Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




1.پطرس 5:8 - Hindu Sindhi Bible

8 هوشيار ۽ سجاڳ رهو. اوهان جو دشمن شيطان گجندڙ شينهن وانگر چوڌاري ڦري وجھہ پيو ڳولي تہ ڪنهن کي چيري ڦاڙي کائي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

8 هوشيار ٿيو، سجاڳ رهو؛ اوهان جو دشمن شيطان گجندڙ شينهن وانگر هيڏانهن هوڏانهن پيو گهُمي ۽ وجهہ پيو ڳولي تہ ڪنهن کي ڦاڙي کائي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Muslim Sindhi Bible

8 هوشيار ۽ سجاڳ رهو. اوهان جو دشمن ابليس گجندڙ شينهن وانگر چوڌاري ڦري وجھہ پيو ڳولي تہ ڪنهن کي چيري ڦاڙي کائي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Common Language New Testament

8 ھوشيار ۽ سجاڳ رھو. اوھان جو دشمن شيطان گجندڙ شينھن وانگر چوڌاري گھمي وجھہ پيو ڳولي تہ ڪنھن کي ڦاڙي کائي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




1.پطرس 5:8
61 Iomraidhean Croise  

دشمن جنهن ڪانڊيرا پوکيا سو شيطان آهي. لابارو آهي قيامت جو ڏينهن ۽ لاباري وارا آهن دوت.


تنهنڪري اوهين سجاڳ رهجو، ڇاڪاڻ تہ اوهين نہ ٿا ڄاڻو تہ ڪهڙي ڏينهن اوهان جو پرڀو ايندو.


پوءِ هو کاٻي پاسي وارن کي چوندو تہ ’اي لعنتيؤ! منهنجي اکين اڳيان ٽري وڃو ۽ وڃي ڪڏهن نہ وسامندڙ باهہ ۾ پئو، جيڪا شيطان ۽ سندس دوتن لاءِ تيار ڪئي ويئي آهي،


پوءِ پوِتر آتما يسوع کي رڻ‌پٽ ۾ وٺي ويئي تہ جيئن شيطان کيس آزمائي.


پوءِ شيطان هن کي ڇڏي هليو ويو تہ هڪدم دوت اچي پهتا ۽ يسوع جي سيوا ڪرڻ لڳا.


ڪنهن وقت سنديش رستي تي ڪري ٿو، يعني اهي ماڻهو جيڪي سنديش ٻڌن ٿا. پر جيئن ئي اهي ٻڌن ٿا تہ شيطان جلدي اچي انهن جي دلين مان ڇٽيل ٻج ڪڍي وٺي ٿو.


”تنهنڪري پاڻ کي سنڀاليو، متان اوهان جون دليون هٻڇ، نشي ۽ هن جيون جي چنتائن ۾ ڦاسي پون ۽ اوچتو ئي اوچتو منش‌پتر جي اچڻ جو اهو ڏينهن اوهان جي مٿان اچي ڪڙڪي.


انهيءَ ڪري هر وقت جاڳندا ۽ پرارٿنا ڪندا رهو تہ اهي ڳالهيون جيڪي ٿيڻيون آهن، تن کان بچڻ ۽ منش‌پتر جي آڏو بيهڻ جي سگھہ مليوَ.“


”شمعون! اي شمعون! ڏس، شيطان اوهان کي آزمائڻ جي آگيا ورتي آهي، تہ جيئن اوهان سڀني کي ڪڻڪ جي ڳاهہ وانگر ڳاهي، اَنَ ۽ بُهہ وانگر جدا جدا ڪري.


اوهين پنهنجي پتا شيطان جو اولاد آهيو ۽ پنهنجي پتا جون مرضيون پوريون ڪرڻ گھرو ٿا. هو تہ شروعات کان وٺي خوني آهي ۽ ڪڏهن بہ سچ جو پاسو نہ ورتو اٿائين، ڇاڪاڻ تہ هن ۾ سچ آهي ئي ڪين. جڏهن هو ڪوڙ ٿو ڳالهائي تہ پنهنجي فطرت موجب ٿو ڳالهائي، ڇاڪاڻ تہ هو ڪوڙو آهي، بلڪ ڪوڙ جو باني آهي.


انهيءَ جو سبب هي آهي تہ متان اسين شيطان جي فريب ۾ ڦاسي پئون، ڇوجو اسين سندس چالاڪيءَ کان واقف آهيون.


شيطان کي ڪوبہ موقعو نہ ڏيو.


ايشور جا سڀ هٿيار ٻڌو، تہ جيئن شيطان جي سازشن جو مقابلو ڪندي قائم رهي سگھو.


تنهن هوندي بہ ناري ذات ٻار پيدا ڪرڻ واري حالت جي باوجود مڪتي حاصل ڪندي، بشرطيڪ اها وشواس، پريم ۽ پوِترتائيءَ تي پرهيزگاريءَ سان قائم رهي.


منهنجي مرضي اها بہ آهي تہ ناريون حياءَ واري پوشاڪ ڍڪي لڄ ۽ پرهيزگاريءَ سان پاڻ کي سينگارين، نہ وارن کي ڳُتڻ يا سون يا موتين يا قيمتي ڪپڙن پهرڻ سان،


ساڳئي نموني سيواداري ناريون بہ مانائتي ڪردار واريون هجن. اهي گلا ڪندڙ نہ هجن، پر پرهيزگار ۽ هر ڳالهہ ۾ ڀروسي جوڳيون هجن.


تنهنڪري ضروري آهي تہ سنڀاليندڙ تي ڪو الزام نہ هجي. هو پنهنجي پتنيءَ سان وفادار رهڻ سان گڏ پرهيزگار، سمجھُو، اصول وارو، مهمان‌نواز ۽ سکيا ڏيڻ جي لائق هجي.


پر پرڀو يسوع مون سان گڏ هو، جنهن مون کي شڪتي ڏني، انهيءَ لاءِ تہ منهنجي وسيلي خوشخبريءَ جو پرچار پورو ٿئي ۽ سڀ غير قومون ان کي ٻڌن. ائين ڄڻ تہ آءٌ شينهن جي وات مان ڇڏايو ويس.


اٽلندو هو مهمان‌نواز، نيڪيءَ سان پيار رکندڙ، سمجھُو، انصاف پسند، پوِتر ۽ پاڻ تي ضابطو رکندڙ هجي.


اها ڪرپا اسان کي هيءَ سکيا ٿي ڏئي تہ سنساري خواهشن ۽ بي‌ڌرميءَ کي ڇڏي اسين هن انتم زماني ۾ پرهيزگاريءَ، سچائيءَ ۽ ڌرمچاريءَ سان جيون گذاريون.


پوڙهن مردن کي سمجھاءِ تہ اهي مانائتي ڪردار وارا، سمجھُو ۽ پرهيزگار رهن ۽ پوري وشواس، پريم ۽ ثابت قدميءَ سان جيون گذارين.


تہ جيئن جوان نارين کي اها سمجھہ ڏيئي سگھن تہ اهي پنهنجن پتين ۽ ٻارن سان پيار ڪن،


ساڳيءَ طرح جوان مردن کي نصيحت ڪر تہ اهي هر لحاظ کان سمجھدار جيون گذارين.


تنهنڪري پاڻ کي ايشور جي وس هيٺ رکندي شيطان جو مقابلو ڪريو تہ هو اوهان وٽان ڀڄي ويندو.


تنهنڪري اوهين سمجھہ جو سندرو ٻڌي هوشيار ٿيو ۽ مڪتيءَ واري انهيءَ ڪرپا تي پوري اميد رکو جيڪا يسوع مسيح جي وري ظاهر ٿيڻ وقت اوهان تي ڪئي ويندي.


سنسار جي انت جو وقت ويجھو اچي پهتو آهي. تنهنڪري اوهين پرارٿنا ڪرڻ لاءِ هوشيار ۽ سجاڳ رهو.


پوءِ مون آڪاش ۾ هڪڙو وڏو آواز ٻڌو، جنهن چيو تہ ”هاڻي اسان جي ايشور جي مڪتي، شڪتي ۽ راڄ ۽ سندس مسيح جي اختياري آئي آهي، ڇاڪاڻ تہ اسان جي ڀائرن ڀينرن تي تهمت هڻڻ وارو، جيڪو رات ڏينهن اسان جي ايشور جي اڳيان مٿن تهمت هڻندو ٿي رهيو، سو هيٺ اڇلايو ويو آهي.


تنهنڪري اي آڪاشؤ ۽ آڪاشن جا رهاڪؤ! اوهين خوشيون ڪريو. پر اي ڌرتي ۽ سمنڊ! اوهان لاءِ مصيبت آهي، ڇاڪاڻ تہ شيطان اوهان تي اچي پيو آهي. هو ڏاڍيءَ ڪاوڙ ۾ آهي ڇو جو هو ڄاڻي ٿو تہ سندس وقت باقي ٿورو وڃي بچيو آهي.“


اهو وڏو ازدها يعني قديم نانگ، جيڪو تهمت هڻندڙ يا شيطان بہ سڏبو آهي ۽ جيڪو سڄي سنسار کي ڀَٽڪائي ٿو، تنهن کي آڪاش مان ڪڍي سندس دوتن سميت ڌرتيءَ تي اڇلايو ويو.


پوءِ شيطان جنهن کين دوکو ڏنو هو، سو باهہ ۽ گندرف جي ڍنڍ ۾ اڇلايو ويو، جتي پهرئين حيوان ۽ ڪوڙو سنديش ڏيندڙ ٻئي حيوان کي اڇلايو ويو هو. اهي رات ڏينهن اتي هميشہ هميشہ تائين ايذاءَ پيا سهندا.


هُن انهيءَ ازدها، يعني قديمي نانگ جنهن کي تهمت هڻندڙ يا شيطان بہ سڏيو وڃي ٿو، تنهن کي پڪڙي هزار سالن لاءِ ٻڌي ڇڏيو.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan