Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




1.پطرس 4:1 - Hindu Sindhi Bible

1 هاڻ جيئن تہ مسيح هن پاپي سنسار ۾ تڪليف سٺي، تنهنڪري اوهين بہ ساڳيو سڀاءُ اختيار ڪندي تڪليفون سهڻ لاءِ تيار رهو، ڇاڪاڻ تہ جنهن بہ مسيح جي خاطر هن پاپي سنسار ۾ تڪليف سٺي آهي، سو پاپ تي حاوي پيو آهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

1 تنهنڪري جڏهن مسيح جسم ۾ ڏک سَٺا، تڏهن اوهين بہ ساڳي طبيعت اختيار ڪريو، ڇالاءِ تہ جنهن جسم ۾ ڏک سَٺا، سو گناهن کان ڇُٽي پيو؛

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Muslim Sindhi Bible

1 هاڻ جيئن تہ مسيح هن گنهگار دنيا ۾ تڪليف سٺي، تنهنڪري اوهين بہ ساڳيو سڀاءُ اختيار ڪندي تڪليفون سهڻ لاءِ تيار رهو، ڇاڪاڻ تہ جنهن بہ مسيح جي خاطر هن گنهگار دنيا ۾ تڪليف سٺي آهي، سو گناهہ تي غالب پيو آهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Common Language New Testament

1 تنھنڪري، جڏھن تہ مسيح جسماني طور ڏک سٺو، تڏھن اوھين بہ ساڳي طبيعت اختيار ڪري تيار ٿيو، ڇالاءِ⁠جو جنھن جسماني طور ڏک سٺو آھي تنھن گناھہ کان بس ڪئي آھي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




1.پطرس 4:1
17 Iomraidhean Croise  

تڏهن يسوع سڪل هٿ واري ماڻهوءَ کي چيو تہ ”اچ، ماڻهن جي سامهون ٿي بيهہ.“


اهڙيءَ طرح اوهين بہ پاڻ کي پاپ جي نسبت مئل سمجھو، جڏهن تہ يسوع مسيح ۾ اوهين پنهنجو جيون ايشور لاءِ مخصوص سمجھو.


نہ، هرگز نہ. اسين جيڪي پاپ جي نسبت مري چڪا آهيون، سي وري ڪيئن پاپ وارو جيون گذاري ٿا سگھون؟


ڇاڪاڻ تہ جيڪو مسيح سان گڏ مري ويو سو پاپ کان آزاد ڪيو ويو آهي.


هاڻ جيئن تہ آءٌ مسيح سان گڏ سوليءَ تي چاڙهيو ويو آهيان، سو آءٌ جيوت نہ رهيو آهيان، پر مسيح مون ۾ جيوت آهي. هاڻي جيڪو جيون آءٌ هن شرير ۾ گذاريان ٿو سو ايشور جي پٽ تي وشواس رکڻ ڪري گذاري رهيو آهيان، جنهن مون سان پيار ڪيو ۽ منهنجي لاءِ پنهنجي جان ڏيئي ڇڏي.


اسين جيڪي يسوع مسيح جا آهيون، تن انساني فطرت کي ان جي سوچن ۽ برين خواهشن سميت سوليءَ تي چاڙهي ڇڏيو آهي.


تنهنڪري ايشور جا سڀ هٿيار ٻڌي تيار رهو، تہ جيئن انهن جي حملي وارن برن ڏينهن ۾ سندن مقابلو ڪري سگھو ۽ سڀ ڪجھہ ڪرڻ کان پوءِ بہ مضبوطيءَ سان قائم رهي سگھو.


اوهين اهڙو ئي سڀاءُ رکو جهڙو يسوع مسيح جو هو.


هائو، جنهن هستيءَ پاپين جي ايڏي وڏي مخالفت برداشت ڪئي، تنهن تي غور ڪريو. تڏهن اوهين انهيءَ ڊوڙ ۾ ٿڪجي همت هاري نہ ويهندا.


سو جنهن کي ايشور کان آرام ملي ٿو، سو ايشور وانگر پنهنجي ڪمن کي پورو ڪري آرام حاصل ڪري ٿو.


انهيءَ ڳالهہ لاءِ ئي ايشور اوهان کي سڏيو آهي. هائو، صبر سان تڪليفون سهڻ لازمي آهي، ڇاڪاڻ تہ مسيح بہ اوهان جي خاطر تڪليفون سٺيون. ائين هو اوهان کي هڪڙو نمونو ڏيئي ويو آهي، تہ جيئن اوهين سندس نقشِ‌قدم تي هلندا رهو.


مسيح جو مثال اوهان جي سامهون آهي تہ هو سچار هو ۽ هن بدڪارن لاءِ سندن پاپن جي ڪري هميشہ لاءِ هڪڙي ئي ڀيري تڪليف سهي جان ڏني، انهيءَ لاءِ تہ اسان کي ايشور تائين پهچائي. هو هن پاپي سنسار جي نسبت ۾ ماريو ويو، پر آتمڪ طور وري جيوت ڪيو ويو.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan