طيطس 2 - Sindhi Bible1 پر تون انهن ڳالهين جو بيان ڪج، جي صحيح تعليم موجب آهن: 2 يعني تہ پير مرد پرهيزگار، سنجيدا ۽ سالم دل هجن، ۽ اهي ايمان ۽ محبت ۽ صبر ۾ قائم هجن. 3 ساڳيءَ طرح پيرسن زالون بہ هلت چلت ۾ پاڪ ٿيلن وانگر هجن، نہ گلا غيبت ڪندڙ، نہ شراب جي عادت واريون، پر چڱيون ڳالهيون سيکارڻ واريون هجن؛ 4 انهي لاءِ تہ اُهي جوان زالن کي سيکارين تہ پنهنجن مڙسن ۽ پنهنجن ٻارن کي پيار ڪن، 5 سالم دل، پاڪ دامن، گهر جو ڪم ڪار ڪندڙ ۽ مهربان، ۽ پنهنجن مڙسن جون تابعدار هجن، تہ خدا جو ڪلام بدنام نہ ٿئي. 6 جوان ماڻهن کي بہ ساڳيءَ طرح سالم دل رهڻ لاءِ نصيحت ڪج. 7 سڀني ڳالهين ۾ پاڻ کي چڱن ڪمن جو نمونو ڪري ڏيکار؛ پنهنجي تعليم ۽ صفائي ۽ سنجيدگي ڏيکاريندو رهہ. 8 ۽ اهڙي صحيح تعليم ڏي، جا ملامت جوڳي نہ هجي؛ تان تہ مخالف ڌر شرمندي ٿئي، ۽ اسان جي برخلاف ڪابہ ڳالهہ ڪري نہ سگهي. 9 نوڪرن کي نصيحت ڪر تہ پنهنجن مالڪن جا تابعدار ٿي گذارين، ۽ سڀني ڳالهين ۾ انهن کي خوش رکن، انهن جي حڪمن جي انحرافي نہ ڪن؛ 10 چوري چڪاري نہ ڪن، پر هر طرح جي ايمانداري ڏيکارين؛ انهي لاءِ تہ سڀني ڳالهين ۾ اسان جي نجات ڏيندڙ خدا جي تعليم کي رونق ملي. 11 ڇالاءِ جو خدا جو فضل ظاهر ٿيو آهي، ۽ اهو سڀني ماڻهن لاءِ نجات ڏيندڙ آهي؛ 12 ۽ اسان کي بہ سيکاري ٿو تہ بي دينيءَ ۽ دنيوي خواهشن کي ترڪ ڪري، هن موجودہ جهان ۾ پرهيزگاريءَ ۽ راستبازيءَ ۽ دينداريءَ سان زندگي گذاريون. 13 ۽ انهيءَ مبارڪ اُميد جي، يعني پنهنجي عظيم خدا ۽ نجات ڏيندڙ يسوع مسيح جي جلال جي ظاهر ٿيڻ جي انتظار ۾ رهون؛ 14 جنهن پاڻ کي اسان جي واسطي قربان ڪيو تہ اسان کي هر قسم جي بي دينيءَ کان ڇڏائي ۽ پاڪ ڪري پنهنجي خاص ملڪيت لاءِ هڪڙي اهڙي اُمت بنائي، جا نيڪ ڪمن ۾ سرگرم هجي. 15 تون پوريءَ اختياريءَ سان انهن ڳالهين جو بيان ڪج ۽ نصيحت ڪج، ۽ ملامت ڪج؛ ۽ ڪوبہ ماڻهو تنهنجي حقارت نہ ڪري. |
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.
Pakistan Bible Society