ذڪرياہ 2 - Sindhi Bible1 ۽ مون اکيون مٿي کڻي نهاريو تہ هڪڙو ماڻهو هو، جنهن جي هٿ ۾ ماپ ڪرڻ جي ڏور هئي. 2 تڏهن مون پڇيومانس تہ تون ڪاڏي ٿو وڃين؟ ۽ هن مون کي چيو تہ يروشلم کي ماپڻ لاءِ ٿو وڃان؛ انهيءَ لاءِ تہ ڏسان تہ اُن جي ويڪر ۽ ڊيگهہ ڪيتري آهي. 3 ۽ ڏس، جنهن فرشتي مون سان ٿي ڳالهايو، سو ٻاهر نڪري ويو، ۽ ٻيو هڪڙو فرشتو هن کي گڏجڻ لاءِ نڪتو. 4 ۽ انهيءَ کي چيائين تہ ڊوڙ، ۽ انهيءَ جوان ماڻهوءَ کي چئُہ تہ يروشلم ڀتين بنا ڳوٺن وانگر، ماڻهن ۽ جانورن جي گهڻائيءَ سبب آباد ٿيندو. 5 ڇالاءِ جو خداوند خدا ٿو فرمائي، تہ آءٌ خود انهي لاءِ چوڌاري باهہ جي ڀت وانگر ٿيندس، ۽ آءٌ انهي جي وچ ۾ جلالي ٿيندس. 6 ٻڌو، خداوند ٿو فرمائي، تہ اُتر واريءَ زمين کان ڀڄي وڃو، ڇالاءِ جو خداوند ٿو فرمائي، تہ مون اوهان کي آسمان جي چئن هوائن وانگر ڪشادو پکيڙي ڇڏيو آهي. 7 اي صيون، تون جا بابل جي ڌيءَ سان گڏ ٿي رهين، ڀڄي وڃ. 8 ڇالاءِ جو لشڪرن جو خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ جلال جي لاءِ هن مون کي انهن قومن ۾ موڪليو، جن اوهان کي ڦُريو لُٽيو آهي: ڇالاءِ جو جيڪو اوهان کي ڇُهي ٿو، سو هن جي اک جي ماڻڪيءَ کي ٿو ڇُهي. 9 ڏس، آءٌ هنن تي پنهنجو هٿ ٿو لوڏيان، ۽ هو انهن لاءِ لٽ ٿي پوندا جن سندن ٻانهپ ٿي ڪئي، ۽ اوهين ڄاڻندا تہ لشڪرن جي خداوند مون کي موڪليو آهي. 10 اي صيون جي ڌيءَ، ڳاءِ ۽ خوشي ڪر: ڇالاءِ جو ڏس، خداوند ٿو فرمائي، تہ آءٌ اچان ٿو، ۽ تنهنجي وچ ۾ رهندس. 11 ۽ اُنهيءَ ڏينهن گهڻيون ئي قومون خداوند سان شامل ٿينديون، ۽ منهنجي قوم ٿينديون: ۽ آءٌ تنهنجي وچ ۾ رهندس، ۽ توکي معلوم ٿيندو تہ لشڪرن جي خداوند مون کي تو وٽ موڪليو آهي. 12 ۽ خداوند کي يهوداہ جي پاڪ زمين ۾ سندس موروثي حصو ملندو، ۽ هو اڃا بہ يروشلم کي پسند ڪندو. 13 اي سڀ ساهہ وارا، خداوند جي اڳيان ماٺ ۾ رهو. ڇالاءِ جو هو پنهنجي پاڪ مڪان مان اُٿيو آهي. |
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.
Pakistan Bible Society