Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




1.يوحنا 2:1 - Hindu Sindhi Bible

1 اي منهنجا پيارا ٻارؤ! آءٌ هي اوهان ڏانهن انهيءَ لاءِ لکي رهيو آهيان، تہ جيئن اوهين پاپ نہ ڪريو. پر جيڪڏهن ڪو شخص پاپ ڪري ٿو تہ پتا وٽ اسان جي سفارش ڪندڙ هڪڙو مددگار موجود آهي، يعني يسوع مسيح جيڪو خود سچار آهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

1 اي منهنجا ننڍڙا ٻارو، اهي ڳالهيون آئون اوهان ڏانهن انهي لاءِ ٿو لکان تہ اوهين گناهہ نہ ڪريو. ۽ جيڪڏهن ڪو ماڻهو کڻي گناهہ ڪري تہ پيءُ وٽ اسان جو هڪڙو مددگار موجود آهي، يعني يسوع مسيح راستباز:

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Muslim Sindhi Bible

1 اي منهنجا پيارا ٻارؤ! آءٌ هي اوهان ڏانهن انهيءَ لاءِ لکي رهيو آهيان، تہ جيئن اوهين گناهہ نہ ڪريو. پر جيڪڏهن ڪو شخص گناهہ ڪري ٿو تہ پيءُ وٽ اسان جي سفارش ڪندڙ هڪڙو مددگار موجود آهي، يعني عيسيٰ مسيح جيڪو خود سچار آهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Common Language New Testament

1 منھنجا پيارا ٻارو، آءٌ ھي اوھان ڏانھن انھيءَ لاءِ لکي رھيو آھيان، تہ جيئن اوھين گناھہ نہ ڪريو. پر جيڪڏھن ڪو شخص گناھہ ڪري ٿو تہ پيءُ وٽ اسان جو ھڪڙو مددگار موجود آھي يعني عيسيٰ مسيح، جيڪو انصاف ڪرڻ وارو آھي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




1.يوحنا 2:1
47 Iomraidhean Croise  

شڪر ڪرڻ کان پوءِ هن چيو تہ ”منهنجي پتا مون کي سڀ شيون سونپي ڇڏيون آهن. پتا کان سواءِ ڪوبہ نہ ٿو ڄاڻي تہ پٽ ڪير آهي ۽ پٽ کان سواءِ ڪوبہ نہ ٿو ڄاڻي تہ پتا ڪير آهي، يا رڳو اهو جنهن تي پٽ کيس ظاهر ڪرڻ چاهي.“


اي منهنجا ٻارؤ! آءٌ اوهان سان گھڻو وقت نہ رهندس. اوهين مون کي ڳوليندا، پر جتي آءٌ وڃي رهيو آهيان اتي اچي نہ سگھندا. آءٌ اوهان کي اهو ئي ٻڌايان ٿو، جيڪو مون يهودي اڳواڻن کي ٻڌايو هو.


آءٌ پتا کي وينتي ڪندس تہ هو اوهان کي هڪ ٻيو مددگار ڏيندو، جيڪو هميشہ تائين اوهان سان رهندو.


يسوع کيس وراڻيو تہ ”رستو، سچ ۽ جيون آءٌ آهيان. منهنجي وسيلي کان سواءِ ڪوبہ پتا تائين پهچي نہ ٿو سگھي.


پوءِ يسوع انهن کي چيو تہ ”اي جوانؤ! ڇا اوهان کي ڪجھہ مليو؟“ هنن وراڻيس تہ ”ڪجھہ بہ نہ.“


ٿوري وقت کان پوءِ يسوع انهيءَ ماڻهوءَ کي هيڪل ۾ ڏٺو ۽ کيس چيائين تہ ”ڏس، هاڻي تون چڱو ڀلو ٿي ويو آهين، سو وري پاپ نہ ڪجانءِ، متان هن کان بہ وڌيڪ تڪليف نہ اچيئي.“


پر مون وٽ جيڪا شاهدي آهي سا يوحنا جي شاهديءَ کان بہ وڌيڪ آهي. هائو، جيڪي ڪم پتا مون کي پوري ڪرڻ لاءِ ڏنا آهن، يعني اهي ساڳيا ئي ڪم جيڪي آءٌ هينئر ڪري رهيو آهيان، سي ئي منهنجي شاهدي ٿا ڏين تہ پتا مون کي موڪليو آهي.


ناس ٿيندڙ کاڌي لاءِ محنت نہ ڪريو، بلڪ انهيءَ کاڌي لاءِ محنت ڪريو، جنهن مان امر جيون ٿو ملي. اهو کاڌو منش‌پتر اوهان کي ڏيندو، ڇاڪاڻ تہ پتا يعني ايشور هن تي اختياريءَ جي مُهر هڻي ڇڏي آهي.“


انهيءَ ناريءَ وراڻيو تہ ”سوامي! نہ، ڪوبہ ڪونهي.“ تنهن تي يسوع چيس تہ ”چڱو آءٌ بہ تو کي پاپي نہ ٿو قرار ڏيان. سو وڃ، پر وري پاپ نہ ڪجانءِ.“


ايشور جو سنديش ڏيندڙ اهو ڪهڙو سنت هو جنهن کي اوهان جي ابن ڏاڏن نہ ستايو؟ هنن انهن کي بہ مارايو، جن انهيءَ سچار بندي جي اچڻ جي اڳواٽ خبر ڏني ۽ هاڻي اوهان پاڻ انهيءَ سان دغابازي ڪري کيس مارايو آهي.


اڳي ايشور جا دشمن هئڻ جي باوجود اسان جو سندس پٽ جي موت جي وسيلي ساڻس ميل ميلاپ ٿي ويو. هاڻي جڏهن تہ اسان جو ايشور سان ميل ميلاپ ٿي ويو آهي، تڏهن اها ڳالهہ ڪيڏي نہ يقيني آهي جو سندس پٽ جي جيون جي وسيلي اسين بچي وينداسين.


پوءِ ڇا اسين پاپ ڪريون، انهيءَ لاءِ تہ هاڻي اسين نيم جي نہ، پر ايشور جي ڪرپا جي وس هيٺ آهيون؟ نہ، هرگز نہ.


ڪير آهي جيڪو اسان کي پاپي قرار ڏيندو؟ جڏهن تہ يسوع مسيح خود اسان جي خاطر پنهنجي جان ڏني، بلڪ مئلن مان وري جيوت ٿي اٿيو. هو ايشور جي ساڄي پاسي آهي ۽ اسان جي سفارش پيو ڪري.


صحيح سوچ رکڻ لاءِ جاڳي پئو ۽ پاپ ڪرڻ ڇڏي ڏيو. اوهان مان ڪي ايشور جي باري ۾ ڪجھہ نہ ٿا ڄاڻن. آءٌ چوان ٿو تہ اها اوهان لاءِ شرم جي ڳالهہ آهي.


مسيح جيڪو پاپ کان پوِتر هو، تنهن کي ايشور اسان جي واسطي پاپ جو ٻليدان مقرر ڪيو، تہ جيئن مسيح ۾ هئڻ ڪري اسان مان ايشور جي سچائي ظاهر ٿئي.


اي منهنجا ٻارڙؤ! آءٌ اوهان جي لاءِ ويم ڪندڙ ناريءَ وانگر وري سور محسوس ڪريان ٿو، جيستائين اوهين پوريءَ طرح مسيح جهڙا بڻجي نہ ٿا وڃو.


ائين مسيح جي ئي وسيلي اسان ٻنهي يعني يهودين ۽ غير يهودين کي ساڳيءَ ئي پوِتر آتما ملڻ سان پتا تائين پهچ حاصل ٿي آهي.


جيڪڏهن اوهان کي ڪاوڙ اچي وڃي تہ پاپ نہ ڪجو، بلڪ سج لهڻ کان اڳ اوهان جي ڪاوڙ بہ ختم ٿي وڃي.


انهيءَ جو سبب هي آهي تہ مڪتي ڏيڻ وارو ايشور هڪڙو ئي آهي ۽ ايشور ۽ ماڻهن جو وچ وارو بہ هڪڙو آهي، يعني يسوع مسيح جيڪو انسان آهي.


مون کي اميد آهي تہ جلد ئي تو سان اچي ملندس. تڏهن بہ هي هدايتون آءٌ تو ڏانهن انهيءَ لاءِ لکي رهيو آهيان


اهو ئي سبب آهي جو مسيح انسان جي ٺاهيل انهيءَ پوِتر ترين جاءِ ۾ داخل نہ ٿيو، جيڪا حقيقي پوِتر ترين جاءِ جو رڳو نقل هئي. پر هو آڪاش ۾ ئي داخل ٿيو، تہ جيئن هاڻي ايشور جي شرڻ ۾ اسان جي خاطر حاضر رهي.


اسان جي پتا ايشور جي نظر ۾ خالص ۽ بي‌عيب ڌرمچاري اها آهي تہ يتيمن ۽ وڌوائن جي سندن مصيبت جي وقت سار سنڀال ڪجي ۽ پاڻ کي سنسار جي گندگيءَ کان بچائي بي‌داغ رکجي.


جنهن زبان سان اسين پتا پرميشور جي مهما ٿا ڪريون تنهن سان ئي ماڻهن کي سراپ ٿا ڏيون، جيڪي ايشور جي روپ تي پيدا ٿيل آهن.


پوِتر شاستر ۾ لکيل آهي تہ ”هن نڪي ڪو پاپ ڪيو ۽ نہ ئي سندس زبان مان ڪا ٺڳيءَ جي ڳالهہ نڪتي.“


مسيح جو مثال اوهان جي سامهون آهي تہ هو سچار هو ۽ هن بدڪارن لاءِ سندن پاپن جي ڪري هميشہ لاءِ هڪڙي ئي ڀيري تڪليف سهي جان ڏني، انهيءَ لاءِ تہ اسان کي ايشور تائين پهچائي. هو هن پاپي سنسار جي نسبت ۾ ماريو ويو، پر آتمڪ طور وري جيوت ڪيو ويو.


اي پيارا ٻارؤ! اسين رڳو ڳالهين ۽ زبان سان نہ، پر عملي طور سچ مطابق پيار ڪريون.


اوهين ڄاڻو ٿا تہ مسيح انهيءَ لاءِ ظاهر ٿيو تہ جيئن پاپن کي کڻي وڃي ۽ هو ئي آهي جنهن ۾ پاپ آهي ئي ڪونہ.


سو اي پيارا ٻارؤ! ڪنهن جي دوکي ۾ نہ اچجو. جيڪو سچائيءَ جا ڪم ڪري ٿو سو ئي سچار آهي، جيئن مسيح سچار آهي.


پيارا ٻارؤ! اوهين ايشور جا آهيو ۽ انهن تي سوڀارا ٿيا آهيو جيڪي سنديش ڏيندڙ سنت سڏائين ٿا، ڇاڪاڻ تہ جيڪو اوهان ۾ آهي سو انهيءَ کان وڌيڪ طاقتور آهي جيڪو سنسار ۾ آهي.


هر بري ڳالهہ پاپ آهي، پر هر پاپ جو نتيجو موت نہ آهي.


سو اي پيارا ٻارؤ! بتن کان پاڻ کي بچائجو.


منهنجي لاءِ انهيءَ کان وڌيڪ ٻي ڪابہ خوشي ڪانهي، جڏهن آءٌ ٻڌان تہ منهنجا ٻار سچ مطابق هلي رهيا آهن.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan