Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




1.يوحنا 1:9 - Hindu Sindhi Bible

9 پر جيڪڏهن اسين پنهنجا پاپ باسينداسين تہ ايشور اسان جا پاپ معاف ڪرڻ ۽ اسان کي سڄي بڇڙائيءَ کان پوِتر ڪرڻ وارو پنهنجو وچن پاڙيندو، ڇاڪاڻ تہ هو سچو ۽ وفا ڪرڻ وارو آهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

9 جي اسين پنهنجا گناهہ باسينداسين تہ هو اسان جا گناهہ معاف ڪرڻ، ۽ اسان کي سموري ناراستيءَ کان پاڪ ڪرڻ ۾ سچو ۽ عادل آهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Muslim Sindhi Bible

9 پر جيڪڏهن اسين پنهنجا گناهہ باسينداسين تہ خدا اسان جا گناهہ معاف ڪرڻ ۽ اسان کي سڄي بڇڙائيءَ کان پاڪ ڪرڻ وارو پنهنجو واعدو پاڙيندو، ڇاڪاڻ تہ هو سچو ۽ وفا ڪرڻ وارو آهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Common Language New Testament

9 پر جيڪڏھن اسين پنھنجا گناھہ باسينداسين تہ خدا پنھنجو واعدو پاڙيندو ۽ انصاف ڪري اسان جا گناھہ معاف ڪندو ۽ اسان کي ساري بڇڙائيءَ کان پاڪ ڪري ڇڏيندو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




1.يوحنا 1:9
37 Iomraidhean Croise  

انهن پنهنجا پاپ پئي باسيا ۽ هن کين اردن درياءَ ۾ بپتسما ٿي ڏني.


تڏهن يهوديہ صوبي، بلڪ ان جي شهر يروشلم جا بہ تمام گھڻا ماڻهو نڪري يوحنا وٽ آيا. انهن پنهنجا پاپ پئي باسيا ۽ هن کين اردن درياءَ ۾ بپتسما ٿي ڏني.


پر پطرس ڦري ويو ۽ چيائينس تہ ”نہ مائي! آءٌ تہ سڃاڻانس بہ ڪين.“


اي سچا پتا! سنسار تو کي نہ ڄاتو، پر آءٌ تو کي ڄاڻان ٿو. هنن چيلن بہ ڄاڻي ورتو آهي تہ تو مون کي موڪليو آهي.


جن مٿس وشواس آندو هو تن مان ڪيترن ئي کُلي‌عام پنهنجا ڪيل بڇڙا ڪم باسيا.


پر هاڻي هو ائين نہ ٿو ڪري. انهيءَ جي بدران پنهنجي سچائي ڏيکاريندي ايشور اهو ظاهر ٿو ڪري تہ هو سچو آهي ۽ هر انهيءَ ماڻهوءَ کي پڻ پاڻ ڏانهن سچار ڪري ٿو، جيڪو يسوع تي وشواس آڻي ٿو.


ايشور، جنهن پنهنجي پٽ يعني اسان جي پرڀو يسوع مسيح جي سنگت ۾ رهڻ لاءِ اوهان کي سڏيو آهي، سو ڀروسي لائق آهي.


اوهان ۾ بہ ڪي اهڙا ئي هئا. پر هاڻي اوهين پرڀو يسوع مسيح جي نالي ۽ اسان جي ايشور جي پوِتر آتما جي وسيلي پاپن کان ڌوتا ويا آهيو، مخصوص ڪيا ويا آهيو ۽ ايشور ڏانهن سچار بڻايا ويا آهيو.


هن انهيءَ ڪري ائين ڪيو تہ جيئن منڊليءَ کي خوشخبريءَ جي وسيلي پاڻيءَ سان اشنان ڪرائي صاف ڪري مخصوص ۽ پوِتر بڻائي.


اها ڳالهہ ڀروسي جوڳي ۽ پوريءَ طرح قبول ڪرڻ جي لائق آهي تہ يسوع مسيح پاپين کي مڪتي ڏيڻ لاءِ سنسار ۾ آيو، جن ۾ سڀني کان وڏو پاپي آءٌ آهيان.


هن اسان جي خاطر پنهنجي جان ڏيئي ڇڏي، انهيءَ لاءِ تہ ان جي عيوض اسان کي هر طرح جي بڇڙائيءَ کان ڇڏائي ۽ پوِتر ڪري پنهنجي لاءِ هڪ اهڙي خاص قوم بڻائي، جيڪا نيڪ ڪم ڪرڻ ۾ سرگرم هجي.


اچو تہ جنهن اميد جو اسين اقرار ٿا ڪريون تنهن تي بنا ڪنهن شڪ شبهي جي قائم رهون، ڇاڪاڻ تہ جنهن اسان کي اها اميد ڏني آهي سو سچو آهي.


وشواس جي ڪري ئي ابرهام پتا ٿيڻ جي لائق ٿيو، جيتوڻيڪ هو تمام پوڙهو هو ۽ سندس پتني سارہ بہ سنڍ هئي. ابرهام وچن ڪرڻ واري کي سچو ڄاتو.


انهيءَ جو سبب هي آهي تہ ايشور بي‌انصاف ناهي جو هو اوهان جي محنت ۽ انهيءَ پيار کي وساري ڇڏي، جيڪو اوهان سندس نالي واسطي اهڙيءَ طرح ظاهر ڪيو جو مسيح ۾ چونڊي پوِتر ڪيلن جي سيوا ڪئي، بلڪ اڃا تائين ڪندا ٿا رهو.


پر جيڪڏهن اسين روشنيءَ ۾ هلون ٿا، جيئن ايشور پاڻ روشنيءَ ۾ آهي، تہ پوءِ اسان جو هڪٻئي سان ميل ميلاپ آهي ۽ سندس پٽ يسوع جو رت اسان کي سڀني پاپن کان پوِتر ڪري ٿو ڇڏي.


اهي ايشور جي داس موسيٰ جو راڳ ڳائين پيا ۽ گھيٽڙي جو راڳ ڳائيندي چون پيا تہ ”اي پرڀو، سروِشڪتيوان ايشور! تنهنجا ڪم ڪيڏا نہ وڏا ۽ عجيب آهن! هائو، اي قومن جا راجا! تنهنجا ڪم ڪيڏا نہ انصاف وارا ۽ سچا آهن!


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan