Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

ذڪرياہ 6 - Sindhi Bible

1 ۽ وري مون اکيون مٿي کڻي نهاريو، ۽ ڏس، تہ ٻہ پتل جا جبل هئا، جن جي وچان چار گاڏيون نڪري آيون.

2 پهرين گاڏيءَ جا گهوڙا ڳاڙها هئا؛ ۽ ٻيءَ گاڏيءَ جا گهوڙا مشڪي هئا؛

3 ۽ ٽينءَ گاڏيءَ جا گهوڙا سفيد هئا؛ ۽ چوٿين گاڏيءَ جا گهوڙا چٽڪمرا هئا.

4 ۽ جنهن فرشتي مون سان پئي ڳالهايو، تنهن کان مون پڇيو تہ اي منهنجا سائين، هي ڇا آهن؟

5 ۽ فرشتي مون کي ورندي ڏيئي چيو، تہ اهي آسمان جون چار هوائون آهن، جي دنيا جي مالڪ جي حضوريءَ مان ٿيون نڪرن.

6 جنهن گاڏيءَ ۾ مشڪي گهوڙا آهن، اُهي اُتر واري ملڪ ڏانهن وڃن ٿا؛ ۽ سفيد گهوڙا انهيءَ جي پٺيان ويا؛ ۽ چٽڪمرا گهوڙا ڏکڻ جي ملڪ ڏانهن ويا؛

7 ۽ ڪميت گهوڙا زمين تي هيڏي هوڏي گهُمڻ جي لاءِ ڪوشش ڪرڻ لڳا: ۽ هن چين تہ اوهين هتان وڃو، ۽ زمين تي هيڏي هوڏي گهُمو: سو اُهي سڄيءَ زمين جي سطح تي هيڏي هوڏي گهُمڻ لڳا.

8 تڏهن هن مون کي پڪاري چيو تہ ڏس، اهي جيڪي اُتر واري ملڪ ڏانهن وڃن ٿا تن منهنجي روح کي اُتر واري ملڪ ۾ آرام ڏنو آهي.

9 ۽ خداوند جو ڪلام مون تي نازل ٿيو، ۽ هن فرمايو تہ،

10 تون اڄ ئي يوسياہ بن صفنياہ جي گهر وڃ، جتي بابل جي قيدين مان خلدي، ۽ طوبياہ، ۽ يدعياہ اچي ٽڪيا آهن؛

11 ۽ انهن کان سون ۽ چاندي وٺي هڪڙو ڇٽ ٺاهہ، ۽ يشوع بن يهوصدق، سردار ڪاهن کي پهراءِ؛

12 ۽ هن کي چئُہ، تہ لشڪرن جو خداوند ٿو فرمائي، تہ ڏس، اُهو شخص، جنهن جو نالو شاخ آهي، پنهنجيءَ جاءِ ۾ وڌندو ۽ هو خداوند جو هيڪل ٺاهيندو:

13 هائو، اهو ئي خداوند جو هيڪل تيار ڪندو؛ ۽ انهيءَ جو ئي شان ٿيندو، ۽ هو تخت تي ويهي حڪمراني ڪندو؛ ڪاهن بہ سندس تخت تي ويهندو، ۽ انهن ٻنهي جي وچ ۾ صلح سلامتيءَ جي صلاح رهندي.

14 ۽ اهو ڇٽ حليم، ۽ طوبياہ، ۽ يدعياہ، ۽ حين بن صفنياہ جي لاءِ خداوند جي هيڪل ۾ يادگار رهندو.

15 ۽ اُهي جي پري آهن، سي اچي خداوند جي هيڪل کي ٺاهيندا، ۽ اوهين ڄاڻندا تہ لشڪرن جي خداوند مون کي اوهان وٽ موڪليو آهي. ۽ جيڪڏهن اوهين دل سان خداوند، پنهنجي خدا جا فرمانبردار ٿيندا، تہ اُهي ڳالهيون پوريون ٿينديون.

Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan