ستائين ٿو.


آءٌ تہ خوشخبري ٻڌائيندڙ سنتن ۾ سڀني کان گھٽ آهيان، بلڪ سنت سڏجڻ جي بہ لائق نہ آهيان، ڇاڪاڻ تہ ايشور جي منڊليءَ کي ستايو هئم.


ڪنوارو رهڻ يا نہ رهڻ بابت مون کي پرميشور جو ڪوبہ حڪم مليل ڪونهي، پر آءٌ، جنهن تي پرميشور پنهنجي ديا پرگھٽ ڪئي آهي سو ڀروسي جوڳو هئڻ جي حيثيت سان پنهنجي راءِ ٿو ڏيان.


اوهين مون بابت تہ ٻڌي چڪا آهيو تہ جڏهن آءٌ يهودي ڌرم جو پابند هئس تہ منهنجي ڪهڙي هلت چلت هئي. آءٌ ايشور جي منڊليءَ کي حد کان وڌيڪ ستائيندو هئس ۽ ان کي برباد ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو هئس.


ڌرمي غيرت جي لحاظ کان آءٌ وشواسي منڊليءَ جو ستائيندڙ هئس ۽ جيڪڏهن يهودين جي نيم طور سچي هئڻ جو ڪو سوال آهي تہ ان لحاظ کان آءٌ بي‌داغ هئس.


انهيءَ سبب ئي ايشور مون تي ديا ڪئي تہ جيئن يسوع مسيح مون وڏي پاپيءَ ۾ پنهنجي پوري پوري بردباري ظاهر ڪري مون کي انهن لاءِ نمونو بڻائي جيڪي پوءِ مٿس وشواس آڻي امر جيون حاصل ڪندا.


تنهنڪري اچو تہ دليريءَ سان ايشور جي ڪرپا واري تخت جي ويجھو هلون، تہ جيئن هو اسان تي ديا ڪري ۽ اسان کي اها ڪرپا بخشي جيڪا ضرورت جي وقت اسان جي مدد ڪري.


اڳي اوهين ڇڙوڇڙ هئا، پر هاڻي اوهين ايشور جي قوم آهيو. اڳي اوهان تي ديا ڪونہ ٿي هئي، پر هاڻي ايشور جي ديا ٿي اٿوَ.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan