ذڪرياہ 8 - Sindhi Bible1 ۽ لشڪرن جي خداوند جو ڪلام مون تي نازل ٿيو، تہ 2 لشڪرن جو خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ مون کي صيون لاءِ سخت غيرت آهي، ۽ انهيءَ غيرت ڪري آءٌ سخت ڪاوڙيل آهيان. 3 خداوند فرمائي ٿو تہ آءٌ صيون ۾ موٽي آيو آهيان، ۽ يروشلم ۾ رهندس: ۽ يروشلم جو نالو سچائيءَ جو شهر سڏبو؛ ۽ لشڪرن جي خداوند جو جبل، پاڪ جبل سڏبو. 4 لشڪرن جو خداوند ٿو فرمائي، تہ يروشلم جي گهٽين ۾ پير مرد ۽ زالون پنهنجي ٻڍاپي جي سبب ڪري پنهنجي لڪڻ تي ٽيڪ ڏيئي ويٺل ڏسڻ ۾ ايندا. 5 ۽ شهر جا رستا راند ڪندڙ ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين سان ڀريل هوندا. 6 لشڪرن جو خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ جيڪڏهن اها ڳالهہ قوم جي باقي بچيلن جي نظر ۾ اُنهن ڏينهن ۾ عجيب ڏسڻ ۾ ٿي اچي، تہ بہ اها منهنجي نظر ۾ ڪا عجيب ڳالهہ آهي ڇا؟ لشڪرن جو خداوند ٿو فرمائي. 7 لشڪرن جو خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ ڏسو، آءٌ پنهنجي قوم کي اُڀرندي ۽ اُلهندي جي ملڪن کان بچائيندس: 8 ۽ آءٌ انهن کي موٽائي آڻيندس، ۽ هو وري يروشلم ۾ رهندا؛ ۽ هو منهنجي قوم ٿيندا، ۽ آءٌ سچائيءَ ۽ صداقت سان سندن خدا ٿيندس. 9 لشڪرن جو خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ اوهين جي هن وقت نبين جي معرفت ڪلام ٻُڌو ٿا، جي اُنهن ڏينهن ۾ هئا، جن ڏينهن ۾ لشڪرن جي خداوند جي گهر، يعني هيڪل جو بنياد وڌو ويو هو تہ اُهو ٺاهيو وڃي، پنهنجا هٿ مضبوط ڪريو. 10 ڇالاءِ جو انهن ڏينهن کان اڳ، نہ انسان جي لاءِ مزوري هئي، ۽ نہ جانورن لاءِ ڀاڙو؛ نڪا ايندڙ ويندڙ لاءِ دشمنن جي ڪري سلامتي هئي: ڇالاءِ جو مون هر ڪنهن ماڻهوءَ کي سندس پاڙيسريءَ جي برخلاف ڪيو هو. 11 پر هاڻي آءٌ هن قوم جي باقي بچيلن سان اهڙو سلوڪ نہ ڪندس، جهڙو اڳين ڏينهن ۾ ڪيو هوم، لشڪرن جو خداوند ٿو فرمائي. 12 پر اڳتي پوک سلامتيءَ سان ٿيندي؛ ڊاک پنهنجو ڦر ڏيندي، ۽ زمين ۾ فصل ٿيندو، ۽ آسمان مان ماڪ پوندي: ۽ آءٌ قوم جي باقي بچيلن کي انهن سڀني شين جو ورثو ڏيندس. 13 اي يهوداہ ۽ اسرائيل جا گهراڻا، اوهين جي ٻين قومن ۾ لعنتي هئا، تن کي آءٌ بچائيندس، ۽ اوهين برڪت جو باعث ٿيندا: ڊڄو نہ، پر پنهنجا هٿ مضبوط ڪريو. 14 ڇالاءِ جو لشڪرن جو خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ جهڙي طرح اوهان جي ابن ڏاڏن مون کي ڪاوڙايو ۽ مون اوهان تي برائي آڻڻ جو خيال ڪيو، ۽ آءٌ پنهنجي خيال تان نہ لٿس، لشڪرن جو خداوند ٿو فرمائي، تہ 15 اهڙيءَ طرح مون هنن ڏينهن ۾ يروشلم ۽ يهوداہ جي گهراڻي سان ڀلائي ڪرڻ جو خيال ڪيو آهي: تنهنڪري ڊپ نہ ڪريو. 16 پر ضرور آهي تہ اوهين هي ڳالهيون ڪريو؛ هرڪو ماڻهو پنهنجي پاڙيسريءَ سان سچ ڳالهائي؛ ۽ پنهنجن دروازن ۾ سچائيءَ سان، صلح سلامتيءَ جي عدالت ڪريو: 17 ۽ ڪوبہ پنهنجي دل ۾ پنهنجي پاڙيسريءَ لاءِ بڇڙو خيال نہ ڪري؛ ۽ نڪي ڪوڙي قسم کي عزيز رکي: ڇالاءِ جو خداوند ٿو فرمائي، تہ انهن سڀني ڳالهين کان مون کي نفرت آهي. 18 لشڪرن جي خداوند جو ڪلام مون تي نازل ٿيو، تہ 19 لشڪرن جو خداوند هيئن ٿو فرمائي تہ چوٿين، ۽ پنجين، ۽ ستين، ۽ ڏهين مهيني جو روزو يهوداہ جي گهراڻي جي لاءِ خوشي ۽ خورميءَ جو ڏينهن ۽ شادمانيءَ جي عيد ٿيندي؛ تنهنڪري سچائيءَ ۽ صلح سان محبت رکو. 20 لشڪرن جو خداوند هيئن ٿو فرمائي تہ وري قومن ۽ گهڻن شهرن جا رهاڪو ايندا: 21 ۽ هڪڙي شهر جا رهاڪو ٻئي شهر جي ماڻهن کي وڃي چوندا تہ هلو تہ اسين جلد هلي خداوند کان مهر گهُرون، ۽ لشڪرن جي خداوند کي ڳوليون: آءٌ بہ هلان ٿو. 22 هائو، گهڻيئي قومون ۽ زبردست حڪومتون لشڪرن جي خداوند کي يروشلم ۾ ڳولڻ اينديون، ۽ خداوند کان مهر گهُرنديون. 23 لشڪرن جو خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ انهن ڏينهن ۾ هيئن ٿيندو تہ ڏهہ ماڻهو جن جي علحدي ٻولي هوندي، سي اچي هڪڙي يهوديءَ جو پلئُہ جهليندا ۽ چوندا تہ اسين اوهان سان هلنداسين، ڇالاءِ جو اسان ٻڌو آهي تہ خدا اوهان سان آهي. |
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.
Pakistan Bible Society