ذڪرياہ 1 - Sindhi Bible1 دارا جي ٻئي سال جي اٺين مهيني ۾ خداوند جو ڪلام زڪرياہ بن برڪياہ بن عدو نبيءَ تي نازل ٿيو، تہ 2 خداوند اوهانجن ابن ڏاڏن تي سخت ناراض ٿيو آهي. 3 تنهنڪري تون هنن کي چئُہ تہ لشڪرن جو خداوند ٿو فرمائي، تہ اوهين مون ڏي موٽي اچو، تہ لشڪرن جو خداوند ٿو فرمائي، تہ آءٌ بہ اوهان ڏي موٽي ايندس. 4 اوهين پنهنجن ابن ڏاڏن جهڙا نہ ٿيو، جن وٽ اڳين نبين پڪاري ٿي چيو، تہ لشڪرن جو خداوند ٿو فرمائي تہ اوهين پنهنجين بڇڙين راهن کان باز اچو، پر خداوند ٿو فرمائي، تہ هنن نڪي ٻڌو، نہ مون ڏي ڪَن ڏنائون. 5 اوهان جا ابا ڏاڏا ڪٿي آهن؟ ۽ نبي ڪو هميشہ لاءِ جيئرا آهن ڇا؟ 6 پر منهنجا حڪم ۽ منهنجا قاعدا، جي مون پنهنجن ٻانهن کي فرمايا، اُهي اوهانجن ابن ڏاڏن کي نہ پهتا ڇا؟ ۽ هنن ڦري چيو، تہ جيئن لشڪرن جي خداوند کي وڻيو، تيئن هن اوهان سان ڪيو، يعني اسان کي اسانجين راهن ۽ ڪمن جو بدلو ڏنو اٿس. 7 دارا جي ٻئي سال جي يارهين مهيني جي چوويهن تاريخ، جو سباط جو مهينو آهي، خداوند جو ڪلام زڪرياہ بن برڪياہ بن عدو تي نازل ٿيو، تہ 8 ۽ مون رات جو ڏٺو تہ هڪڙو ماڻهو ڳاڙهي گهوڙي تي چڙهيل آهي ۽ مينديءَ جي وڻن جي وچ ۾ بيٺو آهي، جي هيٺانهين زمين ۾ هئا، ۽ هن جي پٺيان ڳاڙها، ڪميت ۽ سفيد گهوڙا بيٺا هئا. 9 تڏهن مون پڇيو تہ اي منهنجا سائين، هي ڇا آهن؟ ۽ جنهن فرشتي مون سان ڳالهايو پئي، تنهن مون کي چيو تہ آءٌ توکي ڏيکاريندس تہ هي ڇا آهن. 10 ۽ جيڪو مينديءَ جي وڻن ۾ بيٺو هو، تنهن ورندي ڏيئي چيو، تہ هي اُهي آهن جن کي خداوند سڄيءَ دنيا ۾ هيڏي هوڏي گهمڻ لاءِ موڪليو آهي. 11 ۽ هنن، اُنهي خداوند جي فرشتي کي جو مينديءَ جي وڻن ۾ بيٺو هو، ورندي ڏيئي چيو، تہ اسين سڄيءَ دنيا ۾ هيڏي هوڏي گهمي آيا آهيون، ۽ ڏس، سڄي دنيا چپ چاپ ۽ آرام ۾ آهي. 12 تڏهن خداوند جي فرشتي ورندي ڏيئي چيو، تہ اي لشڪرن جا خداوند، ڪيستائين تون يروشلم ۽ يهوداہ جي شهرن تي، جن سان تون ستر سالن کان ناراض آهين، رحم نہ ڪندين؟ 13 ۽ جنهن فرشتي مون سان پئي ڳالهايو، تنهن کي خداوند ورندي ڏيئي چڱيون ۽ تسليءَ جهڙيون ڳالهيون ٻڌايون. 14 ۽ جنهن فرشتي مون سان پي ڳالهايو، تنهن مون کي چيو تہ تون پڪاري چئُہ، تہ لشڪرن جو خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ مون کي يروشلم ۽ صيون جي لاءِ تمام گهڻي غيرت ٿي اچي: 15 ۽ آءٌ انهن قومن تي تمام ناراض آهيان جي آرام ۾ آهن؛ ڇالاءِ جو جڏهن آءٌ ٿورو ئي ناراض هوس، تہ هنن برائي ڪري گهڻي مار ڪٽ ڪئي. 16 تنهنڪري خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ آءٌ يروشلم ۾ رحم سان موٽيو آهيان. لشڪرن جو خداوند ٿو فرمائي، تہ منهنجو گهر اُنهيءَ ۾ جوڙيو ويندو؛ ۽ يروشلم جي مٿان ماپڻ جي ڏوري وري ڇڪي ويندي. 17 وري بہ رڙ ڪري چئُہ، تہ لشڪرن جو خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ منهنجا شهر آرام ۽ آسائش جي ڪري وري بہ اڃا پري پري وڌندا، ۽ خداوند اڃا بہ صيون کي تسلي ڏيندو، ۽ يروشلم کي چونڊيندو. 18 ۽ مون اکيون مٿي کڻي نهاريو تہ چار سڱ نظر آيم. 19 ۽ مون انهيءَ فرشتي، جنهن مون سان پئي ڳالهايو، تنهن کي چيو تہ هي ڇا آهن؟ ۽ هن ورندي ڏيئي چيو، تہ هي اُهي سڱ آهن جن يهوداہ، اسرائيل ۽ يروشلم کي ڇڙوڇڙ ڪيو آهي. 20 ۽ خداوند مون کي چار لوهار ڏيکاريا. 21 تڏهن مون پڇيو تہ هي ڪهڙي ڪم ڪرڻ لاءِ آيا آهن؟ ۽ هن چيو تہ هي اُهي سڱ آهن جن يهوداہ کي اهڙو ڇڙوڇڙ ڪيو جو ڪو ماڻهو پنهنجو ڪنڌ نہ کڻي سگهيو، پر هي انهيءَ لاءِ آيا آهن تہ هنن کي ڊيڄارين، ۽ قومن جي سڱن کي ڪيرائي ڇڏين، جن يهوداہ کي پکيڙي ڇڏڻ لاءِ پنهنجو سڱ وڏو ڪيو هو. |
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.
Pakistan Bible Society