Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

طيطس 3 - Sindhi Bible

1 انهن کي ياد ڏيار تہ حاڪمن ۽ اختياريءَ وارن جا تابعدار رهن ۽ سندن حڪم مڃين، ۽ هر ڪنهن نيڪ ڪم لاءِ تيار رهن،

2 ڪنهن بہ ماڻهوءَ جي بدگوئي نہ ڪن، جهيڙاڪ نہ ٿين، بلڪ نرم طبيعت ٿين، ۽ سڀني ماڻهن سان پوريءَ حليمائيءَ سان هلن.

3 ڇالاءِ جو اسين بہ اڳي بي عقل، نافرمان، گمراهہ، قسم قسم جي نفساني خواهشن ۽ عشرتن جا غلام هئاسين، ۽ بدخواهي ۽ حسد ۾ گذاريندا هئاسين. ۽ نفرت جا لائق هئاسين، ۽ هڪ ٻئي سان بہ نفرت ٿي ڪئي سين.

4 پر جڏهن اسان جي نجات ڏيندڙ خدا جي مهرباني، ۽ اسان جي لاءِ سندس محبت ظاهر ٿي،

5 تڏهن هن اسان کي نجات ڏني، نہ اسان جي راستبازيءَ جي ڪمن ڪري، پر پنهنجي رحم موجب نئين پيدائش جي غسل، ۽ پاڪ روح جي وسيلي، جو اسان کي نئين سر پيدا ٿو ڪري،

6 جو هن اسان جي نجات ڏيندڙ يسوع مسيح جي معرفت اسان تي افراط سان نازل ڪيو؛

7 انهي لاءِ تہ اسين سندس فضل جي ڪري راستباز ٺهرايا وڃون، ۽ اُميد سان هميشہ جي زندگيءَ جا وارث ٿيون.

8 اها ڳالهہ سچي آهي، ۽ منهنجي مرضي آهي تہ تون انهن ڳالهين تي زور ڏي، انهي لاءِ تہ جن خدا تي ايمان آندو آهي، سي چڱن ڪمن ۾ مشغول رهڻ جو خيال رکن. اهي ڳالهيون ماڻهن جي لاءِ چڱيون ۽ فائديمند آهن.

9 پر بيوَقوفيءَ جي حجتن ۽ نسب نامن، ۽ جهيڙن جهڳڙن، ۽ شريعت بابت تڪرار کان پاسو ڪر؛ ڇالاءِ جو اهي بي فائدا ۽ اجايا آهن.

10 جيڪو ماڻهو پهرينءَ ۽ ٻيءَ نصيحت کانپوءِ بہ بدعتي رهي، تنهن کان پاسو ڪر؛

11 ۽ ڄاڻ تہ اهڙو ماڻهو گمراهہ ٿيل ۽ گنهگار آهي، ۽ پاڻ کي ڏوهي ٿو ٺهرائي.

12 جڏهن ارتماس يا تخڪس کي آئون تو وٽ موڪليان، تڏهن تون سعيو ڪري نڪوپلس ۾ مون وٽ اچج؛ جو مون ارادو ڪيو آهي تہ سيارو اتي گذاريان.

13 زيناس، شريعت جي عالم ۽ اپلوس کي اهڙي بندوبست سان روانو ڪج، جيئن هنن کي ڪنهن بہ شيءِ جي گهُرج نہ ٿئي.

14 اسانجن ماڻهن کي بہ گهرجي تہ ضرورتن جي رفع ڪرڻ ۾ مدد ڪن ۽ چڱن ڪمن ۾ مشغول رهڻ سکن تہ بي ڦل نہ رهن.

15 جيڪي مون سان آهن، سي توکي سلام ٿا ڏين. جيڪي ايماندار اسان کي پيار ٿا ڪن، تن کي سلام ڏج. شل اوهان سڀني تي فضل ٿيندو رهي.

Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan