Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




1.پطرس 2:4 - Hindu Sindhi Bible

4 اهڙيءَ طرح اوهين انهيءَ جيوت پٿر، يعني يسوع مسيح وٽ اچو ٿا، جنهن کي ماڻهن تہ رد ڪري ڇڏيو پر ايشور ان کي قيمتي ڄاڻي مخصوص ڪيو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

4 انهيءَ پهڻ وٽ اچو جنهن کي معمارن رد ڪري ڇڏيو، پر جو خدا کي پسند ۽ قيمتي آهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Muslim Sindhi Bible

4 اهڙيءَ طرح اوهين انهيءَ جيئري پٿر، يعني عيسيٰ مسيح وٽ اچو ٿا، جنهن کي ماڻهن تہ رد ڪري ڇڏيو پر خدا ان کي قيمتي ڄاڻي مخصوص ڪيو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Common Language New Testament

4 انھيءَ جيئري پٿر، يعني مسيح وٽ اچو جنھن کي ماڻھن تہ رد ڪري ڇڏيو، پر خدا ان کي قيمتي ڄاڻي چونڊيو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




1.پطرس 2:4
31 Iomraidhean Croise  

اي اوهين سڀ جيڪي ڳرا بار کڻي ٿڪجي پيا آهيو! مون وٽ اچو، آءٌ اوهان کي آرام ڏيندس.


”ڏسو، هي منهنجو داس آهي، جنهن کي مون مخصوص ڪيو آهي. هي منهنجو پيارو آهي، ۽ آءٌ هن مان ڏاڍو خوش آهيان. آءٌ هن تي پنهنجي آتما پرگھٽ ڪندس، ۽ هي هر قوم ۾ منهنجي انصاف جو اعلان ڪندو.


يسوع انهن کي چيو تہ ”ڇا اوهان پوِتر شاستر ۾ ڪڏهن اهو نہ پڙهيو آهي تہ ’جنهن پٿر کي رازن رد ڪري ڇڏيو هو، سو ئي پيڙهہ جو پٿر ٿيو آهي. اهو پرميشور جي طرفان ڪيو ويو آهي، اها اسان لاءِ ڪهڙي نہ عجيب ڳالهہ آهي!‘“


ٿوري وقت کان پوءِ سنسار مون کي وري نہ ڏسندو، پر اوهين مون کي ڏسندا. جيئن تہ آءٌ جيوت آهيان تنهنڪري اوهين بہ جيوت هوندا.


يسوع کيس وراڻيو تہ ”رستو، سچ ۽ جيون آءٌ آهيان. منهنجي وسيلي کان سواءِ ڪوبہ پتا تائين پهچي نہ ٿو سگھي.


هائو، جيئن پتا جيون جو بنياد آهي، تيئن هن پنهنجي پٽ کي بہ جيون جو بنياد بڻايو آهي.


تڏهن بہ اوهين مون وٽ نہ ٿا اچو تہ امر جيون مليوَ.


پر جيڪي پتا مون کي ڏيندو سي سڀ مون وٽ ايندا ۽ جيڪو بہ مون وٽ ايندو تنهن کي آءٌ ڪڏهن بہ نہ موٽائيندس.


جهڙيءَ طرح پتا جيڪو جيوت آهي تنهن مون کي موڪليو آهي ۽ آءٌ هن جي ڪري جيوت آهيان، تهڙيءَ طرح جيڪو بہ مون کي کائي ٿو سو منهنجي ڪري جيوت رهندو.


اڳي ايشور جا دشمن هئڻ جي باوجود اسان جو سندس پٽ جي موت جي وسيلي ساڻس ميل ميلاپ ٿي ويو. هاڻي جڏهن تہ اسان جو ايشور سان ميل ميلاپ ٿي ويو آهي، تڏهن اها ڳالهہ ڪيڏي نہ يقيني آهي جو سندس پٽ جي جيون جي وسيلي اسين بچي وينداسين.


ڪوبہ انسان ٻيو بنياد وجھي نہ ٿو سگھي، سواءِ ايشور جي انهيءَ رکيل بنياد جي ۽ اهو بنياد يسوع مسيح آهي.


پوءِ جڏهن مسيح، جيڪو اوهان جو جيون آهي سو ظاهر ٿيندو، تڏهن اوهين بہ ساڻس گڏ سندس جوت ۾ ظاهر ڪيا ويندا.


پر هڪ بي‌عيب ۽ بي‌داغ گھيٽڙي، يعني مسيح جي قيمتي رت سان اوهان کي ڇڏايو ويو.


انهن آزمائشن جو مقصد اهو آهي تہ اوهان جو وشواس خالص ثابت ٿئي. ڏسو، جيئن باهہ سون کي خالص بڻائي ٿي ڇڏي تيئن اوهان جو وشواس بہ آزمايو وڃي ٿو، جڏهن تہ اهو ناس ٿيندڙ سون کان گھڻو قيمتي آهي. ايشور چاهي ٿو تہ اوهين يسوع مسيح جي وري ظاهر ٿيڻ وقت ساراهہ، شان وَ شوڪت ۽ مان‌سمان جي لائق قرار ڏنا وڃو.


تنهنڪري اوهان وشواس آڻڻ وارن لاءِ اهو قيمتي آهي. پر وشواس نہ آڻڻ وارن لاءِ پوِتر شاستر ۾ هي لکيل آهي تہ ”جنهن پٿر کي رازن رد ڪري ڇڏيو هو، سو ئي پيڙهہ جو پٿر ٿيو آهي،“


هي خط مون شمعون پطرس جي طرفان آهي، جيڪو يسوع مسيح جو داس ۽ سندس خوشخبري ٻڌائيندڙ سنت آهيان. هي خط انهن ڏانهن ٿو لکجي، جن کي اسان جي ايشور ۽ مڪتي ڏيندڙ، يعني يسوع مسيح جي سچائيءَ جي وسيلي اسان جهڙو قيمتي وشواس حاصل ٿيو آهي.


انهيءَ طرح هو اسان سان ڪيل نهايت وڏا ۽ قيمتي وچن پورا ڪري ٿو. هن چاهيو ٿي تہ اوهين انهن جي وسيلي سنسار جي برين خواهشن مان پيدا ٿيندڙ تباهيءَ واري خرابيءَ کان بچي سندس مهان ذات ۾ شامل ٿي وڃو.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan