Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




1.پطرس 3:7 - Hindu Sindhi Bible

7 اي پتيؤ! اوهين بہ ساڳيءَ طرح پنهنجين پتنين سان ڏاهپ سان هلو. ناري ذات کي پاڻ کان نازڪ سمجھي کيس مان ڏيو ۽ ڄاڻو تہ اهي بہ نئين جيون جي وردان ۾ اوهان سان گڏ وارث آهن. ائين ڪرڻ سان اوهان جون پرارٿنائون رڪجي نہ وينديون.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

7 ۽ اوهين جي مرد آهيو، سي بہ ساڳيءَ طرح پنهنجين زالن کي نازڪ ظرف سمجهي ساڻن سياڻپ سان هلو، ۽ پاڻ کي انهن سان زندگيءَ جي نعمت جي ورثي ۾ شريڪ ڄاڻي، کين عزت ڏيو؛ انهي لاءِ تہ اوهان جون دعائون روڪجي نہ وڃن.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Muslim Sindhi Bible

7 اي مڙ‌سؤ! اوهين بہ ساڳيءَ طرح پنهنجين زالن سان عقلمنديءَ سان هلو. عورت ذات کي پاڻ کان نازڪ سمجھي کيس عزت ڏيو ۽ ڄاڻو تہ اهي بہ نئين زندگيءَ جي نعمت ۾ اوهان سان گڏ وارث آهن. ائين ڪرڻ سان اوهان جون دعائون رڪجي نہ وينديون.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Common Language New Testament

7 اي مڙسؤ! اوھين بہ ساڳيءَ طرح پنھنجين زالن سان عقلمنديءَ سان ھلو. عورت ذات کي نازڪ سمجھي کيس عزت ڏيو ۽ ڄاڻو تہ اھي بہ اوھان جي زندگيءَ جي نعمت ۾ وارث آھن. ائين ڪرڻ سان اوھان جون دعائون بي⁠اثر نہ ٿينديون.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




1.پطرس 3:7
20 Iomraidhean Croise  

سو آءٌ اوهان کي چوان ٿو تہ جڏهن اوهان مان ڪي ٻہ ڄڻا بہ هڪ راءِ ٿي هن ڌرتيءَ تي ڪنهن ڳالهہ لاءِ پرارٿنا ڪندا تہ منهنجو آڪاش وارو پتا اوهان لاءِ اها ضرور پوري ڪندو،


هر پتي پنهنجي پتنيءَ جو حق ادا ڪري ۽ ساڳيءَ طرح هر پتني بہ پنهنجي پتيءَ جو.


اهو ڀيد هي آهي تہ يسوع مسيح ۾ غير قومن وارا بہ بني اسرائيل سان گڏ خوشخبريءَ جي وسيلي ايشور جي ميراث ۾ شريڪ آهن، هڪ ئي شرير جا عضوا آهن ۽ ايشور جي وچن ۾ حصيدار آهن.


انهيءَ سان گڏ ايشور جي پوِتر آتما کي رنج نہ ڪريو، جيڪا انهيءَ ڏينهن لاءِ اوهان تي مُهر آهي جڏهن اوهين ڇڏايا ويندا.


اهو اوهان سان بہ واسطو رکي ٿو تہ اوهان مان هر هڪ پتيءَ کي پنهنجي پتنيءَ سان اهڙو پيار ڪرڻ گھرجي جهڙو پيار هو پاڻ سان ٿو ڪري ۽ پتنيءَ کي بہ پنهنجي پتيءَ جو ادب ڪرڻ گھرجي.


پوِتر آتما جي هدايت سان هر وقت ۽ هر حالت ۾ پرارٿنا ۽ منٿ سان ايشور کان مدد گھرندا رهو. مسيح ۾ سڀني چونڊي پوِتر ڪيلن لاءِ بہ هميشہ ائين ئي پرارٿنا ڪندا رهو، انهيءَ لاءِ سجاڳ رهو ۽ همت نہ هاريو.


اي پتيؤ! پنهنجين پتنين سان پيار ڪريو، انهن ڏانهن پنهنجي دل کٽي نہ ڪريو.


اوهان مان هر ڪو ماڻهو پنهنجي شرير کي پوِتر ۽ مانواري نموني ۾ وس هيٺ رکڻ سکي،


انهيءَ لاءِ تہ اسين سندس ڪرپا جي ڪري ڏانهس سچار بڻجي انهيءَ امر جيون جا وارث ٿيون، جنهن جيون جي اسين اميد رکون ٿا.


ڇا اهي سڀ دوت ڀڳتي ڪندڙ آتمائون نہ آهن، جيڪي ميراث طور مڪتي حاصل ڪندڙن جي سيوا لاءِ موڪليا وڃن ٿا؟


اي پتنيون! انهيءَ طرح اوهين بہ پنهنجن پتين جي وس هيٺ رهو، انهيءَ لاءِ تہ جيڪڏهن انهن مان ڪي مسيح بابت سنديش کي نہ مڃيندا هجن تہ اهي اوهان پتنين جي چڱي هلت چلت جي ڪري، يعني جڏهن هو اوهان کي ايشور جو خوف ڪندي ۽ پوِتر هلت چلت ڪندي ڏسن، تہ چوڻ کان سواءِ ئي ايشور ڏانهن ڇڪجي اچن.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan