Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




1.يوحنا 4:2 - Hindu Sindhi Bible

2 ايشور جي آتما کي اوهين هن طرح سڃاڻي سگھو ٿا تہ جيڪو ماڻهو قبول ڪري ٿو تہ يسوع مسيح شرير ۾ آيو، تنهن ۾ ايشور جي آتما آهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

2 خدا جي روح کي اوهين هن طرح سڃاڻندا؛ جيڪو روح قبول ڪري تہ يسوع مسيح مجسم ٿيو آهي، سو خدا جي طرفان آهي؛

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Muslim Sindhi Bible

2 خدا جي روح کي اوهين هن طرح سڃاڻي سگھو ٿا تہ جيڪو ماڻهو قبول ڪري ٿو تہ عيسيٰ مسيح جسم ۾ آيو، تنهن ۾ خدا جو روح آهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Common Language New Testament

2 خدا جي روح کي اوھين ھن طرح سڃاڻي سگھو ٿا تہ جيڪو روح قبول ڪري ٿو تہ عيسيٰ مسيح انساني صورت ۾ آيو، سو خدا جي طرفان آھي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




1.يوحنا 4:2
10 Iomraidhean Croise  

اهو وچن انساني روپ ۾ آيو ۽ اچي اسان سان گڏ رهيو. اسان سندس جوت ڏٺي، جيڪا هن کي پتا جي هڪڙي ئي پٽ هئڻ ڪري ملي ۽ هو ڪرپا ۽ سچائيءَ سان ڀرپور هو.


تنهنڪري آءٌ اوهان کي سمجھائڻ گھران ٿو تہ ايشور جي آتما جي اثر هيٺ ڪوبہ نہ چوندو تہ يسوع لعنتي آهي ۽ نہ وري ڪو پوِتر آتما کان سواءِ چئي سگھندو تہ يسوع ئي پرڀو آهي.


انهيءَ سچ بابت اسان کي ڪو شڪ ناهي، بلڪ ڌرمچاريءَ جو اهو ڀيد مهان آهي، يعني هو شرير ۾ ظاهر ٿيو ۽ پوِتر آتما ۾ سچو ثابت ٿيو. هو دوتن کي ڏسڻ ۾ آيو ۽ قومن ۾ سندس پرچار ڪيو ويو. سنسار ۾ مٿس وشواس آندو ويو ۽ مٿي مهان ايشور جي تخت ڏانهن کنيو ويو.


هو جيڪو خود جيون هو، سو ظاهر ٿيو ۽ اسان انهيءَ کي ڏٺو. اسين شاهدي ڏيئي انهيءَ امر جيون بابت اوهان کي ٻڌايون ٿا، جيڪو ايشور پتا سان هو ۽ اسان تي ظاهر ٿيو.


جيڪو پٽ جو انڪار ٿو ڪري تنهن وٽ پتا بہ نہ آهي، پر جيڪو پٽ جو اقرار ڪري ٿو تنهن وٽ پتا بہ آهي.


سو جيڪو اقرار ڪري ٿو تہ يسوع ايشور جو پٽ آهي، تہ ايشور انهيءَ ۾ رهي ٿو ۽ هو ايشور ۾.


پر جيڪو ماڻهو يسوع بابت انهيءَ ڳالهہ کي نہ ٿو مڃي، تنهن ۾ ايشور جي آتما نہ آهي. انهيءَ ۾ مسيح جي مخالف جي آتما آهي، جنهن بابت اوهان ٻڌو آهي تہ اها آتما اچڻ واري آهي، بلڪ هاڻي سنسار ۾ اچي چڪي آهي.


جنهن جو اهو وشواس آهي تہ يسوع ئي مسيح آهي، سو ايشور جو ٻار بڻيو آهي. ڏسو، هن سنسار ۾ جيڪو ڪنهن پتا سان پيار ٿو ڪري، سو سندس اولاد سان بہ پيار ٿو ڪري.


اهو ضروري آهي ڇاڪاڻ تہ سنسار ۾ ڪيترائي ڀَٽڪائيندڙ نڪري پيا آهن، جيڪي اهو انڪار ٿا ڪن تہ يسوع مسيح شرير ۾ آيو. اهڙي قسم جا ماڻهو ڀَٽڪائيندڙ ۽ مسيح جا مخالف آهن.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan