Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




1.ٿسلونيڪين 2:11 - Hindu Sindhi Bible

11 اوهين ڄاڻو ٿا تہ جهڙيءَ طرح ڪو پتا پنهنجي ٻارن سان هلندو آهي، تهڙيءَ طرح اسين بہ اوهان مان هر هڪ سان هلياسين.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

11 ۽ اوهين ڄاڻو ٿا تہ جهڙيءَ طرح ڪو پيءُ پنهنجن ٻارن سان هلندو آهي، تهڙيءَ طرح اسين بہ اوهان مان هرهڪ سان هلياسين؛ ۽ اوهان کي دلداري ڏيئي، اوهان کي همتايوسين ۽ نصيحت ڪئي سين؛

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Muslim Sindhi Bible

11 اوهين ڄاڻو ٿا تہ جهڙيءَ طرح ڪو پيءُ پنهنجي ٻارن سان هلندو آهي، تهڙيءَ طرح اسين بہ اوهان مان هر هڪ سان هلياسين.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Common Language New Testament

11 ڇالاءِ⁠جو اوھين ڄاڻو ٿا تہ جھڙيءَ طرح ڪو پيءُ پنھنجي ٻار سان ھلندو آھي، تھڙيءَ طرح اسين بہ اوھان مان ھر ھڪ سان ھلياسين.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




1.ٿسلونيڪين 2:11
40 Iomraidhean Croise  

جيئن تہ مون کي پنج ڀائر آهن، سو هو انهن کي وڃي تاڪيد ڪري تہ متان اهي بہ هن عذاب واري جاءِ ۾ اچي پون.‘


هو اتان جي علائقن مان ٿيندو ۽ ماڻهن کي گھڻين ئي ڳالهين بابت نصيحتون ڪندو يونان اچي پهتو.


جيئن تہ اسين پرڀو يسوع جا آهيون، تنهنڪري آءٌ اوهان کي تاڪيد ڪندي چوان ٿو تہ اوهين غير قومن واري غلط رستي کي ڇڏي اڳتي سندن اجاين خيالن موجب جيون نہ گذاريو.


اٽلندو اسين اوهان سان اهڙي نرميءَ سان هلياسين، جهڙيءَ طرح ماتا پنهنجي ٻارڙن کي سنڀاليندي آهي.


انهيءَ ڪري اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اسين اوهان کي منٿ ٿا ڪريون ۽ پرڀو يسوع ۾ تاڪيد ٿا ڪريون تہ جيئن اسان اوهان کي سيکاريو هو تہ ايشور کي خوش ڪرڻ لاءِ ڪيئن جيون گذارجي، جيڪو اوهين سچ پچ گذاري بہ رهيا آهيو، تيئن هاڻي اوهين انهيءَ ۾ اڃا بہ وڌندا وڃو.


سو انهيءَ ڳالهہ ۾ ڪوبہ وشواسي پنهنجي ڪنهن هم‌وشواسيءَ سان زيادتي يا ٺڳي ڪندي سندس گھر تي بري نظر نہ رکي. جيئن تہ اسان اڳي ئي اوهان کي ٻڌايو ۽ خبردار ڪيو آهي تہ پرڀو اهڙن سڀني پاپن جي سزا ڏيندو.


تنهنڪري اوهين هڪٻئي کي همتائيندا ۽ هڪٻئي جي ترقيءَ جو سبب بڻبا رهو، جيئن سچ پچ اوهين ڪريو بہ پيا.


انهيءَ سان گڏ اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اسين اوهان کي اهو تاڪيد بہ ڪريون ٿا تہ اجايو وقت وڃائڻ وارن کي سمجھايو، بزدل ماڻهن کي همتايو، هيڻن جي مدد ڪريو ۽ سڀني سان ڏاڍي ڌيرج سان پيش اچو.


ياد ڪريو تہ جڏهن آءٌ اوهان وٽ هئس، تڏهن اوهان کي اهي ڳالهيون ٻڌائيندو هئس.


اسين پرڀو يسوع مسيح جي نالي تي اهڙن ماڻهن کي نصيحت ڪندي سمجھايون ٿا تہ اهي خاموشيءَ سان پنهنجو ڪم ڪري پنهنجي روزي ڪمائين.


آءٌ تو کي تاڪيد ٿو ڪريان تہ ايشور، يسوع مسيح ۽ آڪاشي دوتن کي حاضر ناظر ڄاڻي بنا ڪنهن ساڙ جي انهن هدايتن تي عمل ڪجانءِ ۽ ڪنهن جي بہ طرفداريءَ نہ ڪجانءِ.


انهن ڳالهين لاءِ سڀني کي تاڪيد ڪر تہ جيئن ڪنهن تي بہ ڪا تهمت نہ لڳي.


آءٌ تو کي تاڪيد ٿو ڪريان تہ ايشور، جيڪو هر جاندار کي جيون ٿو بخشي ۽ يسوع مسيح، جنهن گورنر پنطيس پلاطس جي اڳيان چڱو اقرار ڪندي شاهدي ڏني هئي، تن کي حاضر ناظر ڄاڻي


جيڪي هم‌وشواسي هن انتم زماني ۾ دولتمند آهن، تن کي تاڪيد ڪر تہ اهي مغرور نہ ٿين. هو ناس ٿيندڙ دولت تي نہ، پر انهيءَ ايشور تي آسرو رکن جيڪو اسان کي سڀ شيون جھجھي انداز ۾ ٿو ڏئي تہ جيئن اسين خوشيون ماڻيون.


جن وشواسي غلامن جا مالڪ بہ وشواسي آهن سي ائين نہ سمجھن تہ ”اسان کي پنهنجن مالڪن جو گھڻو مان ڪرڻ جي ضرورت نہ آهي، ڇوجو اسين انهن جا وشواسي ڀائر ڀينر آهيون.“ ان جي بدران اهي مالڪن جي بهتر سيوا ڪن، ڇاڪاڻ تہ جن کي سندن سيوا جو فائدو ٿو ملي سي انهن جا هم‌وشواسي ۽ پيارا آهن. انهن سڀني ڳالهين جي تون ماڻهن کي سکيا ڏي ۽ نصيحت ڪر.


سو اهي ڳالهيون آهن جيڪي تو کي سيکارڻيون آهن. پوري اختياريءَ سان ماڻهن کي نصيحت ڪر ۽ کين ڇينڀ. ائين ٿيڻ نہ ڏي جو ڪوبہ ماڻهو تو کي خسيس سمجھي.


ساڳيءَ طرح جوان مردن کي نصيحت ڪر تہ اهي هر لحاظ کان سمجھدار جيون گذارين.


غلامن کي نصيحت ڪر تہ هر ڳالهہ ۾ پنهنجن مالڪن جي وس هيٺ رهن، انهن کي خوش رکڻ جي ڪوشش ڪن، کين آڏا جواب نہ ڏين


اي ڀائرو ۽ ڀينرون! آءٌ اوهان کي تاڪيد ٿو ڪريان تہ نصيحت جي هنن ڳالهين تي صبر سان پوريءَ طرح غور ڪريو. حقيقت ۾ مون اوهان ڏانهن اهي مختصر طور لکيون آهن.


منهنجي لاءِ انهيءَ کان وڌيڪ ٻي ڪابہ خوشي ڪانهي، جڏهن آءٌ ٻڌان تہ منهنجا ٻار سچ مطابق هلي رهيا آهن.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan