Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -


متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 4 - Common Language New Testament


عيسيٰ جي آزمائش
(مرقس ۱۲‏:۱‎–۱۳، لوقا ۱‏:۴‎–۱۳)

1 پوءِ پاڪ روح عيسيٰ کي بيابان ۾ وٺي آيو تہ جيئن شيطان کيس آزمائي.

2 جيئن تہ عيسيٰ چاليھہ ڏينھن ۽ چاليھہ راتيون روزي ۾ گذاريو ھو، تنھنڪري کيس ڏاڍي بک لڳي ھئي.

3 سو شيطان ھن وٽ آيو ۽ چيائينس تہ ”جيڪڏھن تون خدا جو فرزند آھين تہ ھنن پٿرن کي حڪم ڪر تہ مانيون ٿي پون.“

4 تنھن تي عيسيٰ وراڻيو تہ ”اھو لکيل آھي تہ ’ماڻھو رڳو مانيءَ تي جيئرو نہ ٿو رھي، پر ھر انھيءَ لفظ تي جيڪو خدا چوي ٿو.‘“

5 پوءِ شيطان عيسيٰ کي پاڪ شھر يروشلم ۾ وٺي ويو. ھن کي ھيڪل جي تمام مٿاھين ڪنگريءَ تي بيھاري

6 چيائينس تہ ”جيڪڏھن تون خدا جو فرزند آھين تہ ھتان پاڻ کي ھيٺ اڇلاءِ ڇاڪاڻ⁠تہ لکيل آھي تہ ’خدا پنھنجن ملائڪن کي تو لاءِ حڪم ڪندو، اھي تو کي پنھنجن ھٿن تي جھليندا، تہ جيئن تنھنجو پير بہ پٿر تي نہ لڳي.‘“

7 تنھن تي عيسيٰ ورندي ڏنس تہ ”اھو بہ لکيل آھي تہ ’تون خداوند پنھنجي خدا کي نہ آزماءِ.‘“

8 وري شيطان عيسيٰ کي ھڪڙي اتانھين جبل تي وٺي ويو ۽ دنيا جون سڀيئي بادشاھتون ۽ سندن شان وَ شوڪت ڏيکاريائينس،

9 ۽ چيائينس تہ ”آءٌ تو کي ھي سڀ شيون ڏيندس، جيڪڏھن تون ھيٺ نِوڙي مون کي سجدو ڪندين.“

10 تنھن تي عيسيٰ ورندي ڏنس تہ ”اي شيطان! ٽري وڃ، ڇالاءِ⁠جو لکيل آھي تہ ’خداوند پنھنجي خدا کي سجدو ڪر ۽ رڳو انھيءَ جي ئي عبادت ڪر.‘“

11 پوءِ شيطان ھن کي ڇڏي ھليو ويو ۽ ملائڪ آيا ۽ اچي عيسيٰ جي خدمت ڪيائون.


عيسيٰ جو گليل ۾ پنھنجو ڪم شروع ڪرڻ
(مرقس ۱۴‏:۱‎–۱۵، لوقا ۱۴‏:۴‎–۱۵)

12 جڏھن عيسيٰ ٻڌو تہ يحيٰ کي جيل ۾ وڌو ويو آھي تڏھن ھو گليل ڏانھن روانو ٿي ويو.

13 ھو ناصرت ۾ نہ رھيو پر وڃي ڪفرناحوم ۾ رھيو، جيڪو گليل ڍنڍ تي زبولون ۽ نفتاليءَ جي حدن اندر آھي.

14 اھو انھيءَ ڪري ٿيو تہ جيئن يسعياہ نبيءَ جو چوڻ سچو ثابت ٿئي تہ

15 ”زبولون جو علائقو ۽ نفتاليءَ جو علائقو جيڪو اردن جي پريان ڍنڍ واري پاسي، غير قومن وارو گليل آھي،

16 اتي جا ماڻھو جيڪي اونداھيءَ ۾ ويٺل ھئا، تن ھڪڙي وڏي روشني ڏٺي. ھائو، اھي جيڪي موت جي اونداھي ملڪ ۾ ويٺا ھئا، تن تي روشني ظاھر ٿي.“

17 سو انھيءَ وقت کان وٺي عيسيٰ پنھنجي پيغام جي تبليغ ڪرڻ لڳو تہ ”پنھنجن گناھن کان توبھہ ڪريو، ڇاڪاڻ⁠تہ آسمان واري بادشاھت ويجھي آئي آھي.“


چئن مھاڻن کي سڏڻ
(مرقس ۱۶‏:۱‎–۲۰، لوقا ۱‏:۵‎–۱۱)

18 جيئن عيسيٰ گليل ڍنڍ جي ڪناري تان لنگھيو پئي تہ ھن ٻہ ڀائر ڏٺا، ھڪڙو شمعون جنھن کي پطرس سڏين ٿا ۽ ٻيو سندس ڀاءُ اندرياس. ھنن ڍنڍ ۾ ڄار پئي وڌو ڇالاءِ⁠جو ھو مھاڻا ھئا.

19 عيسيٰ انھن کي سڏي چيو تہ ”اچو ۽ منھنجي پٺيان ھلو تہ آءٌ اوھان کي ماڻھو ڦاسائڻ سيکاريان.“

20 ھنن ھڪدم پنھنجا ڄار ڦٽا ڪيا ۽ سندس پٺيان ھلڻ لڳا.

21 ھو اتان اڳڀرو ٿيو تہ ھن ٻہ ٻيا ڀائر يعقوب ۽ يوحنا ڏٺا، جيڪي زبديءَ جا پٽ ھئا. اھي پنھنجي پتا زبديءَ سان گڏ ٻيڙيءَ ۾ ڄارن جي مرمت ڪري رھيا ھئا. عيسيٰ انھن کي سڏيو،

22 تہ اھي بہ ھڪدم ٻيڙي ۽ پنھنجي پيءُ کي ڇڏي عيسيٰ جي پٺيان ھلڻ لڳا.


عوام جي خدمت ڪرڻ
(لوقا ۱۷‏:۶‎–۱۹)

23 عيسيٰ سڄي گليل ۾ گھمندو رھيو ۽ اتي جي عبادت⁠خانن ۾ تعليم ڏيندو، بادشاھت جي خوشخبريءَ جي منادي ڪندو ۽ سڀني قسمن جي مرضن ۽ بيمارين کان ماڻھن کي ڇٽائيندو رھيو.

24 سڄي شام ملڪ ۾ ھن جي ھاڪ پئجي ويئي. تنھنڪري ڪيترائي ماڻھو ھن وٽ بيمار وٺي آيا، جن کي جدا جدا مرض ۽ تڪليفون ھيون، جھڙوڪ: ڀوتن ورتل، مرگھيءَ وارا ۽ اڌرنگ وارا. انھن سڀني کي عيسيٰ ڇٽائي چڱو ڀلو ڪيو.

25 سو وڏا وڏا ميڙ سندس پويان پئي ھليا جيڪي گليل، دڪاپلس، يروشلم، يھوديہ ۽ اردن جي پرينءَ ڀر کان آيل ھئا.

© 2009 Pakistan Bible Society

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan