Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

طيطس 1 - Sindhi Bible

1 پولس، جو خدا جو بندو ۽ يسوع مسيح جو رسول آهي، تنهن جي طرفان خدا جي چونڊيلن جي ايمان ۽ اُنهي حق جي سياڻپ موجب، جا دينداريءَ موافق آهي،

2 هميشہ جي زندگيءَ جي اُميد تي، جنهن جو واعدو خدا ازل کان ڪيو آهي، ۽ خدا ڪوڙ ڳالهائي نٿو سگهي،

3 پر هن مناسب وقتن تي پنهنجي ڪلام کي انهي پيغام ۾ ظاهر ڪيو، جي اسان جي نجات ڏيندڙ خدا جي حڪم موجب، منهنجي حوالي ڪيو ويو؛

4 اسان جي ايمان جي شراڪت موجب منهنجي سچي فرزند طيطس ڏانهن: خدا پيءُ ۽ اسان جي نجات ڏيندڙ مسيح يسوع جو فضل ۽ اطمينان تو تي ٿيندو رهي.

5 مون تو کي ڪريتي ۾ انهي لاءِ ڇڏيو تہ جيڪي ڳالهيون باقي رهيون آهن، سي تون درست ڪري ڇڏين ۽ جيئن مون توکي حڪم ڏنو هو، تيئن هر ڪنهن شهر ۾ اهڙا بزرگ مقرر ڪرين،

6 جي بي الزام هجن، ۽ هڪڙي ئي زال هجينِ، ۽ سندن ٻار ايمان وارا هجن، ۽ مٿن بدچاليءَ يا سرڪشيءَ جي تهمت نہ آيل هجي.

7 ڇالاءِ جو نگهبان (بشپ) جو خدا جو خدمتگار آهي، سو بي الزام هئڻ گهرجي، نہ خود راءِ، نہ چيڙاڪ، نہ نشي ۾ جهيڙا ڪندڙ، نہ مارڪٽ ڪندڙ، نہ ناجائز نفعي جو لالچي؛

8 پر مهمان نواز، نيڪيءَ جو طالب، سالم دل وارو، منصف مزاج، پاڪ، پرهيزگار؛

9 ۽ ايمان جو ڪلام، جو تعليم موجب آهي، تنهن تي قائم هجي، انهي لاءِ تہ صحيح تعليم سان نصيحت ڪري ۽ مخالفن کي قائل ڪري سگهي.

10 ڇالاءِ جو گهڻا ماڻهو سرڪش، اجائي بَڪ ڪندڙ ۽ دغاباز آهن، خاص ڪري مختونن مان،

11 جن جا وات بند ڪرڻ گهرجن؛ اهڙا ماڻهو جي ناجائز نفعي جي خاطر جيڪي ڳالهيون سيکارڻ نہ گهرجن سي سيکاري، گهرن جا گهر ڦٽائي ٿا ڇڏين.

12 انهن مان هڪڙو، جو سندن نبي هو، تنهن چيو آهي تہ ڪريتي جا ماڻهو هميشہ ڪوڙا، جهنگلي جانورن جهڙا ۽ سست پيٽوري آهن.

13 اِها شاهدي سچي آهي. انهي ڪري انهن جي سخت ملامت ڪندو رهہ، تان تہ سندن ايمان درست ٿئي،

14 ۽ يهودين جي آکاڻين ۽ گمراهہ ٿيل ماڻهن جي حڪمن تي ڌيان نہ ڏين.

15 پاڪ ماڻهن لاءِ سڀ شيون پاڪ آهن: پر جيڪي پليت ۽ بي دين آهن، تن جي لاءِ ڪجهہ بہ پاڪ نہ آهي؛ پر انهن جو عقل توڙي دل ٻئي ناپاڪ آهن.

16 هو چون ٿا تہ اسان کي خدا جي پروڙ آهي؛ پر پنهنجن ڪمن سان هو انهي جو انڪار ٿا ڪن، جو هو نفرتي ۽ نافرمان آهن، ۽ ڪنهن بہ نيڪ ڪم ڪرڻ جا لائق نہ آهن.

Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan