صفنياہ 2 - Sindhi Bible1 اي بي شرم قوم، اوهين پاڻ کي گڏ ڪريو، هائو گڏ ٿيو. 2 حڪم نڪري تنهن کان اڳي، ۽ ڏينهن تُهن وانگي لنگهي وڃي تنهن کان اڳي، ۽ خداوند جي خوفناڪ ڪاوڙ اوهان تي اچي تنهن کان اڳي، ۽ ڪاوڙ جو ڏينهن اوهان تي اچي تنهن کان اڳي. 3 زمين جا سڀ حليم، يعني اوهين گڏ ٿيو، جن خداوند جو حڪم بجا آندو آهي، ۽ هن کي ڳوليو؛ سچائي ۽ حلم کي ڳوليو: امڪان آهي تہ خداوند جي ڪاوڙ جي ڏينهن اوهين لڪايا وڃو. 4 ڇالاءِ جو غزہ سُڃو ٿي ويندو، ۽ اسقلون ويران ٿي ويندو: هو اشدود کي ٻپهرن جو ٻاهر هڪالي ڪڍندا، ۽ عقرون پاڙان پَٽيو ويندو. 5 سمنڊ جي ڪناري جي رهاڪن، يعني ڪريتين جي قوم لاءِ ويل آهي! اي ڪنعان، فلستين جي زمين، خداوند جو ڪلام اوهان جي برخلاف آهي؛ آءٌ توکي اهڙو ويران ڪري ڇڏيندس جو ڪوبہ رهڻ وارو ڪونہ هوندو. 6 سمنڊ جو ڪنارو چراگاهہ ٿي ويندو، بلڪ ريڍارن لاءِ جهوپڙيون، ۽ ڌڻن جا واڙا ٿيندو. 7 ۽ اهو ئي ڪنارو يهوداہ جي باقي رهيلن جي لاءِ ٿيندو؛ انهي تي هو پنهنجا ڌڻ چاريندا: اسقلون جي مڪانن ۾ هو شام جو اچي سمهندا؛ ڇالاءِ جو خداوند سندن خدا سندن سار لهندو، ۽ سندن قيدي موٽائي آڻيندو. 8 مون موآب جي خواري ڏٺي آهي، ۽ بني عمون جا طعنا، جن سان هنن منهنجي قوم کي مهڻا ٿي ڏنا، ۽ انهن جي سرحدن ۾ پاڻ کي وڌايو اٿن. 9 تنهنڪري لشڪرن جو خداوند، اسرائيل جو خدا ٿو فرمائي، تہ مون کي پنهنجي حياتيءَ جو قسم آهي تہ موآب ضرور سدوم جهڙو ٿيندو ۽ بني عمون عمورہ جهڙو؛ يعني ڪنڊن جي جاءِ، ڪلر ۽ مدامي ويراني ٿيندو: منهنجي قوم جا باقي بچيل ماڻهو انهن کي ڦُريندا لُٽيندا، ۽ منهنجي اُمت جا باقي رهيل ماڻهو انهن جا وارث ٿيندا. 10 اهو سندن مغروريءَ جي سبب ٿيندو، ڇالاءِ جو هنن لشڪرن جي خداوند جي اُمت جي برخلاف طعنا هنيا آهن ۽ پاڻ کي وڏو چوايو اٿن. 11 خداوند هنن لاءِ خوفناڪ ٿيندو: ڇالاءِ جو هو زمين جي سڀني معبودن کي بک ۾ پاهہ ڪندو: سڀ ماڻهو پنهنجن ملڪن مان يعني سڀ ٻيٽ هن جي عبادت ڪندا. 12 اي ڪوش جا رهاڪو، اوهين بہ منهنجي ترار سان قتل ڪيا ويندا. 13 ۽ هو اُتر ڏانهن پنهنجو هٿ وڌائيندو ۽ اسور کي ناس ڪندو؛ ۽ نينوہ کي ويران ڪري، بيابان جهڙو خشڪ ڪندو. 14 سڀني قسمن جا جانور ۽ ڌڻ انهي ۾ اچي ليٽندا: ان جي ٿنڀن جي چوٽين تي پيڻ پکي ۽ سيڙهہ اچي آکيرا ٺاهيندا، ۽ سندن آواز درين ۾ ٻڌڻ ۾ ايندو؛ ويراني چانئٺن تي پوندي، ڇالاءِ جو هن ديودار جي ڪاٺ جو ڪم اُگهاڙو ڪري ڇڏيو آهي. 15 هي اُهو خوشي ڪندڙ شهر آهي جو بي فڪر رهندو هو، ۽ جو پنهنجي دل ۾ چوندو هو، تہ آءٌ ئي آهيان ۽ مون کان سواءِ ٻيو ڪوئي ڪونهي: ڪيئن نہ هو ويران ۽ جانورن جي سمهڻ جي جاءِ ٿي پيو آهي! جيڪو انهيءَ جي پاسي کان لنگهندو سو شوڪارا ڀريندو ۽ پنهنجو هٿ لوڏيندو. |
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.
Pakistan Bible Society