ذڪرياہ 7 - Sindhi Bible1 دارا بادشاهہ جي بادشاهت جي چوٿين سال جي نائين مهيني ۾، يعني ڪسليو مهيني جي چوٿين تاريخ، خداوند جو ڪلام زڪرياہ تي نازل ٿيو، تہ 2 هاڻي بيت ايل جي ماڻهن شراضر ۽ رجم ملڪ ۽ انهن جي ماڻهن کي موڪليو هو تہ خداوند کي عرض ڪن، 3 ۽ لشڪرن جي خداوند جي گهر جي ڪاهنن ۽ نبين کان پڇن، تہ اسين پنجين مهيني ۾ پاڻ کي جدا ڪري، ماتم ڪريون ڇا، جيئن سال بسال اسان ڪيو آهي؟ 4 تڏهن لشڪرن جي خداوند جو ڪلام مون تي نازل ٿيو، 5 تہ ملڪ جي سڀني ماڻهن ۽ ڪاهنن کي چئُہ، تہ جڏهن اوهان پنجين ۽ ستين مهيني ۾ اهي ستر سال روزا رکيا ۽ ماتم ڪيو، تہ ڇا منهنجي لاءِ، بلڪ خاص منهنجي لاءِ، روزا رکندا هئا ڇا؟ 6 ۽ جڏهن اوهين کائو يا پيئو ٿا، تہ پنهنجي لاءِ نٿا کائو پيئو ڇا؟ 7 جڏهن يروشلم اڃا آباد ۽ مالدار هو، ۽ سندس چوڌاري شهر ۽ ڏکڻ واري ۽ هيٺانهين زمين آباد هئي، تڏهن اوهان کي اهو ڪلام جو خداوند اڳي نبين جي معرفت ڪيو، سو نہ ٻڌڻ کپندو هو ڇا؟ 8 ۽ خداوند جو ڪلام زڪرياہ تي نازل ٿيو، تہ 9 لشڪرن جي خداوند هيئن فرمايو آهي، تہ سچائيءَ سان عدالت ڪريو، ۽ سڀڪو ماڻهو پنهنجي ڀاءُ تي مهرباني ۽ رحم ڪري: 10 ۽ بيوهہ زال، ۽ يتيم، ۽ مسافر، ۽ مسڪين تي ظلم نہ ڪريو؛ ۽ اوهان مان ڪوبہ پنهنجي ڀاءُ جي برخلاف دل ۾ برو خيال نہ رکي. 11 پر هنن ٻُڌڻ کان انڪار ڪيو ۽ پنهنجو ڪلهو ڪڍيو، ۽ پنهنجا ڪَن بند ڪيا تہ نہ ٻُڌن. 12 هائو، هنن پنهنجون دليون پٿر جهڙيون سخت ڪيون، تہ شريعت ۽ انهيءَ ڪلام کي نہ ٻُڌن، جو لشڪرن جي خداوند اڳي نبين تي پنهنجي روح جي معرفت نازل ڪيو هو: انهيءَ ڪري لشڪرن جي خداوند وٽان وڏو غضب نازل ٿيو. 13 ۽ لشڪرن جو خداوند ٿو فرمائي، تہ ائين ٿيندو، جيئن مون پڪاريو ۽ هنن نہ ٻُڌو، تيئن هو پڪاريندا ۽ آءٌ نہ ٻُڌندس؛ 14 پر آءٌ کين سڀني قومن ۾، جن جا هو واقف نہ آهن، واچوڙي سان ڇڙوڇڙ ڪندس. ائين ئي ملڪ هنن کانپوءِ ويران ٿي ويو ۽ انهيءَ ۾ ڪابہ آمدرفت ڪانہ هئي: ڇالاءِ جو هنن دلپسند ملڪ کي ويران ڪيو. |
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.
Pakistan Bible Society