Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




1.ٿسلونيڪين 5:3 - Hindu Sindhi Bible

3 جنهن وقت ماڻهو چوندا هوندا تہ ”ڪو ڊپ ڪونهي، اسين محفوظ آهيون،“ انهيءَ وقت اوچتو ئي اوچتو مٿن تباهي ائين اچي پرگھٽ ٿيندي جيئن پيٽ واري ناريءَ کي سور ٿيڻ لڳندا آهن. تڏهن اهي هرگز نہ بچندا.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

3 جڏهن ماڻهو پيا چوندا تہ اطمينان ۽ سلامتي آهي، تڏهن جيئن حاملہ زال کي سور لڳندا آهن، تيئن اوچتو ئي اوچتو موت اچي مٿان ڪڙڪندو؛ ۽ ڪو وسيلو ڪونہ ٿيندو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Muslim Sindhi Bible

3 جنهن وقت ماڻهو چوندا هوندا تہ ”ڪو ڊپ ڪونهي، اسين محفوظ آهيون،“ انهيءَ وقت اوچتو ئي اوچتو مٿن تباهي ائين اچي نازل ٿيندي جيئن پيٽ واري عورت کي سور ٿيڻ لڳندا آهن. تڏهن اهي هرگز نہ بچندا.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Common Language New Testament

3 جنھن وقت ماڻھو پيا چوندا تہ امن ۽ سلامتي آھي، انھيءَ وقت جيئن پيٽ واري عورت کي سور ٿيندا آھن تيئن اوچتو ئي اوچتو مٿن تباھي اچي نازل ٿيندي ۽ اھي ھرگز نہ بچندا.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




1.ٿسلونيڪين 5:3
48 Iomraidhean Croise  

اي نانگ جا ٻچؤ! اي ڪاريهر نانگؤ! اوهين نرڳ جي سزا کان ڪيئن بچي سگھندا؟


جڏهن ناري ٻار ڄڻڻ تي هوندي آهي تڏهن هوءَ سورن ۾ هوندي آهي، ڇاڪاڻ تہ اها هن جي لاءِ سورن جي گھڙي آهي. پر جڏهن ٻار پيدا ٿيندو آهي تڏهن کانئس سڀ سور وسري ويندا آهن، ڇاڪاڻ تہ هوءَ خوش ٿيندي آهي تہ هن هڪ ٻار کي سنسار ۾ جنم ڏنو آهي.


’اوهين، جيڪي ڌڪاريو ٿا، سي ڏسي عجب ۾ پئجي ويندا ۽ برباد ٿي ويندا، ڇاڪاڻ تہ آءٌ اوهان جي زماني ۾ هڪڙو اهڙو ڪم ڪندس، جو جيڪڏهن ڪو اوهان کي بيان ڪري ٻڌائي تہ اوهين مٿس ڪڏهن بہ وشواس نہ ڪندا.‘“


اهي پرڀو يسوع جي شرڻ کان ۽ سندس شڪتيءَ جي مهانتا کان پري رهي هميشہ واري برباديءَ جي سزا ڀوڳيندا.


اوهين ايشور جي انهن پهريتن يعني چونڊي پوِتر ڪيلن جي منڊليءَ ۾ آيا آهيو، جن جا نالا ايشور وٽ آڪاش تي لکيل آهن. اوهين سڄي مخلوق جي انصاف ڪندڙ ايشور وٽ آيا آهيو. اوهين ايشور آڏو ڪامل ڪيل سچارن جي آتمائن وٽ آيا آهيو.


تہ پوءِ هيڏي مهان مڪتيءَ کان جيڪڏهن اسين لاپرواهہ رهياسين تہ ڪيئن بچي سگھنداسين؟ انهيءَ مڪتيءَ جو اعلان پهريائين خود پرڀو يسوع ڪيو ۽ پوءِ جن ماڻهن اهو ٻڌو تن اسان کي ثابتي ڏيئي انهيءَ سچائيءَ جي شاهدي ڏني.


انهيءَ لاءِ هي مثال ڏسو تہ ايشور انهن دوتن کي بہ نہ بخشيو جن پاپ ڪيو، بلڪ کين پاتال ۾ وجھي اونداهين غارن ۾ بند ڪري ڇڏيائين، انهيءَ لاءِ تہ عدالت جي ڏينهن تائين قيد ۾ رهن.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan