مڪاشفو 8 - Common Language New Testamentستين مُھر ٽوڙڻ 1 جڏھن گھيٽي ستين مُھر ٽوڙي تہ اٽڪل اڌ ڪلاڪ تائين آسمان ۾ ماٺ ٿي ويئي. 2 پوءِ مون اُھي ست ملائڪ ڏٺا، جيڪي خدا جي آڏو بيٺا ھوندا آھن. انھن کي ست توتارا ڏنا ويا. 3 ھڪڙو ٻيو ملائڪ آيو، جنھن جي ھٿ ۾ سونو خوشبودان ھو. اھو قربانگاھہ وٽ اچي بيٺو ۽ کيس گھڻو لوبان ڏنو ويو، تہ جيئن خدا جي سڄي قوم جي دعائن سان گڏ انھيءَ سوني قربانگاھہ تي چاڙھي جيڪا تخت جي اڳيان ھئي. 4 اھو لوبان جو دونھون خدا جي قوم جي دعائن سان گڏ انھيءَ ملائڪ جي ھٿان مٿي ويو، جيڪو خدا جي آڏو بيٺو آھي. 5 پوءِ ملائڪ اھو خوشبودان کڻي، انھيءَ کي قربانگاھہ جي باھہ سان ڀري زمين تي اڇلائي ڇڏيو، جنھن تي گجگوڙون، آواز ۽ کنوڻيون ٿيڻ لڳيون ۽ زلزلو آيو. توتارا 6 تنھن کان پوءِ جن ستن ملائڪن وٽ ست توتارا ھئا، تن اُھي وڄائڻ جي تياري ڪئي. 7 پھرين ملائڪ توتارو وڄايو تہ رت سان گڏيل ڳڙا ۽ باھہ پيدا ٿي ۽ زمين تي اڇلائي ويئي تہ زمين جو ٽيون حصو ۽ وڻن جو ٽيون حصو ۽ سڀ سائو گاھہ سڙي ويو. 8 ٻئي ملائڪ توتارو وڄايو تہ ڄڻ باھہ سان ٻرندڙ ھڪڙو وڏو جبل سمنڊ ۾ اڇلايو ويو ۽ سمنڊ جو ٽيون حصو رت ٿي پيو. 9 سمنڊ جي مخلوق جو ٽيون حصو مري ويو ۽ جھازن جو بہ ٽيون حصو تباھہ ٿي ويو. 10 جڏھن ٽئين ملائڪ توتارو وڄايو تہ ھڪڙو مشعل وانگر ٻرندڙ وڏو تارو آسمان مان دريائن جي ٽئين حصي ۽ پاڻيءَ جي چشمن مٿان ڪري پيو. 11 انھيءَ تاري جو نالو ”گوماندر“ آھي، جنھن سان پاڻيءَ جو ٽيون حصو ڪڙو ٿي پيو ۽ پاڻي ڪڙي ٿيڻ ڪري ڪيترائي ماڻھو مري ويا. 12 چوٿين ملائڪ توتارو وڄايو تہ سج، چنڊ ۽ تارن جي ٽئين حصي کي نقصان پھتو، جنھن ڪري انھن جو ٽيون حصو اونداھو ٿي پيو ۽ ڏينھن ۽ رات جو بہ ٽيون حصو اونداھو ٿي پيو. 13 پوءِ مون آسمان جي وچ ۾ ھڪڙي عقاب کي اڏامندي ڏٺو ۽ کيس وڏي آواز سان چوندي ٻڌم تہ ”ٽن ملائڪن جا توتارا وڄائڻ اڃا باقي آھن ۽ جڏھن اُھي وڄايا ويندا تہ زمين تي رھڻ وارن تي ڪيڏو نہ افسوس ٿيندو، ھا افسوس صد افسوس.“ |
© 2009 Pakistan Bible Society
Pakistan Bible Society