Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

صفنياہ 1 - Sindhi Bible

1 خداوند جو ڪلام جو يهوداہ جي بادشاهہ يوسياہ بن امون جي ڏينهن ۾ صفنياہ بن ڪوشي بن جدلياہ بن امرياہ بن حزقياہ تي نازل ٿيو.

2 خداوند ٿو فرمائي، تہ آءٌ زمين جي سطح تان سڀ شيون بلڪل تباهہ ڪندس.

3 آءٌ ماڻهو توڙي جانور کي چٽ ڪري ڇڏيندس؛ آءٌ هوا جي پکين کي ۽ سمنڊ جي مڇين کي، ۽ شريرن کي سندن آٿڙائڻ وارن پٿرن سان گڏ ناس ڪندس؛ ۽ خداوند ٿو فرمائي، تہ آءٌ انسان کي زمين جي سطح تان وڍي ڇڏيندس.

4 آءٌ پنهنجو هٿ يهوداہ تي ۽ يروشلم جي سڀني رهاڪن تي ڊگهو ڪندس؛ ۽ بعل جي باقي رهيلن کي هن ملڪ مان وڍي ڇڏيندس، ۽ ڪماريم جو نالو انهيءَ جي ڪاهنن سميت بہ وڍي ڇڏيندس.

5 ۽ انهن کي بہ، جي گهرن جي کڏن تي آسمان جي لشڪر کي ٿا پوڄين؛ ۽ انهن کي بہ، جي سجدو ڪري خداوند جو عهد ٿا ڪن ۽ ملڪوم جو قسم ٿا کڻن؛

6 ۽ انهن کي بہ جي خداوند کان ڦري ويا آهن؛ ۽ جن خداوند کي نہ ڳوليو آهي ۽ نہ سندس ڪا پڇا ڪئي اٿن.

7 خداوند خدا جي اڳيان ماٺ ڪري بيهہ؛ ڇالاءِ جو خداوند جو ڏينهن ويجهو آيو آهي: خداوند هڪڙي قرباني تيار ڪئي آهي، ۽ هن پنهنجا مهمان بہ خاص طرح مقرر ڪري ڇڏيا آهن.

8 ۽ خداوند جي قرباني واري ڏينهن هيئن ٿيندو تہ آءٌ اميرن ۽ شهزادن ۽ انهن سڀني کي، جن پرديسي پوشاڪ پاتي آهي، سزا ڏيندس.

9 ۽ انهيءَ ڏينهن آءٌ انهن سڀني کي سزا ڏيندس جي چانئٺ ٽپي ٿا وڃن، ۽ پنهنجي مالڪ جو گهر ظلم ۽ ٺڳيءَ سان ٿا ڀرين.

10 ۽ خداوند ٿو فرمائي، تہ انهيءَ ڏينهن مڇيءَ واري دروازي کان رڙ جو آواز، ۽ ٻئي پاڙي مان رودن، ۽ ٽڪرن تان وڏو ڪڙڪو ايندو.

11 اي مڪتيس جا رهاڪو، اوهين واويلا مچايو، ڇالاءِ جو ڪنعان جا سڀ ماڻهو چٽ ٿي ويا آهن. ۽ جيڪي چانديءَ سان لڏيل هئا سي سڀ بہ وڍجي ويا آهن.

12 انهيءَ وقت هيئن ٿيندو تہ آءٌ شمع کڻي يروشلم جي تلاش ڪندس، ۽ انهن ماڻهن کي سزا ڏيندس جي پنهنجي ڪٽيءَ تي ويهي ويا آهن، ۽ جي پنهنجي دل ۾ چون ٿا تہ خداوند نڪا چڱائي ڪندو نڪا برائي ڪندو.

13 انهن جي دولت لٽ جو مال ٿيندي، ۽ انهن جا گهر ويران ٿيندا: هائو، هو اڏيندا پر وسائيندا ڪين؛ ۽ هو انگورستان لڳائيندا، پر انهن جو شراب نہ پيئندا.

14 خداوند جو وڏو ڏينهن ويجهو آهي، اُهو ويجهو آهي، ۽ تمام جلد ايندو، بلڪ خداوند جي ڏينهن جو آواز ٿو اچي؛ زور وارو ماڻهو اُتي زار زار روئي ٿو.

15 اُهو ڏينهن غضب جو ڏينهن آهي، تڪليف ۽ ڏک جو ڏينهن، تباهي ۽ ويراني جو ڏينهن، اونداهي ۽ انڌاري جو ڏينهن، ڪڪرن ۽ گُگهہ اونداهيءَ جو ڏينهن؛

16 قلعي وارن شهرن ۽ مٿانهن ڪنگرن جي برخلاف قرنائيءَ ۽ جنگ جي خبر جو ڏينهن آهي.

17 ۽ آءٌ ماڻهن تي اهڙي مصيبت آڻيندس جو هو انڌن وانگي هلندا، ڇاڪاڻ تہ هنن خداوند جو گناهہ ڪيو آهي: ۽ مٽيءَ وانگي هنن جو رت وهايو ويندو، ۽ هنن جو گوشت ڇيڻي وانگي.

18 خداوند جي غضب جي ڏينهن هنن جو سون يا روپو هنن کي ڇڏائي نہ سگهندو؛ پر سڄي زمين کي هن جي غيرت جي باهہ ساڙي چٽ ڪري ڇڏيندي: ڇالاءِ جو هو انهي ملڪ جي سڀني رهاڪن جي پڄاڻي، بلڪ خوفناڪ پڄاڻي ڪندو.

Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan