Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




1.ٿسلونيڪين 2:9 - Hindu Sindhi Bible

9 اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اوهان کي ضرور ياد هوندو تہ جڏهن اسان اوهان کي ايشور جي خوشخبري پئي ٻڌائي، تڏهن اسان رات ڏينهن محنت ۽ سخت پورهيو بہ ٿي ڪيو تہ جيئن ڪنهن تي بہ بار نہ ٿيون.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

9 ڇالاءِ جو، اي ڀائرو، اوهان کي اسان جي محبت ۽ مشقت ياد هوندي: جو اسان رات ڏينهن پورهيو ڪري اوهان کي خدا جي خوشخبري ٻُڌائي، تہ متان اوهان مان ڪنهن تي بوجو ٿي پئون.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Muslim Sindhi Bible

9 اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اوهان کي ضرور ياد هوندو تہ جڏهن اسان اوهان کي خدا جي خوشخبري پئي ٻڌائي، تڏهن اسان رات ڏينهن محنت ۽ سخت پورهيو بہ ٿي ڪيو تہ جيئن ڪنهن تي بہ بار نہ ٿيون.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Common Language New Testament

9 اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اوھان کي اسان جي محنت ۽ مشقت ضرور ياد ھوندي، ڇالاءِ⁠جو اسان ڪنھن تي بہ بار نہ ٿيڻ لاءِ رات ڏينھن پورھيو ڪري اوھان کي خدا جي خوشخبري ٻڌائي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




1.ٿسلونيڪين 2:9
35 Iomraidhean Croise  

تہ پوءِ ايشور پنهنجي چونڊيلن سان انصاف نہ ڪندو ڇا، جيڪي رات ڏينهن کيس ٻاڏائين پيا؟ ڇا هو انهن جي مدد ڪرڻ ۾ دير ڪندو؟


۽ جيئن تہ ٻنهي جو تنبن ٺاهڻ وارو ساڳيو ئي ڌنڌو هو، تنهنڪري پولس انهن سان گڏ رهيو ۽ اهي گڏجي ڪم ڪرڻ لڳا.


پر مون کي پنهنجي جان جي ڳڻتي نہ آهي، نڪي اها منهنجي لاءِ ڪا قيمت رکي ٿي. مون کي رڳو اها چنتا آهي تہ آءٌ پنهنجي ڊوڙ پوري ڪريان ۽ جيڪا سيوا پرڀو يسوع کان مون کي ڪرڻ لاءِ ملي آهي سا پوري ڪريان، يعني ايشور جي ڪرپا جي خوشخبري ٻڌائيندو رهان.


تنهنڪري اوهين سجاڳ رهو ۽ ياد رکو تہ مون ٽن سالن تائين رات ڏينهن ڳوڙها ڳاڙي هر هڪ کي تاڪيد ڪندي سمجھايو آهي.


هي خط مون پولس جي طرفان آهي، جيڪو مسيح يعني يسوع جو داس آهيان. ايشور مون کي سنت ڪري چونڊيو آهي ۽ پنهنجي خوشخبري ٻڌائڻ لاءِ مخصوص ڪيو اٿس.


آءٌ يسوع مسيح جو سيوڪ ٿي غير قومن لاءِ ڪم ڪريان. سو آءٌ ڪاهن جي حيثيت وانگر مسيح بابت ايشور جي خوشخبريءَ جو پرچار ڪريان ٿو، انهيءَ لاءِ تہ غير قومون پوِتر آتما جي مخصوص ۽ پوِتر ڪرڻ سان ايشور جي آڏو دان جي روپ ۾ قبول پون.


اهي ڪم ڪرامتن ۽ چمتڪارن جي طاقت وسيلي يعني پوِتر آتما جي شڪتيءَ سان ڪيا ويا. اهڙيءَ طرح مون يروشلم کان وٺي اُلرڪم علائقي تائين چئني پاسن مسيح بابت خوشخبريءَ جي پرچار واري سيوا پوري ڪري ڇڏي آهي.


اسين پنهنجن هٿن سان پورهيو ڪندي ساڻا ٿي ٿا پئون. جڏهن ماڻهو اسان تي ڦٽ لعنت ٿا ڪن تہ اسين سندن لاءِ پرارٿنائون ٿا ڪريون. جڏهن هو اسان کي ستائين ٿا تہ اسين صبر سان ٿا سهون.


پر مون انهن مان ڪوبہ حق استعمال ڪونہ ڪيو آهي، نڪي آءٌ هي انهيءَ لاءِ لکي رهيو آهيان تہ اهڙيون شيون مون کي ملن. آءٌ ان کان پهريائين مرڻ بهتر سمجھان ٿو تہ متان ڪو مون کان اهو فخر کسي وٺي.


تہ پوءِ منهنجو لاڀ ڪهڙو آهي؟ اهو ئي تہ خوشخبريءَ جو مفت پرچار ڪريان ۽ پنهنجي انهيءَ حق جو فائدو حاصل نہ ڪريان جيڪو مون کي انهيءَ جي پرچار ڪرڻ سان حاصل آهي.


ڇا منهنجو ۽ برنباس جو اهو حق نہ آهي تہ سيوا جي بدلي ۾ اسان کي کارايو پيئاريو وڃي؟


مون محنت ۽ سخت پورهيو ڪندي اڪثر اوجاڳا ڪاٽيا آهن ۽ ڪيترا ئي دفعا بنا ڪجھہ کائڻ پيئڻ جي گذاريو آهي. هائو، اڪثر ڪري بکون ڪاٽيون اٿم ۽ سرديءَ ۾ اڻپورن ڪپڙن سان رهيو آهيان.


جنهن وقت آءٌ اوهان وٽ هئس ۽ ضرورتمند ٿي پيس تڏهن بہ آءٌ ڪنهن تي بار ڪين ٿيس، ڇاڪاڻ تہ مڪدُنيا مان وشواسين اچي منهنجيون سڀ گھرجون پوريون ڪيون. مون هر ڳالهہ ۾ اوهان تي بار وجھڻ کان پاڻ کي روڪيو ۽ آئيندہ بہ روڪيندو رهندس.


چهبڪن جي مار کائڻ سان، قيد ٿيڻ سان، هنگامن ۾ ڦاسڻ سان، سخت پورهئي سان، ننڊ ڦٽائڻ سان ۽ بکون ڪاٽڻ سان.


هائو، جڏهن آءٌ مڪدُنيا صوبي جي ٿِسلُنيڪي شهر ۾ ئي هئس، تڏهن منهنجي ضرورت کي پوري ڪرڻ لاءِ اوهان هڪ کان وڌيڪ ڀيرا مون ڏانهن مدد موڪلي.


هائو، اوهان جي وشواس واري عمل، پريم ڀري محنت ۽ انهيءَ ثابت قدميءَ کي اسين پنهنجي ايشور پتا جي آڏو سدائين ياد پيا ڪريون، جيڪا اوهان کي اسان جي پرڀو يسوع مسيح ۾ اميد رکڻ جي ڪري آهي.


اوهين ڄاڻو ٿا تہ اوهان وٽ اچڻ کان اڳ فلپي شهر ۾ اسان ڪيڏيون نہ تڪليفون سٺيون ۽ ڪيئن نہ اسان جو اپمان ڪيو ويو. پر ايشور اسان کي همت ڏني جو سخت مخالفت جي باوجود اسان اوهان وٽ اچي بنا ڪنهن خوف جي مسيح بابت خوشخبري ٻڌائي.


اسان ماڻهن کان پنهنجي ساراهہ ڪرائڻ بہ نہ گھري، نہ اوهان کان، نہ ڪنهن ٻئي کان، جيتوڻيڪ مسيح جا خوشخبري ٻڌائيندڙ سنت هئڻ جي حيثيت ۾ اسين اوهان تي هر طرح جو بار وجھي ٿي سگھياسين.


اسين رات ڏينهن تن ۽ من سان پرارٿنا ڪندا ٿا رهون، تہ شل وري اوهان سان ملون ۽ اوهان جي وشواس ۾ جيڪا گھٽتائي آهي سا پوري ڪريون.


اها صحيح سکيا مهما واري ايشور جي انهيءَ مهانتا ڀري خوشخبريءَ موجب آهي، جيڪا منهنجي حوالي ڪئي ويئي آهي.


انهيءَ سبب ئي اسين محنت ۽ سخت ڪوشش ٿا ڪريون، ڇاڪاڻ تہ اسان جي اميد انهيءَ جيوت ايشور تي رکيل آهي جيڪو سڀني ماڻهن، خاص ڪري وشواسين کي مڪتي ڏيندڙ آهي.


اهڙي وڌوا جيڪا سچ پچ نڌڻڪي ۽ بلڪل اڪيلي آهي، سا ايشور تي آسرو ٿي رکي ۽ مدد لاءِ رات ڏينهن ايشور کي منٿون ڪرڻ ۽ پرارٿنا ڪرڻ ۾ مگن ٿي رهي.


جنهن ايشور جي ڀڳتي منهنجي ابن ڏاڏن ڪئي، آءٌ بہ انهن وانگر صاف‌دليءَ سان انهيءَ جي ڀڳتي ڪندي ۽ پنهنجين پرارٿنائن ۾ رات ڏينهن سدائين تو کي ياد ڪندي ايشور جو شڪر ادا ٿو ڪريان.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan