Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




1.يوحنا 2:4 - Hindu Sindhi Bible

4 جيڪڏهن ڪو ماڻهو چوي ٿو تہ ”آءٌ ايشور کي ڄاڻان ٿو،“ پر سندس حڪمن تي عمل نہ ٿو ڪري تہ اهو شخص ڪوڙو آهي ۽ هن ۾ سچ اصل موجود ڪونہ آهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

4 ۽ جيڪو چوي ٿو تہ آئون هن کي سڃاڻان ٿو ۽ سندس حڪمن تي نٿو هلي، سو ڪوڙو آهي ۽ منجهس سچائي ڪانهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Muslim Sindhi Bible

4 جيڪڏهن ڪو ماڻهو چوي ٿو تہ ”آءٌ خدا کي ڄاڻان ٿو،“ پر سندس حڪمن تي عمل نہ ٿو ڪري تہ اهو شخص ڪوڙو آهي ۽ هن ۾ سچ اصل موجود ڪونہ آهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Common Language New Testament

4 جيڪڏھن ڪو ماڻھو چوي تہ ”آءٌ خدا کي سڃاڻان ٿو،“ پر سندس حڪمن تي عمل نہ ٿو ڪري تہ اھو شخص ڪوڙو آھي ۽ ھن ۾ سچائي اصل ڪانہ آھي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




1.يوحنا 2:4
13 Iomraidhean Croise  

اوهين پنهنجي پتا شيطان جو اولاد آهيو ۽ پنهنجي پتا جون مرضيون پوريون ڪرڻ گھرو ٿا. هو تہ شروعات کان وٺي خوني آهي ۽ ڪڏهن بہ سچ جو پاسو نہ ورتو اٿائين، ڇاڪاڻ تہ هن ۾ سچ آهي ئي ڪين. جڏهن هو ڪوڙ ٿو ڳالهائي تہ پنهنجي فطرت موجب ٿو ڳالهائي، ڇاڪاڻ تہ هو ڪوڙو آهي، بلڪ ڪوڙ جو باني آهي.


انهيءَ جو سبب هي آهي جو گھڻا ئي ماڻهو، خاص ڪري اهي جيڪي ختنو ڪرائڻ لاءِ زور ٿا ڀرين، سي فسادي، اجائي بڪ بڪ ڪندڙ ۽ دغاباز آهن.


اهي ايشور کي ڄاڻڻ جي دعويٰ تہ ڪن ٿا، پر سندن عمل انهيءَ جي ابتڙ آهن. اهي نفرت جوڳا، نافرمان ۽ ڪنهن نيڪ ڪم ڪرڻ جي لائق نہ آهن.


هاڻ جيڪڏهن اسين چئون تہ اسان پاپ ڪونہ ڪيو آهي، تڏهن اسين ڄڻ ايشور کي ڪوڙو ٿا ڪريون ۽ اسان ۾ سندس سنديش موجود نہ آهي.


پوءِ جيڪڏهن اسين چئون تہ ايشور سان اسان جو ميل ميلاپ آهي ۽ هلون وري اوندهہ ۾، تہ اسين ڪوڙ ٿا ڳالهايون ۽ سچ تي عمل نہ ٿا ڪريون.


جيڪڏهن اسين چئون تہ اسان ۾ پاپ آهي ئي ڪونہ، تہ پوءِ اسين پاڻ کي ٺڳيون ٿا ۽ اسان ۾ سچ موجود ڪونهي.


جيڪڏهن اسين ايشور جي حڪمن تي عمل ڪنداسين، تہ پوءِ اسان کي يقين ٿي ويندو تہ اسين کيس چڱيءَ طرح ڄاڻون ٿا.


جيڪو دعويٰ ٿو ڪري تہ ”آءٌ روشنيءَ ۾ آهيان،“ پر پنهنجي وشواسي ڀاءُ ڀيڻ سان نفرت ٿو ڪري، سو اڃا تائين اونداهيءَ ۾ آهي.


تنهنڪري جيڪو منجھس قائم رهي ٿو سو پاپ نہ ٿو ڪري. پر جيڪو پاپ ڪري ٿو تنهن نہ کيس ڏٺو آهي ۽ نہ وري کيس ڄاتو آهي.


جيڪڏهن ڪو ماڻهو چوي تہ ”آءٌ ايشور سان پيار ٿو ڪريان،“ پر هو پنهنجي ڪنهن هم‌وشواسيءَ سان نفرت ٿو ڪري تہ هو ڪوڙو آهي. انهيءَ ڪري جو جن کي هو ڏسي ٿو تن سان پيار نہ ٿو ڪري، تہ پوءِ هو ايشور سان پيار ڪيئن ڪري سگھندو جنهن کي هو ڏسي ئي ڪونہ ٿو.


اي پريميؤ! اچو تہ هڪٻئي سان پيار ڪريون، ڇاڪاڻ تہ پيار ايشور جي طرفان آهي. جيڪو پيار ڪري ٿو، سو ايشور جو ٻار آهي ۽ هو ايشور کي ڄاڻي ٿو.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan