1.پطرس 2:5 - Hindu Sindhi Bible5 اوهين بہ جيوت پٿرن وانگر اڏجي ايشور جو آتمڪ گھر بڻبا ٿا وڃو. نہ رڳو اهو، پر اوهين پوِتر ڪاهنن جي مخصوص منڊليءَ جا رڪن بڻجي اهڙا آتمڪ ٻليدان پيش ٿا ڪريو، جيڪي يسوع مسيح جي وسيلي ايشور وٽ قبول پون ٿا. Faic an caibideilSindhi Bible5 ۽ اوهين بہ زندہ پهڻن وانگر اڏجي روحاني گهر بڻجو، انهي لاءِ تہ هڪڙي ڪاهنن جي پاڪ جماعت ٿي، اهڙيون روحاني قربانيون چاڙهيو جي يسوع مسيح جي وسيلي خدا وٽ قبول ٿيون پون. Faic an caibideilMuslim Sindhi Bible5 اوهين بہ جيئرن پٿرن وانگر اڏجي خدا جو روحاني گھر بڻبا ٿا وڃو. نہ رڳو اهو، پر اوهين پاڪ ڪاهنن جي مخصوص جماعت جا رڪن بڻجي اهڙيون روحاني قربانيون پيش ٿا ڪريو، جيڪي عيسيٰ مسيح جي وسيلي خدا وٽ قبول پون ٿيون. Faic an caibideilCommon Language New Testament5 اوھين بہ جيئرن پٿرن وانگر اڏجي روحاني گھر بڻبا ٿا وڃو، انھيءَ لاءِ تہ اوھين پاڪ ڪاھنن جي حيثيت ۾ اھڙيون روحاني قربانيون پيش ڪريو، جيڪي عيسيٰ مسيح جي وسيلي خدا وٽ قبول پون ٿيون. Faic an caibideil |
جيڪو آزمائشن تي حاوي پوندو، تنهن کي آءٌ پنهنجي ايشور جي هيڪل جو اهڙو ٿنڀو بڻائيندس جيڪو اتي هميشہ تائين قائم رهندو. آءٌ انهيءَ تي پنهنجي ايشور جو نالو ۽ پنهنجي ايشور جي شهر، يعني انهيءَ نئين يروشلم جو نالو اڪريندس، جيڪو منهنجي ايشور وٽان آڪاش کان هيٺ لهي اچڻ وارو آهي. آءٌ پنهنجو نئون نالو بہ انهيءَ ٿنڀي تي اڪريندس.