Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




1.ٿسلونيڪين 1:1 - Hindu Sindhi Bible

1 هي خط مون پولس سان گڏ سيلاس ۽ تيمٿيس جي طرفان ٿِسلُنيڪي شهر جي وشواسي منڊليءَ ڏانهن لکجي ٿو، جيڪا ايشور پتا ۽ پرڀو يسوع مسيح جي آهي. شل اوهان تي ڪرپا ۽ شانتي هجي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

1 پولس ۽ سلوانس ۽ تيمٿيس جي طرفان ٿسلونيڪين جي ڪليسيا ڏانهن، جا خدا پيءُ ۽ خداوند يسوع مسيح ۾ آهي؛ شل اوهان تي فضل ۽ اطمينان هجي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Muslim Sindhi Bible

1 هي خط مون پولس سان گڏ سيلاس ۽ تيمٿيس جي طرفان ٿِسلُنيڪي شهر جي ڪليسيا ڏانهن لکجي ٿو، جيڪا خدا پيءُ ۽ خداوند عيسيٰ مسيح جي آهي. شل اوهان تي فضل ۽ سلامتي هجي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Common Language New Testament

1 ھي خط پولس، سيلاس ۽ تيمٿيس جي طرفان آھي. ھي ٿسلونيڪا شھر جي ڪليسيا ڏانھن لکجي ٿو، جيڪا خدا پيءُ ۽ خداوند عيسيٰ مسيح سان گڏجي ھڪ ٿيل آھي. شل اوھان تي فضل ۽ سلامتي ھجي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




1.ٿسلونيڪين 1:1
30 Iomraidhean Croise  

پوءِ خوشخبري ٻڌائيندڙ سنتن ۽ اڳواڻن سميت سڄي منڊليءَ اهو فيصلو ڪيو تہ پاڻ مان ڪي ماڻهو چونڊي پولس ۽ برنباس سان گڏ انطاڪيا ڏانهن موڪلجن. انهيءَ لاءِ هنن يهوداہ عرف برسبا ۽ سيلاس کي چونڊيو، جن جو وشواسين ۾ وڏو مان هو.


انهن سان گڏ اسين يهوداہ ۽ سيلاس کي موڪليون ٿا جيڪي هي لکيل ڳالهيون اوهان کي زباني بہ بيان ڪندا.


جڏهن تہ پولس سيلاس کي پاڻ سان هلڻ لاءِ چونڊيو. پوءِ وشواسين کين ايشور جي ڪرپا جي حوالي ڪري روانو ڪيو.


جڏهن ڪنيا جي مالڪن ڏٺو تہ سندن ڪمائيءَ جو ذريعو ختم ٿي ويو، تڏهن هنن پولس ۽ سيلاس کي پڪڙي ورتو ۽ کين گهلي شهر جي چونڪ تي رومي عملدارن وٽ وٺي ويا.


رات جو پولس ۽ سيلاس پرارٿنائون ڪندا ۽ ايشور جي مهما جا ڀڄن ڳائيندا ٿي رهيا ۽ جيل جا قيدي پڻ ٻڌندا ٿي رهيا. تڏهن اڌ رات ڌاري


تڏهن جيلر بتي گھرائي ڊوڙندو اندر ويو ۽ ڏڪندي ڏڪندي پولس ۽ سيلاس جي پيرن تي ڪري پيو.


اهي يهودي ٿِسلُنيڪي جي يهودين کان وڌيڪ ڪشادي ذهن وارا هئا، ڇاڪاڻ تہ هو مسيح بابت ايشور جو سنديش وڏي شوق سان ٻڌندا هئا ۽ روزانو پوِتر شاستر پڙهي ڏسندا هئا تہ ائين برابر آهي يا نہ، جيئن پولس چئي رهيو آهي.


جڏهن سيلاس ۽ تيمٿيس مڪدُنيا مان اچي اتي پهتا تڏهن پولس پنهنجو پورو وقت پرچار ۾ گذارڻ لڳو. هن يهودين کي انهيءَ ڳالهہ جي شاهدي ڏيئي پئي چيو تہ يسوع ئي مسيح آهي.


سو هن پنهنجي مددگارن مان ٻن ڄڻن تيمٿيس ۽ اراستس کي اڳواٽ مڪدُنيا صوبي ڏانهن موڪليو ۽ پاڻ ڪجھہ وڌيڪ عرصو آسيا صوبي ۾ رهي پيو.


آسيا صوبي تائين پولس سان گڏ سفر ڪرڻ وارا ساٿي هي هئا: بيريا واري پُرس جو پٽ سوپترس، ٿِسلُنيڪي وارن مان ارسترخس ۽ سڪندُس، دربيءَ وارو گيُس، آسيا صوبي وارن تخڪُس ۽ تروفيمس کان علاوہ تيمٿيس پڻ.


هي خط اوهان سڀني ڏانهن آهي، جيڪي روم شهر ۾ ايشور جا پيارا آهيو ۽ مسيح ۾ چونڊي پوِتر ڪيا ويا آهيو. شل اوهان تي اسان جي پتا ايشور ۽ پرڀو يسوع مسيح جي ڪرپا ۽ شانتي هجي.


هي خط ڪرنٿس شهر ۾ ايشور جي منڊليءَ ڏانهن لکجي ٿو، يعني اوهان ڏانهن جيڪي يسوع مسيح ۾ پوِتر ڪيا ۽ چونڊيا ويا آهيو. هي انهن سڀني جي نالي پڻ لکجي ٿو جيڪي هر هنڌ پرڀو يسوع مسيح جو نالو وٺن ٿا، جيڪو انهن جو ۽ اسان جو پرڀو آهي.


هي خط مون پولس، جيڪو ايشور جي مرضيءَ سان مسيح يعني يسوع جو خوشخبري ٻڌائيندڙ سنت آهيان ۽ اسان جي ڀاءُ تيمٿيس جي طرفان لکجي ٿو. هي خط ڪرنٿس شهر ۾ ايشور جي منڊليءَ بلڪ اخيا صوبي جي پوري علائقي ۾ رهندڙ سڀني مسيح ۾ چونڊي پوِتر ڪيلن ڏانهن آهي.


انهيءَ جو سبب هي آهي تہ ايشور جو پٽ يسوع مسيح جنهن جو پرچار مون سان گڏ سيلاس ۽ تيمٿيس اوهان ۾ ڪيو هو، تنهن ۾ ڪابہ ”ها“ اهڙي نہ هئي جيڪا ”نہ“ ۾ بدلي هجي، پر ان جي ”ها“ هميشہ ”ها“ ئي آهي.


جيڪي وشواسي هتي مون سان گڏ آهن سي سڀ بہ اوهان گلتيا صوبي وارن جي وشواسي منڊلين ڏانهن هي خط موڪلڻ ۾ شامل آهن.


ان وقت يهوديہ صوبي ۾ جيڪي مسيح جون منڊليون هيون، تن منهنجي شڪل بہ نہ ڏٺي هئي.


شل اوهان تي اسان جي پتا ايشور ۽ پرڀو يسوع مسيح جي ڪرپا ۽ شانتي هجي.


هي خط مون پولس ۽ تيمٿيس جي طرفان آهي، جيڪي مسيح يعني يسوع جا داس آهيون. هي خط وشواسي منڊليءَ جي سنڀاليندڙن ۽ سيوڪن سميت يسوع مسيح ۾ انهن سڀني چونڊي پوِتر ڪيلن ڏانهن لکجي ٿو جيڪي فلپي شهر ۾ رهن ٿا.


هي خط مون پولس، جيڪو ايشور جي مرضيءَ سان مسيح يعني يسوع جو خوشخبري ٻڌائيندڙ سنت آهيان ۽ اسان جي ڀاءُ تيمٿيس جي طرفان آهي.


هي خط مون پولس، سيلاس ۽ تيمٿيس جي طرفان ٿِسلُنيڪي شهر جي وشواسي منڊليءَ ڏانهن لکجي ٿو، جيڪا اسان جي پتا ايشور ۽ پرڀو يسوع مسيح جي آهي.


هي خط تو تيمٿيس ڏانهن لکان ٿو، جيڪو وشواس رکڻ جي لحاظ کان منهنجو سچو پٽ آهين. شل تو تي ايشور پتا ۽ اسان جي پرڀو يسوع مسيح جي ڪرپا، ديا ۽ شانتي هجي.


هي خط تو تيمٿيس ڏانهن لکان ٿو، جيڪو منهنجو پيارو پٽ آهين. شل تو تي ايشور پتا ۽ اسان جي پرڀو يسوع مسيح جي ڪرپا، ديا ۽ شانتي هجي.


آءٌ اوهان کي ٻڌائڻ ٿو چاهيان تہ اسان جي وشواسي ڀاءُ تيمٿيس کي آزاد ڪيو ويو آهي. جيڪڏهن هو جلد مون وٽ آيو تہ هو بہ مون سان گڏ اچي اوهان سان ملندو.


آءٌ اوهان ڏانهن هي مختصر خط سيلاس جي مدد سان لکي رهيو آهيان، جنهن کي آءٌ وفادار ڀاءُ سمجھان ٿو. آءٌ چاهيان ٿو تہ اوهان کي همتايان ۽ شاهدي بہ ڏيان تہ جيڪو بہ لکيو اٿم سو ايشور جي سچي ڪرپا آهي. اوهين انهيءَ تي قائم رهو.


جيڪي ڪجھہ اسان پاڻ ڏٺو ۽ ٻڌو آهي، سو اوهان کي ٻڌايون ٿا تہ جيئن اوهين اسان سان انهيءَ ميل ميلاپ ۾ شريڪ ٿيو، جيڪو اسان کي ايشور پتا ۽ سندس پٽ يسوع مسيح سان آهي.


هي خط مون يهوداہ جي طرفان آهي، جيڪو يسوع مسيح جو داس ۽ يعقوب جو ڀاءُ آهيان. هي انهن ڏانهن لکجي ٿو، جيڪي ايشور پتا جي پيار ۽ يسوع مسيح جي سنڀال هيٺ رهڻ لاءِ سڏيا ويا آهن.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan