صفنياہ 3 - Sindhi Bible1 افسوس آهي انهي شهر تي، جو فسادي، ۽ پليت، ۽ ظالم آهي. 2 هن حڪم نہ مڃيو؛ هن سيکت نہ ورتي؛ هن خداوند تي ڀروسو نہ رکيو؛ هو پنهنجي خدا جي ويجهو نہ ويو. 3 سندس امير انهن جي وچ ۾ گجندڙ شينهن آهن؛ ان جا قاضي رات جي بگهڙ وانگر آهن: اُهي صبح تائين ڪي بہ ڪين ٿا ڇڏين. 4 هن جا نبي هلڪا ۽ دغاباز شخص آهن؛ ان جي ڪاهنن پاڪ مڪان کي ناپاڪ ڪيو آهي، ۽ شريعت جي برخلاف هلت ڪئي اٿن. 5 ان جي وچ ۾ خداوند سچو آهي؛ اُهو بي انصافي نہ ڪندو؛ هر روز صبح جو هو پنهنجي عدالت ظاهر ڪري ٿو ۽ ڪڏهن بہ گُسي نٿو، پر بي انصاف ماڻهوءَ کي شرم ڪونهي. 6 مون قومن کي وڍي ڇڏيو آهي، ان جا ڪنگرا ويران پيا آهن؛ مون سندن گهٽيون اهڙيون سُڃيون ڪري ڇڏيون آهن جو اُتان ڪوبہ ڪونہ ٿو لنگهي؛ انهن جا شهر اهڙا ناس ٿي ويا آهن جو انهن ۾ ڪوبہ ماڻهو رهڻ وارو ڪونهي. 7 مون چيو تہ يقيناً تون مون کان ڊڄندين، تون سيکت قبول ڪندين؛ تہ من تنهنجي رهڻ جي جڳهہ ڊاهي نہ وڃي، جيئن سندس لاءِ مون حڪم ڪيو هو: پر هو سوير ئي اُٿيا ۽ پنهنجا سڀ بڇڙا ڪم ڪيائون. 8 تنهنڪري خداوند ٿو فرمائي، تہ اوهين منهنجي لاءِ انهيءَ ڏينهن تائين ترسو، جنهن ڏينهن آءٌ اُٿي انهن جو شڪار ڪريان: ڇالاءِ جو منهنجو ارادو آهي تہ آءٌ قومن ۽ بادشاهتن کي گڏ ڪريان، انهيءَ لاءِ تہ انهن تي پنهنجو غصو ۽ پنهنجو سخت قهر ڇنڊيان؛ ڇالاءِ جو سڄي زمين منهنجي غيرت جي باهہ سان چٽ ڪئي ويندي. 9 انهي کان پوءِ آءٌ وري ماڻهن جي زبان پاڪ ڪندس، تہ هو سڀ خداوند کان دعا گهرن، ۽ هڪ دل ٿي هن جي عبادت ڪن. 10 ڪوش جي ندين جي پريان، منهنجا سوالي، يعني منهنجي ٽڙي پکڙي ويلن جي ڌيءَ منهنجي قرباني آڻيندي. 11 انهيءَ ڏينهن تون پنهنجن سڀني ڪمن کان شرمندي نہ ٿيندينءَ ڇا، جن سان تو منهنجو گناهہ ڪيو آهي؟ ڇالاءِ جو تڏهن آءٌ تنهنجي وچ مان سڀني مغرورن کي ڪڍي ڇڏيندس، ۽ تون منهنجي پاڪ جبل تي وري مغروري نہ ڏيکاريندينءَ. 12 پر آءٌ تنهنجي وچ ۾ هڪڙي ڏکويل ۽ غريب قوم ڇڏيندس، جا خداوند جي نالي تي ڀروسو رکندي. 13 اسرائيل جا باقي رهيل ماڻهو بڇڙائي نہ ڪندا ۽ نڪي ڪوڙ ڳالهائيندا: نڪي انهن جي وات ۾ دغاباز زبان ڏني ويندي؛ ڇالاءِ جو هو کائيندا، ۽ سمهي رهندا، ۽ ڪوبہ انهن کي نہ ڊيڄاريندو. 14 اي صيون جي ڌيءَ، ڳاءِ، اي اسرائيل، للڪار؛ اي يروشلم جي ڌيءَ، پنهنجي سڄي دل سان سرهي ٿي ۽ خوشي ڪر. 15 خداوند تنهنجون سزائون کڻي ويو آهي، هن تنهنجي دشمن کي اُڇلائي ڇڏيو آهي: اسرائيل جو بادشاهہ، يعني خداوند، تنهنجي وچ ۾ آهي: هن کان پوءِ توکي خرابيءَ جو ڪوبہ ڊپ ڪونهي. 16 انهي ڏينهن يروشلم کي چيو ويندو تہ تون نہ ڊڄ، ۽ صيون کي تہ تون پنهنجا هٿ ڍرا ٿيڻ نہ ڏي. 17 خداوند تنهنجو خدا تنهنجي وچ ۾ آهي، جو طاقت وارو آهي ۽ بچائيندو: اُهو خوشيءَ سان تو تي خوشي ڪندو: هو پنهنجي محبت ۾ آرام ڪندو، ۽ تو تي خوش ٿي ڳائيندو. 18 آءٌ انهن تنهنجن ماڻهن کي، جن عيدن لاءِ ماتم ٿي ڪيو ۽ جن بدنامي سَٺي آهي، تن کي گڏ ڪندس. 19 ڏس، انهيءَ وقت آءٌ انهن کي سزا ڏيندس، جي توکي ستائين ٿا: ۽ جيڪا منڊڪائي ٿي تنهن کي بچائيندس؛ ۽ جيڪا هڪالي ڪڍي ويئي هئي، تنهن کي گڏ ڪندس؛ ۽ جن جي سڄي دنيا ۾ خواري هئي، تن کي تعريف وارو ۽ ناميارو ڪندس. 20 انهيءَ وقت آءٌ اوهان کي اندر وٺي ايندس، ۽ انهي وقت آءٌ اوهان کي گڏ ڪندس: ڇالاءِ جو خداوند ٿو فرمائي، تہ جڏهن آءٌ اوهانجين اکين اڳيان اوهان جا قيدي موٽائي آڻيندس، تڏهن آءٌ اوهان کي زمين جي سڀني قومن ۾ تعريف وارو ۽ ناميارو ڪندس. |
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.
Pakistan Bible Society