Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




1.پطرس 2:2 - Hindu Sindhi Bible

2 انهن جي بدران جيئن نوان ڄاول ٻارڙا نج کير ٿا چاهين، تيئن اوهين بہ ايشور جي فرمانن وارين نج ڳالهين جو چاهہ رکندا تہ انهن جي وسيلي مڪمل مڪتيءَ ڏانهن وڌندا ويندا.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

2 نوزاد ڄاول ٻارن وانگر اُنهي نج روحاني کير جا خواهشمند ٿيو، تہ انهي تي نپجي نجات حاصل ڪريو؛

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Muslim Sindhi Bible

2 انهن جي بدران جيئن نوان ڄاول ٻارڙا نج کير جا طلبگار ٿا ٿين، تيئن اوهين بہ خدا جي فرمانن وارين نج ڳالهين جا طلبگار ٿيندا تہ انهن جي وسيلي مڪمل ڇوٽڪاري ڏانهن وڌندا ويندا.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Common Language New Testament

2 جيئن نوان ڄاول ٻارڙا نج کير جا طلبگار ٿا ٿين، تيئن اوھين بہ نج روحاني کير جا طلبگار ٿيو، تہ انھيءَ جي وسيلي وڌي اوھين ڇوٽڪارو حاصل ڪريو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




1.پطرس 2:2
21 Iomraidhean Croise  

چيو تہ ”آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ جيستائين اوهين بدلجي ٻارن وانگر نہ ٿيندا، تيستائين آڪاش جي راڄ ۾ هرگز داخل ٿي نہ سگھندا.


يسوع چين تہ ”ٻارن کي نہ جھليو، انهن کي مون وٽ اچڻ ڏيو، ڇاڪاڻ تہ ايشور جو راڄ اهڙن جو ئي آهي.“


آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ جيستائين ڪو ايشور جي راڄ کي هڪ ننڍي ٻار وانگر ٿي قبول نہ ڪندو، تيستائين اهو ان ۾ داخل نہ ٿيندو.“


آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ جيڪو بہ ايشور جي راڄ کي ٻار وانگر ٿي قبول نہ ڪندو سو ڪڏهن بہ ان ۾ داخل نہ ٿيندو.“


تنهنڪري بپتسما جي وسيلي اسين سندس مرڻ ۾ شامل ٿي هن سان گڏ دفن ٿي ويا آهيون، انهيءَ لاءِ تہ جهڙيءَ طرح مسيح کي پتا جي مهان شڪتيءَ سان مئلن مان جيوت ڪيو ويو، تهڙيءَ طرح اسين بہ نئين سر جيون گذاريون.


اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اوهين ٻاراڻي سمجھہ نہ رکو. بڇڙائيءَ ۾ تہ ٻارڙا بڻجو، پر سمجھہ ۾ جوان ٿيو.


هن ۾ ئي سموري اڏاوت ڳنڍجي وڌندي ٿي وڃي ۽ اهڙيءَ طرح پرميشور لاءِ هڪ مخصوص ۽ پوِتر گھر ٺهندو وڃي ٿو.


پر اٽلندو اسين پيار جي جذبي سان سچ تي هلي سڀني ڳالهين ۾ وڌندي پوري نموني مسيح سان گڏجي هڪ ٿيون، جيڪو منڊليءَ جو مٿو آهي.


اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اسان تي لازم آهي تہ اوهان جي لاءِ هميشہ ايشور جو شڪر ادا ڪندا رهون. هي انهيءَ ڪري مناسب آهي جو اوهان جي وشواس ۾ گھڻي کان گھڻو واڌارو ايندو ٿو وڃي ۽ اوهان سڀني جو هڪٻئي لاءِ پيار وڌندو ٿو وڃي.


اوهين ناس ٿيندڙ ٻج مان نہ، بلڪ ابناسي ٻج، يعني ايشور جي انهيءَ فرمان جي وسيلي نئين سر پيدا ٿيا آهيو، جيڪو جيوت ۽ امر رهڻ وارو آهي.


ان جي بدران اوهين اسان جي پرڀوءَ ۽ مڪتي ڏيندڙ يسوع مسيح جي ڪرپا جي وسيلي کيس ڄاڻڻ ۾ وڌندا رهو. شل انهيءَ جي مهانتا جي مهما هاڻي بہ ٿئي ۽ هميشہ هميشہ تائين ٿيندي رهي. آمين.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan