Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




1.پطرس 3:10 - Hindu Sindhi Bible

10 ڏسو، پوِتر شاستر ۾ لکيل آهي تہ ”جيڪو بہ جيون سکيو گذارڻ چاهي ۽ چڱا ڏينهن ڏسڻ جو خواهشمند هجي، سو پنهنجي زبان کي بڇڙائيءَ جي ڳالهين کان روڪي، هائو، پنهنجي وات کي ٺڳيءَ وارين ڳالهين کان پري رکي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

10 ڇالاءِ تہ ”جيڪو ڀانئين تہ حياتي سُکي گذاريان ۽ چڱا ڏينهن ڏسان، سو پنهنجي زبان کي بديءَ کان روڪي، ۽ پنهنجي چپن کي ٺڳيءَ جي ڳالهہ ڪرڻ کان؛

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Muslim Sindhi Bible

10 ڏسو، پاڪ ڪلام ۾ لکيل آهي تہ ”جيڪو بہ حياتي سکي گذارڻ چاهي ۽ چڱا ڏينهن ڏسڻ جو خواهشمند هجي، سو پنهنجي زبان کي بڇڙائيءَ جي ڳالهين کان روڪي، هائو، پنهنجي وات کي ٺڳيءَ وارين ڳالهين کان پري رکي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Common Language New Testament

10 جيئن پاڪ ڪلام ۾ لکيل آھي تہ ”جيڪوبہ ڀانئين تہ حياتي سکي گذاريان ۽ چڱا ڏينھن ڏسان، سو پنھنجي زبان کي بڇڙائيءَ کان ۽ پنھنجن چپن کي ٺڳيءَ جھڙي ڳالھہ ڪرڻ کان روڪي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




1.پطرس 3:10
24 Iomraidhean Croise  

يسوع وراڻيس تہ ”تون مون کان چڱي ڪم بابت ڇو ٿو پڇين؟ چڱو تہ رڳو ايشور ئي آهي. جيڪڏهن تون امر جيون حاصل ڪرڻ گھرين ٿو تہ ان جي حڪمن تي عمل ڪر.“


ڏسو، جيڪو چاهي ٿو تہ پنهنجي جان بچائي سو اها وڃائيندو. پر جيڪو منهنجي واسطي ۽ منهنجي خوشخبريءَ جي واسطي پنهنجي جان وڃائيندو سو اها بچائيندو.


جڏهن يسوع نٿن‌ايل کي پاڻ ڏانهن ايندي ڏٺو، تڏهن سندس بابت چيائين تہ ”ڏسو، هي بني اسرائيل جو سچو ماڻهو اٿوَ. هن ۾ ڪابہ ڏنگائي ڪانہ آهي.“


جيڪو بہ پنهنجي جان سان پيار ڪري ٿو سو اها وڃائيندو. پر جيڪو هن سنسار ۾ پنهنجي جان کي نظرانداز ڪري ٿو تنهن کي امر جيون ملندو.


جيڪڏهن ڪو ماڻهو پاڻ کي ڌرمچاري ٿو سمجھي پر پنهنجي زبان کي ضابطي ۾ نہ ٿو رکي تہ سندس ڌرمچاري اجائي آهي ۽ اهو پاڻ کي دوکو ٿو ڏئي.


انهيءَ ڪري هر طرح جي بدنيتي، سموري ٺڳي، پاکنڊپائي، ساڙ ۽ هر قسم جي گلا کي پاڻ کان پري اڇلايو.


پوِتر شاستر ۾ لکيل آهي تہ ”هن نڪي ڪو پاپ ڪيو ۽ نہ ئي سندس زبان مان ڪا ٺڳيءَ جي ڳالهہ نڪتي.“


انهن جي واتان ڪڏهن بہ ڪوڙ نہ نڪتو. اهي بي‌عيب آهن.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan