Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

ذڪرياہ 10 - Sindhi Bible

1 پوئين مينهن جي موسم ۾، خداوند کان گهُرو تہ مينهن وسائي. هائو، خداوند کان، جو بجلي ٿو چمڪائي؛ هو ججهو مينهن موڪليندو، ۽ هر ڪنهن لاءِ ٻنيءَ ۾ گاهہ اُڀرندو.

2 ڇالاءِ تہ افرائيم ڪوڙ ڳالهايو آهي، ۽ فالن وجهندڙن ڪوڙ ڏٺو، ۽ هنن ڪوڙا خواب ٻڌايا آهن، ۽ هنن جي دلداري اجائي آهي: انهيءَ ڪري هو رڍن وانگر رُلي ويا آهن ۽ ڏک سَٺا اٿن، ڇالاءِ جو هنن جو ڪو ريڍار ڪونهي.

3 منهنجي ڪاوڙ ريڍارن تي اُٿي آهي، ۽ آءٌ ٻڪرن کي سزا ڏيندس: تہ بہ لشڪرن جي خدا پنهنجي ڌڻ، يعني بني اسرائيل تي نگاهہ ڪئي آهي، ۽ انهن کي جنگ ۾ پنهنجي خوبصورت گهوڙي وانگر ڪندو.

4 انهن مان ئي ڪنڊ جو پٿر، ۽ ڪلو، ۽ جنگي ڪمان، ۽ سڀ حاڪم نڪرندا.

5 ۽ اُهي پهلوانن وانگر لڙائيءَ ۾ دشمنن کي رستي جي گپ وانگر لتاڙيندا؛ ۽ اهي وڙهندا، ڇالاءِ جو خداوند انهن سان آهي: ۽ گهوڙي سوار مُنجهي پوندا.

6 ۽ آءٌ يهوداہ جي گهراڻي کي مضبوط ڪندس، ۽ يوسف جي گهراڻي کي بچائيندس، ۽ کين موٽائي وٺي ايندس، ڇالاءِ جو مون کي انهن تي رحم آهي؛ ۽ هو ائين ٿيندا ڄڻ تہ مون کين ڪڏهن ڪڍي نہ ڇڏيو هو: ڇالاءِ جو آءٌ خداوند سندن خدا آهيان، ۽ آءٌ سندن ٻُڌندس.

7 ۽ بني افرائيم پهلوانن وانگر ٿيندا، ۽ سندن دل اهڙي خوش ٿيندي، جهڙي شراب پيئڻ سان ٿيندي آهي: هائو، سندن اولاد بہ ڏسندو ۽ خوشي ڪندو؛ سندن دل خداوند ۾ خوش رهندي.

8 آءٌ سيٽي وڄائي کين گڏ ڪندس؛ ڇالاءِ تہ مون سندن قيمت ڏني آهي: ۽ هو ائين وڌندا ويجهندا جيئن اڳي هئا.

9 جيتوڻيڪ مون کين غير قومن ۾ پوکيو آهي، تہ بہ هو انهن ملڪن ۾ مون کي ياد ڪندا: هو پنهنجن ٻچن سميت زندہ رهندا ۽ موٽي ايندا.

10 آءٌ کين مصر جي ملڪ مان موٽائي آڻيندس؛ ۽ اسور مان گڏ ڪندس؛ ۽ جلعاد ۽ لبنان جي سرزمين تي پهچائيندس؛ ايترو جو رهڻ لاءِ جاءِ ڪانہ هوندي.

11 ۽ هو مصيبت جي سمنڊ مان لنگهي ويندو، ۽ سمنڊ جي لهرن کي ڪٽيندو، ۽ نيل ندي تري تائين سُڪي ويندي: ۽ اسور جو هٺ ڀڄي پوندو، ۽ مصر جي لٺ لڙهي ويندي.

12 ۽ خداوند ٿو فرمائي، تہ آءٌ هنن کي خداوند ۾ زور بخشيندس؛ ۽ هو سندس نالو وٺي گهُمندا ڦرندا.

Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan