Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




1.ٿسلونيڪين 1:3 - Hindu Sindhi Bible

3 هائو، اوهان جي وشواس واري عمل، پريم ڀري محنت ۽ انهيءَ ثابت قدميءَ کي اسين پنهنجي ايشور پتا جي آڏو سدائين ياد پيا ڪريون، جيڪا اوهان کي اسان جي پرڀو يسوع مسيح ۾ اميد رکڻ جي ڪري آهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

3 ۽ پنهنجي خدا پيءُ جي اڳيان اوهان جي ايمان جي ڪم ۽ محبت جي پورهئي، ۽ پنهنجي خداوند يسوع مسيح ۾ اُميد جي صبر کي هميشہ ياد پيا ڪريون؛

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Muslim Sindhi Bible

3 هائو، اوهان جي ايمان واري عمل، محبت ڀري محنت ۽ انهيءَ ثابت قدميءَ کي اسين پنهنجي خدا پيءُ جي آڏو سدائين ياد پيا ڪريون، جيڪا اوهان کي اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح ۾ اميد رکڻ جي ڪري آهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Common Language New Testament

3 اسين پنھنجي خدا ۽ پيءُ جي اڳيان اوھان جي ايمان جي ڪم، محبت واري محنت ۽ انھيءَ صبر کي جيڪو اوھان کي اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح ۾ اميد رکڻ جي ڪري آھي، سدائين ياد پيا ڪريون.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




1.ٿسلونيڪين 1:3
55 Iomraidhean Croise  

”جيڪڏهن اوهين سچ پچ مون سان پيار ڪريو ٿا تہ منهنجي حڪمن تي بہ عمل ڪندا.


جيڪڏهن اوهين منهنجي حڪمن تي عمل ڪندا تہ اوهين منهنجي پيار ۾ رهندا، جهڙيءَ طرح مون پنهنجي پتا جي حڪمن تي عمل ڪيو آهي ۽ سندس پيار ۾ رهان ٿو.


هن مون کي چيو تہ ’اي ڪُرنيليس! ايشور تنهنجيون پرارٿنائون ٻڌيون آهن ۽ تنهنجا دان قبول ڪيا ويا آهن.


تنهنڪري توبهہ ڪريو ۽ ايشور ڏانهن اچو تہ اوهان جا پاپ ميٽجي وڃن،


اميد ۾ خوش رهو، مصيبت ۾ صبر ڪريو ۽ پرارٿنا ڪرڻ ۾ هميشہ مگن رهو.


هاڻ جڏهن تہ اوهين وشواس تي قائم آهيو، تڏهن شل اميد بخشيندڙ ايشور اوهان کي خوشيءَ ۽ شانتيءَ سان ڀرپور ڪري، تہ جيئن پوِتر آتما جي شڪتيءَ سان اوهان جي اميد ۾ گھڻو واڌارو ايندو وڃي.


جيڪي بہ ڳالهيون اڳي لکيون ويون آهن، سي اسان جي سکيا لاءِ آهن، تہ جيئن ثابت قدميءَ مان ۽ پوِتر شاستر کان مليل حوصلي مان اسان کي اميد حاصل ٿئي.


مريم کي منهنجا نمسڪار چئجو، جنهن اوهان جي لاءِ گھڻي محنت ڪئي آهي.


جيڪي نيڪ ڪم ڪرڻ ۾ ثابت قدم رهندي مان، مهانتا ۽ ابناسي جيون جي تمنا رکندڙ آهن، تن کي ايشور امر جيون ڏيندو.


مطلب تہ وشواس، اميد ۽ پريم، اهي ٽيئي اٽل آهن. پر انهن ٽنهي مان پريم اُتم آهي.


تہ پوءِ اي منهنجا پيارا ڀائرو ۽ ڀينرون! مضبوط ۽ ثابت قدم رهو. پرڀو يسوع جي ڪم ۾ هميشہ وڌندا هلو، اهو ڄاڻيندي تہ سندس سيوا ۾ اوهان جو پورهيو اجايو نہ آهي.


ڪوبہ نہ. تنهن هوندي بہ اسين انهن گھڻن ماڻهن وانگر نہ آهيون، جيڪي پنهنجي فائدي لاءِ مسيح بابت ايشور جي سنديش جو غلط استعمال ڪن ٿا. پر اسين ايشور کي حاضر ڄاڻيندي ايشور جي طرفان ۽ دل جي سچائيءَ سان مسيح ۾ ڳالهايون ٿا.


مسيح اسان جي پاپن جي خاطر پنهنجي جان ڏيئي ڇڏي، تہ جيئن هو ايشور اسان جي پتا جي مرضيءَ موجب اسان کي هن هاڻوڪي خراب زماني کان بچائي.


اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اوهين آزاد ٿيڻ لاءِ سڏيا ويا آهيو. پر پنهنجي انهيءَ آزاديءَ کي شريري خواهشن جي پورائي لاءِ ڪم نہ آڻيو، بلڪ پيار جي رستي هڪٻئي جي سيوا ڪريو.


سو جڏهن اسين يسوع مسيح جا آهيون، تڏهن ختنو ڪرائڻ يا نہ ڪرائڻ ڪنهن ڪم جو نہ آهي. پر رڳو مسيح تي وشواس ئي ڪم جو آهي، جنهن جو اثر پريم رکڻ مان ظاهر ٿئي ٿو.


اسان کي نيڪي ڪرڻ ۾ ٿڪجڻ نہ گھرجي، ڇاڪاڻ تہ جيڪڏهن همت نہ هارينداسين تہ پوري وقت تي لابارو لاهينداسين.


پر هاڻي تيمٿيس اوهان وٽان ٿي واپس آيو آهي ۽ اوهان جي وشواس ۽ پيار جي باري ۾ سٺو احوال ڏنو اٿائين. هن اسان کي ٻڌايو آهي تہ اوهين اسان کي هميشہ دل سان ياد پيا ڪريو ۽ اسان سان ملڻ جي گھڻي سڪ اٿوَ، جهڙيءَ طرح اسان کي اوهان جي لاءِ آهي.


انهيءَ ڪري اسين هميشہ اوهان لاءِ پرارٿنا ڪندا رهندا آهيون، تہ شل اسان جو ايشور اوهان کي اهڙي جيون جي لائق قرار ڏئي جنهن لاءِ اوهان کي سڏيو ويو آهي. شل هو اوهان جي هر نيڪ خواهش ۽ جيڪو ڪم وشواس سان ڪريو ٿا تنهن کي پنهنجي شڪتيءَ سان پورو ڪري.


اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اسان تي لازم آهي تہ اوهان جي لاءِ هميشہ ايشور جو شڪر ادا ڪندا رهون. هي انهيءَ ڪري مناسب آهي جو اوهان جي وشواس ۾ گھڻي کان گھڻو واڌارو ايندو ٿو وڃي ۽ اوهان سڀني جو هڪٻئي لاءِ پيار وڌندو ٿو وڃي.


بيشڪ، اسان جي پرميشور جي ڪرپا مون تي نهايت ئي گھڻي ٿي ۽ انهيءَ سان گڏ مون کي يسوع مسيح ۾ هئڻ ڪري وشواس ۽ پريم بخشيو ويو.


اها ڳالهہ چڱي ۽ اسان جي مڪتي ڏيندڙ ايشور جي نظر ۾ وڻندڙ آهي.


هائو، اوهان کي ثابت قدميءَ سان منهن ڏيڻ گھرجي، انهيءَ لاءِ تہ ايشور جي مرضي پوري ڪري اوهين اهو ڪجھہ حاصل ڪريو، جنهن جو ايشور پاڻ وچن ڪيو آهي، جيئن هن پوِتر شاستر ۾ فرمايو آهي تہ


وشواس جي ڪري ئي ابرهام پنهنجي آزمائش وقت اضحاق کي ڀيٽا طور ٻليدان ڪيو. جيتوڻيڪ ابرهام ايشور جا وچن قبول ڪيا هئا ۽ ايشور کيس فرمايو هو تہ ”اضحاق مان ئي تنهنجي پيڙهي جاري ٿيندي،“ تنهن هوندي بہ هو پنهنجي سڪيلڌي پٽ کي ٻليدان ڪرڻ لاءِ تيار ٿي ويو.


شل سو ئي اوهان کي هر چڱي آسيس بخشي ڪامل بڻائي، تہ جيئن اوهين سندس مرضي پوري ڪريو. شل هو يسوع مسيح جي وسيلي اسان سڀني ۾ اهو ڪجھہ پيدا ڪري جيڪو کيس پسند آهي. سندس مهانتا جي مهما هميشہ ٿيندي رهي. آمين.


تنهنڪري اچو تہ اسين وڏي جذبي سان انهيءَ آرام کي حاصل ڪريون، انهيءَ لاءِ تہ متان ائين نہ ٿئي جو اسان مان ڪو انهن نافرمانن جي نموني تي هلندي ايشور جي ڏمر هيٺ اچي وڃي.


انهيءَ تي ابرهام ڌيرج سان انتظار ڪندي اها وچن ڪيل آسيس حاصل ڪئي.


ان جي بدران اوهان جي اندر واري انسانيت نماڻي ۽ نرم سڀاءَ جي ابناسي سينگار سان سينگاريل هجي. ايشور جي نظر ۾ انهيءَ جو وڏو قدر آهي.


اي پيارا ٻارؤ! اسين رڳو ڳالهين ۽ زبان سان نہ، پر عملي طور سچ مطابق پيار ڪريون.


اي پريميؤ! جيڪڏهن اسان جي دل محسوس نہ ٿي ڪري تہ اسين پاپي آهيون، تڏهن ايشور جي آڏو اسين اعتماد سان حاضر ٿي سگھون ٿا.


جنهن کي بہ مسيح ۾ اهڙي اميد آهي، سو پاڻ کي اهڙو پوِتر ڪري جهڙو مسيح پوِتر آهي.


ايشور سان پيار ڪرڻ جو مطلب آهي تہ اسين سندس حڪمن تي عمل ڪريون. هن جا حڪم اسان لاءِ ٻوجھہ نہ آهن.


”مون کي اوهان جي عملن، يعني اوهان جي پيار ۽ وشواس، سيوا ۽ ثابت قدميءَ جي ڄاڻ آهي. آءٌ اهو بہ ڄاڻان ٿو تہ جيڪي عمل اوهين هاڻي ڪري رهيا آهيو، سي اوهان جي پهرين عملن کان وڌيڪ آهن.


جيئن تہ اوهين منهنجي حڪم مطابق ثابت قدم رهيا آهيو، تنهنڪري آءٌ آزمائش جي انهيءَ گھڙيءَ ۾ اوهان جي سنڀال ڪندس، جيڪا ڌرتيءَ تي رهڻ وارن جي آزمائش لاءِ سڄي سنسار تي اچڻي آهي.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan