Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




1.ٿسلونيڪين 4:5 - Hindu Sindhi Bible

5 يعني انهن قومن وانگر پنهنجو جيون شهوت‌پرستيءَ ۾ نہ گذاري، جيڪي ايشور کي نہ ٿيون ڄاڻين.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

5 نہ شهوت جي جوش ۾، جيئن ڪ غير قوم وارا ڪندا آهن، جي خدا کي نٿا سڃاڻن؛

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Muslim Sindhi Bible

5 يعني انهن قومن وانگر پنهنجي زندگي شهوت‌پرستيءَ ۾ نہ گذاري، جيڪي خدا کي نہ ٿيون ڄاڻين.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Common Language New Testament

5 يعني شھوت جي جوش ۾ انھن قومن وانگر نہ گذاريو، جيڪي خدا کي نہ ٿيون سڃاڻين.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




1.ٿسلونيڪين 4:5
17 Iomraidhean Croise  

غير وشواسي انهن شين جي ڳولا ۾ هوندا آهن، جڏهن تہ اوهان جو آڪاش وارو پتا ڄاڻي ٿو تہ اوهان کي هي سڀ شيون گھرجن.


بيشڪ سنسار جون قومون انهن سڀني شين جي ڳولا ۾ هونديون آهن. پر اوهان جو پتا ڄاڻي ٿو تہ اوهان کي ڪهڙين شين جي ضرورت آهي.


جيڪو مون گھمندي گھمندي اوهان جي ڀڳتيءَ وارين شين تي غور ڪري ڏٺو آهي. مون ٻليدان واري هڪڙي جاءِ ڏٺي جنهن تي لکيل هو تہ ’اڻڄاتل ديوتا جي لاءِ.‘ سو اوهين ڄاڻڻ سڃاڻڻ کان سواءِ جنهن جي ڀڳتي ٿا ڪريو، تنهن جي ئي آءٌ اوهان کي خبر ٿو ڏيان.


سو ايشور انهن کي سندن دلين جي خواهشن موجب گندين عادتن ۾ ڇڏي ڏنو، تہ ڀلي جيئن وڻين تيئن پاڻ ۾ هڪٻئي سان بي‌حيائيءَ وارا ڪم پيا ڪن.


تنهنڪري ايشور انهن کي سندن شرمناڪ خواهشن ۾ ڇڏي ڏنو، ايتري قدر جو انهن جون ناريون پنهنجو فطري ڪم ڇڏي پاڻ ۾ هڪٻئي سان بدفعلي ڪرڻ لڳيون.


جهڙيءَ طرح هنن ايشور کي مڃڻ کان منهن موڙيو، تهڙيءَ طرح ايشور بہ کين گندي سوچ ۾ ڇڏي ڏنو، تہ ڀلي وڃي نالائقيءَ وارا ڪم ڪن.


ايشور پنهنجي ڏاهپ سان ماڻهن لاءِ اهو ناممڪن بڻائي ڇڏيو تہ هو پنهنجي ذاتي ڏاهپ سان کيس سڃاڻين. تنهن هوندي بہ ايشور جي مرضي ٿي تہ هو انهن کي بچائي جيڪي اسان جي سنديش وسيلي وشواس آڻين، جيتوڻيڪ اهو سنديش سنسار جي نظر ۾ مورکتا آهي.


صحيح سوچ رکڻ لاءِ جاڳي پئو ۽ پاپ ڪرڻ ڇڏي ڏيو. اوهان مان ڪي ايشور جي باري ۾ ڪجھہ نہ ٿا ڄاڻن. آءٌ چوان ٿو تہ اها اوهان لاءِ شرم جي ڳالهہ آهي.


بيشڪ وشواس آڻڻ کان اڳ ۾ ايشور جي ڄاڻ نہ هوندي اوهين انهن جي غلاميءَ ۾ هئا جيڪي حقيقت ۾ ايشور نہ آهن.


اڳي اوهين مسيح کان ڌار، بني اسرائيل جي منڊليءَ کان ٻاهر ۽ ايشور جي ٻڌل وچنن کان اڻ‌ڄاڻ هئا. اوهين هن سنسار ۾ ايشور کان جدا ۽ نااميديءَ وارو جيون گذاريندا هئا.


تنهنڪري اوهين پنهنجين سنساري عادتن کي ختم ڪري ڇڏيو، يعني حرامڪاري، اپوِترتائي، شهوت‌پرستي، بريون خواهشون ۽ لالچ، جيڪا بتن جي پوجا جي برابر آهي.


۽ انهن کي سزا ڏيندو جيڪي سندس بابت خوشخبريءَ کي نہ ٿا مڃين ۽ نہ وري ايشور کي ٿا ڄاڻين.


گذريل وقت ۾ اوهان بہ غير وشواسين جي مرضيءَ موجب جيڪا هلت ڪئي، يعني شهوت‌پرستيءَ، برين خواهشن، شراب‌خوريءَ، عياشيءَ، بداخلاقيءَ واري نچڻ ڳائڻ ۽ ڪراهت جهڙي بتن جي پوجا ڪرڻ ۾ گذاريو، سو ئي ڪافي آهي.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan