Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




1.ٿسلونيڪين 1:8 - Hindu Sindhi Bible

8 اهڙيءَ طرح مڪدُنيا ۽ اخيا کان ٻاهر بہ اوهان جي ڪري پرڀو يسوع بابت سنديش ڦهليو آهي. هائو، اوهان جو ايشور تي وشواس هر هنڌ ايڏو تہ مشهور ٿي ويو آهي جو انهيءَ بابت اسان کي ڪجھہ بہ چوڻ جي ضرورت ڪانهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

8 ڇالاءِ جو اوهان جي ڪري نہ رڳو مڪدونيہ ۽ اخيہ ۾ خداوند جو ڪلام ڦهلجي ويو آهي، پر اوهان جو ايمان، جو خدا تي آهي، سو هر هنڌ مشهور ٿي ويو آهي؛ ايتري قدر جو انهيءَ بابت اسان کي ڪجهہ بہ چوڻ جي ضرورت ڪانهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Muslim Sindhi Bible

8 اهڙيءَ طرح مڪدُنيا ۽ اخيا کان ٻاهر بہ اوهان جي ڪري خداوند عيسيٰ بابت پيغام ڦهليو آهي. هائو، اوهان جو خدا تي ايمان هر هنڌ ايڏو تہ مشهور ٿي ويو آهي جو انهيءَ بابت اسان کي ڪجھہ بہ چوڻ جي ضرورت ڪانهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Common Language New Testament

8 اوھان کان نہ رڳو مڪدونيا ۽ اخيا ۾ خداوند جو پيغام ڦھليو آھي، بلڪ اوھان جو ايمان، جيڪو خدا تي آھي سو ھر ھنڌ مشھور ٿي ويو آھي. تنھنڪري انھيءَ بابت اسان کي ڪجھہ بہ چوڻ جي ضرورت ڪانھي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




1.ٿسلونيڪين 1:8
20 Iomraidhean Croise  

پر جڏهن گَليو نالي هڪ شخص يونان جي صوبي اخيا جو گورنر بڻيو، تڏهن يهودين پاڻ ۾ گڏجي پولس تي حملو ڪيو ۽ کيس پڪڙي گورنر جي درٻار ۾ وٺي آيا.


سڀ کان پهريائين آءٌ اوهان سڀني لاءِ يسوع مسيح جي معرفت پنهنجي ايشور جو شڪر ادا ٿو ڪريان، جو اوهان جي وشواس جون ڳالهيون سڄي سنسار ۾ ٿي رهيون آهن.


ڇاڪاڻ تہ مڪدُنيا ۽ اخيا وارن ڀائرن ڀينرن جي مرضي آهي تہ هو يروشلم وارن مسيح ۾ چونڊي پوِتر ڪيلن منجھہ جيڪي غريب آهن، تن لاءِ امداد موڪلين.


جيتوڻيڪ مسيح لاءِ اوهان جي فرمانبرداريءَ بابت سڀني ماڻهن کي خبر پئجي ويئي آهي، جنهن ڪري آءٌ اوهان مان ڏاڍو خوش آهيان، تنهن هوندي بہ منهنجي اها خواهش آهي تہ اوهين نيڪ ڪمن ۾ سياڻا ۽ خراب ڪمن ۾ اٻوجھہ ٿي رهو.


اي ڪرنٿيؤ! ڇا ايشور جو سنديش اوهان وٽان شروع ٿيو آهي؟ يا اهو رڳو اوهان وٽ ئي پهتو آهي؟


ايشور جو شڪر آهي، جيڪو اسان کي مسيح جا هئڻ ڪري سدائين پنهنجي سوڀ واري جلوس ۾ گھمائي ٿو ۽ اهڙيءَ طرح اسان جي وسيلي هر هنڌ مسيح بابت ڄاڻ خوشبوءِ وانگر پکيڙي ٿو.


اها ڳالهہ مسيح جي وسيلي ايشور تي اسان جي ڀروسي جو اظهار آهي.


مسيح بابت سنديش کي پوريءَ طرح پاڻ ۾ رهڻ ڏيو ۽ پوريءَ ڏاهپ سان هڪٻئي کي سکيا ڏيندا ۽ نصيحت ڪندا رهو. ان سان گڏ دل سان ايشور جي شڪرگذاري ڪندي زبور، ڀڄن ۽ آتمڪ گيت ڳائيندا رهو.


تنهنڪري اسين پاڻ ايشور جي ٻين منڊلين ۾ اوهان بابت فخر ٿا ڪريون تہ اوهين ڪيڏي نہ ثابت قدميءَ سان پنهنجي وشواس تي قائم آهيو، توڙي جو ظلم ۽ تڪليفون پيا سهو.


اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اسان جي لاءِ بہ پرارٿنا ڪريو تہ اسان جي وسيلي پرڀو يسوع بابت سنديش جلد ڦهلجي ۽ مان‌سمان سان قبول ڪيو وڃي، جيئن اوهان منجھہ آهي.


منهنجي مرضي آهي تہ مرد گڏجي هر ڀڳتيءَ ۾ ڪاوڙ ۽ تڪرار کان سواءِ پوِتر هٿن سان پرارٿنا ڪن.


اها خوشخبري ٻڌائڻ جي ڪري ئي آءٌ تڪليفون ٿو سهان، ايتري قدر جو ڪنهن ڏوهاريءَ وانگر قيد ۾ پيو آهيان. پر ايشور جي سنديش کي قيد ڪري نہ ٿو سگھجي.


ديميتريُس جي چڱائيءَ جي هر ڪو، بلڪ خود سچ بہ شاهدي ڏئي ٿو. اسين بہ سندس شاهدي ڏيون ٿا ۽ اوهين ڄاڻو ٿا تہ اسان جي شاهدي سچي آهي.


تنهن کان پوءِ مون هڪڙو دوت مٿي اڏامندي ڏٺو، جنهن وٽ ڌرتيءَ جي رهاڪن يعني سڀني قومن، قبيلن، ٻولين وارن ۽ ذاتين کي ٻڌائڻ لاءِ هميشہ واري خوشخبري هئي.


پوِتر آتما ۽ گھيٽڙي جي ڪنوار ٻئي چون ٿيون تہ ”اي پرڀو يسوع! اچ.“ هر ٻڌڻ وارو بہ اهو ئي چوي تہ ”اچ.“ جيڪو اڃايل آهي سو ڀلي اچي ۽ جنهن جي مرضي هجي سو امرت‌جل مفت پيئي.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan