Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




1.يوحنا 4:3 - Hindu Sindhi Bible

3 پر جيڪو ماڻهو يسوع بابت انهيءَ ڳالهہ کي نہ ٿو مڃي، تنهن ۾ ايشور جي آتما نہ آهي. انهيءَ ۾ مسيح جي مخالف جي آتما آهي، جنهن بابت اوهان ٻڌو آهي تہ اها آتما اچڻ واري آهي، بلڪ هاڻي سنسار ۾ اچي چڪي آهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

3 ۽ جيڪو روح يسوع کي نٿو مڃي، سو خدا جي طرفان ناهي. ۽ اهوئي مخالف مسيح جو روح آهي، جنهن جي بابت اوهان ٻُڌو آهي تہ اچڻ وارو آهي؛ بلڪ هاڻي ئي دنيا ۾ اچي چڪو آهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Muslim Sindhi Bible

3 پر جيڪو ماڻهو عيسيٰ بابت انهيءَ ڳالهہ کي نہ ٿو مڃي، تنهن ۾ خدا جو روح نہ آهي. انهيءَ ۾ مسيح جي مخالف جو روح آهي، جنهن بابت اوهان ٻڌو آهي تہ اهو روح اچڻ وارو آهي، بلڪ هاڻي دنيا ۾ اچي چڪو آهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Common Language New Testament

3 پر جيڪو روح عيسيٰ کي نہ ٿو مڃي، سو خدا جي طرفان نہ آھي ۽ اھو ئي مسيح جي دشمن جو روح آھي، جنھن جي بابت اوھان ٻڌو آھي تہ اچڻ وارو آھي، بلڪ ھاڻي اچي چڪو آھي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




1.يوحنا 4:3
5 Iomraidhean Croise  

ڇو تہ گھڻا ئي منهنجي نالي سان ايندا ۽ پاڻ کي مسيح سڏائي گھڻن ئي ماڻهن کي ڀَٽڪائيندا.


پيارا ٻارؤ! هي انتم وقت آهي. اوهان ٻڌو آهي تہ مسيح جو هڪ مخالف اچڻ وارو آهي، جڏهن تہ هاڻي مسيح جا ڪيترائي مخالف ظاهر ٿيا آهن، جنهن مان اسان کي سڌ پوي ٿي تہ هي ئي انتم وقت آهي.


هاڻي ڏسو، ڪوڙو ڪير آهي؟ ڪوڙو اهو آهي جيڪو انڪار ڪندي چوي ٿو تہ ”يسوع اهو مسيح نہ آهي.“ اِهو ئي مسيح جو مخالف آهي، ڇو تہ هو پتا ۽ پٽ جو انڪار ڪري ٿو.


اهو ضروري آهي ڇاڪاڻ تہ سنسار ۾ ڪيترائي ڀَٽڪائيندڙ نڪري پيا آهن، جيڪي اهو انڪار ٿا ڪن تہ يسوع مسيح شرير ۾ آيو. اهڙي قسم جا ماڻهو ڀَٽڪائيندڙ ۽ مسيح جا مخالف آهن.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan