مڪاشفو 20 - Common Language New Testamentھزار سالن جو زمانو 1 اُن کان پوءِ مون ھڪڙي ملائڪ کي آسمان مان ھيٺ لھندي ڏٺو، جنھن جي ھٿ ۾ اوڙاھہ جي ڪنجي ۽ ھڪڙو وڏو زنجير ھو. 2 ھُن انھيءَ ازدھا، يعني قديمي نانگ جنھن جا نالا شيطان ۽ ابليس آھن، تنھن کي پڪڙي ھزار سالن لاءِ ٻڌي ڇڏيو. 3 ھُن کيس انھيءَ اوڙاھہ ۾ اڇلائي اُتي بند ڪري ڇڏيو ۽ مٿس مُھر ھڻي ڇڏيائين، تہ جيئن ھزار سالن جي پوري ٿيڻ تائين قومن کي وري گمراھہ نہ ڪري. انھيءَ کان پوءِ ضروري آھي تہ کيس ٿوري وقت لاءِ ڇوڙيو وڃي. 4 پوءِ مون تخت ڏٺا ۽ جيڪي انھن تي ويٺا ھئا، تن کي انصاف ڪرڻ جو اختيار ڏنو ويو. مون انھن جي روحن کي بہ ڏٺو، جن جون سسيون عيسيٰ جي شاھدي ڏيڻ ۽ خدا جي ڪلام ٻڌائڻ جي ڪري لاٿيون ويون ھيون. ھنن نہ انھيءَ حيوان ۽ سندس بت جي پوڄا ڪئي ۽ نڪي ان جو نشان پنھنجي پيشانيءَ ۽ ھٿ تي ھڻايو. اھي وري جيئرا ٿيا ۽ مسيح سان گڏ ھزار سالن تائين بادشاھي ڪندا رھيا. 5 جيستائين ھزار سال پورا نہ ٿيا، تيستائين ٻيا مُڙدا جيئرا نہ ٿيا. اھو پھريون جيئرو ٿي اٿڻ آھي. 6 سڀاڳو ۽ پاڪ آھي اُھو، جيڪو انھيءَ پھرين جيئري ٿي اٿڻ ۾ شريڪ ٿو ٿئي. اھڙن ماڻھن تي ٻئي موت جو ڪوبہ اختيار نہ ٿو ھلي. اُھي خدا ۽ مسيح جا ڪاھن ٿيندا ۽ ساڻس گڏ ھزار سالن تائين بادشاھي ڪندا. شيطان کي شڪست 7 جڏھن ھزار سال پورا ٿيندا تہ شيطان کي قيد مان ڇڏايو ويندو. 8 ھو ٻاھر وڃي زمين جي چئني ڪنڊن جي قومن، يعني ياجوج ۽ ماجوج کي ٺڳيندو ۽ کين جنگ جي لاءِ گڏ ڪندو. انھن جو تعداد سمنڊ جي واريءَ جيترو آھي. 9 ھو زمين جي مٿان چوڌاري پکڙجي ويندا ۽ خدا جي قوم جي لشڪرگاھہ ۽ پياري شھر کي وڪوڙي ويندا. پر آسمان مان باھہ نڪرندي ۽ انھن کي تباھہ ڪري ڇڏيندي. 10 پوءِ شيطان جنھن کين گمراھہ ڪيو ھو، سو باھہ ۽ گندرف جي ڍنڍ ۾ اڇلايو ويندو، جتي اھي ٻيئي حيوان اڇلايا ويا ھئا. اُھي رات ڏينھن اُتي ھميشہ ھميشہ تائين عذاب پيا سھندا. آخري عدالت 11 پوءِ مون ھڪڙو وڏو تجليدار تخت ۽ انھيءَ تي ويٺل کي ڏٺو. انھيءَ جي اڳيان زمين ۽ آسمان گم ٿي ويا ۽ وري نظر نہ آيا. 12 مون سڀني مئلن، ننڍن توڙي وڏن کي تخت جي اڳيان بيٺل ڏٺو. ڪتاب کوليا ويا ۽ اُن سان گڏ ھڪ ٻيو ڪتاب، يعني زندگيءَ جو ڪتاب بہ کوليو ويو ۽ جھڙيءَ طرح انھن ڪتابن ۾ لکيل ھو، تھڙيءَ طرح انھن جي ڪمن مطابق مئلن جو انصاف ڪيو ويو. 13 جيڪي بہ مُڙدا سمنڊ، موت ۽ عالم ارواح ۾ ھئا سي سڀ حاضر ڪيا ويا ۽ ھر ھڪ جو انصاف انھيءَ جي عملن مطابق ڪيو ويو. 14 ان کان پوءِ موت ۽ عالم ارواح باھہ جي ڍنڍ ۾ اڇلايا ويا. اھا باھہ جي ڍنڍ ٻيو موت آھي. 15 جنھن جو بہ نالو زندگيءَ جي ڪتاب ۾ لکيل نہ ڏٺو ويو، تنھن کي انھيءَ باھہ جي ڍنڍ ۾ اڇلايو ويو. |
© 2009 Pakistan Bible Society
Pakistan Bible Society