Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




1.پطرس 4:5 - Hindu Sindhi Bible

5 پر کين ايشور کي حساب ڏيڻو پوندو، جيڪو جيوت ماڻهن توڙي مئلن جي عدالت ڪرڻ لاءِ تيار آهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

5 پر جيڪو جيئرن ۽ مُئلن جي عدالت ڪرڻ لاءِ تيار آهي، تنهن کي ئي پنهنجن ڪمن جو حساب ڏيڻو پوندن.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Muslim Sindhi Bible

5 پر کين خدا کي حساب ڏيڻو پوندو، جيڪو جيئرن توڙي مئلن جي عدالت ڪرڻ لاءِ تيار آهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Common Language New Testament

5 پر کين انھيءَ کي حساب ڏيڻو پوندو، جيڪو جيئرن ۽ مئلن جو انصاف ڪرڻ لاءِ تيار آھي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




1.پطرس 4:5
17 Iomraidhean Croise  

آءٌ اوهان کي چوان ٿو تہ قيامت جي ڏينهن هر هڪ کي پنهنجي بيڪار ڳالهايل لفظن جو حساب ڏيڻو پوندو.


تنهن تي شاهوڪار منشيءَ کي گھرائي چيو تہ ’تنهنجي باري ۾ آءٌ هي ڇا پيو ٻڌان؟ پنهنجي مُنشيگيريءَ جو سڄو حساب ڪتاب ڏي، ڇاڪاڻ تہ آءٌ تو کي اڳتي پنهنجو منشي رکي ڪين سگھندس.‘


يسوع مسيح اسان کي حڪم ڏنو تہ اسين ماڻهن ۾ هن بابت خوشخبريءَ جو پرچار ڪريون ۽ کين آگاهہ ڪري ڇڏيون تہ هو ئي اهو آهي جنهن کي ايشور مئل ۽ جيوت ماڻهن جو فيصلو ڪندڙ مقرر ڪيو آهي.


ڇاڪاڻ تہ هن هڪ ڏينهن مقرر ڪري ڇڏيو آهي، جنهن تي هو انصاف سان سڄي سنسار جو فيصلو انهيءَ ماڻهوءَ جي معرفت ڪندو، جنهن کي هن اڳ ۾ ئي مقرر ڪري ڇڏيو آهي. انهيءَ لاءِ هن کيس مئلن مان وري جيوت ڪري هر ڪنهن تي اها ڳالهہ ثابت ڪري ڇڏي آهي.“


مسيح انهيءَ لاءِ ئي مري ويو ۽ وري جيوت ٿي اٿيو تہ جيئن هو مئلن توڙي جيوت ماڻهن جو مالڪ ٿئي.


هاڻ آءٌ تو کي تاڪيد ٿو ڪريان تہ ايشور ۽ يسوع مسيح، جيڪو وري اچي راجا جي حيثيت سان ظاهر ٿيندو ۽ جيوت توڙي مئلن جي عدالت ڪندو، تن ٻنهي کي حاضر ناظر ڄاڻي


اي ڀائرو ۽ ڀينرون! هڪٻئي جي شڪايت نہ ڪريو، متان اوهان کي پاپي قرار ڏنو وڃي. ڏسو، انصاف ڪرڻ وارو در تي بيٺو آهي.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan