Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




1.ٿسلونيڪين 2:7 - Hindu Sindhi Bible

7 اٽلندو اسين اوهان سان اهڙي نرميءَ سان هلياسين، جهڙيءَ طرح ماتا پنهنجي ٻارڙن کي سنڀاليندي آهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

7 پر اسين اوهان منجهہ اهڙيءَ نرميءَ سان رهياسين، جهڙيءَ طرح ماءُ پنهنجن ٻارن کي پاليندي آهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Muslim Sindhi Bible

7 اٽلندو اسين اوهان سان اهڙي نرميءَ سان هلياسين، جهڙيءَ طرح ماءُ پنهنجي ٻارڙن کي سنڀاليندي آهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Common Language New Testament

7 پر اسين اوھان منجھہ اھڙي نرميءَ سان رھياسين، جھڙيءَ طرح ماءُ پنھنجن ٻارڙن کي پاليندي آھي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




1.ٿسلونيڪين 2:7
18 Iomraidhean Croise  

۽ اٽڪل چاليهن سالن تائين بيابان ۾ سندن سنڀال ڪندو رهيو.


آءٌ اوهان وٽ ڪمزوريءَ، خوف ۽ ڏاڍي ڏڪڻيءَ واري حالت ۾ آيس.


ڪمزور ضمير وارن لاءِ آءٌ انهن جهڙو ڪمزور بڻيس تہ جيئن کين هٿ ڪريان. مطلب تہ جيڪو جهڙو هو تنهن لاءِ آءٌ تهڙو بڻيس، تہ جيئن ڪنهن نہ ڪنهن نموني آءٌ ڪن کي بچايان.


هاڻي آءٌ پولس، جنهن جي باري ۾ چيو وڃي ٿو تہ آءٌ اوهان جي روبرو بزدل آهيان پر اوهان جي پرپٺ اوهان جي واسطي وڏو دلير آهيان، سو مسيح جي نماڻائيءَ ۽ نرميءَ جو واسطو وجھي اوهان کي منٿ ٿو ڪريان تہ


هائو، جيتوڻيڪ هو پنهنجو پاڻ کي ڪمزور بڻائي سوليءَ تي چڙهي ويو، تڏهن بہ ايشور جي شڪتيءَ سان جيوت آهي. ساڳيءَ طرح مسيح جا هئڻ ڪري اسين بہ ڪمزور بڻيا آهيون، پر ساڻس گڏ جيوت رهندي اسين ايشور جي شڪتيءَ سان اوهان سان واسطو رکنداسين.


اي منهنجا ٻارڙؤ! آءٌ اوهان جي لاءِ ويم ڪندڙ ناريءَ وانگر وري سور محسوس ڪريان ٿو، جيستائين اوهين پوريءَ طرح مسيح جهڙا بڻجي نہ ٿا وڃو.


اوهين ڄاڻو ٿا تہ جهڙيءَ طرح ڪو پتا پنهنجي ٻارن سان هلندو آهي، تهڙيءَ طرح اسين بہ اوهان مان هر هڪ سان هلياسين.


پر جيڪا ڏاهپ ايشور وٽان ٿي ملي، سا پهريائين تہ پوِتر آهي، پوءِ صلح پسند، نماڻي ۽ سُلجھيل هئڻ سان گڏ ديا ۽ هر قسم جي چڱي ڦل سان ڀريل آهي. منجھس نہ طرفداري آهي ۽ نہ وري پاکنڊپائي.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan