Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

راڳن جو راڳ 8 - Sindhi Bible

1 اڙي شل تون منهنجي ڀاءُ وانگر هجين ها، جنهن منهنجي ماءُ جي ٿڻن جو کير پيتو هو! جڏهن ڪڏهن آءٌ توکي ٻاهر ڏسان ها تڏهن آءٌ توکي چميون ڏيان ها؛ هائو، ۽ انهي ڪري ڪوبہ مون کي ڌڪاري نہ ها.

2 آءٌ توکي وٺي پنهنجي ماءُ جي گهر اچان ها، تہ تون مون کي تعليم ڏين، آءٌ توکي مصالحدار مئي پياريان ها، جا ڏاڙهن جي رس مان جڙيل آهي.

3 هن جو کٻو هٿ منهنجي مٿي هيٺ هجي ها، ۽ هن جي سڄي هٿ جو مون کي ڀاڪر هجي ها.

4 اي يروشلم جون ڌيئون، آءٌ اوهان کي قسم ٿو ڏيان، تہ اوهين محبوبہ کي نہ چوريو ۽ نہ جاڳايو جيستائين هوءَ پاڻهي پنهنجي مرضيءَ تي نہ جاڳي.

5 اها ڪير آهي جو پنهنجي محبوب تي ٽيڪ ڏيو بيابان مان هلي اچي؟ صوف جي وڻ هيٺ مون توکي جاڳايو: اُتي تنهنجي ماءُ کي تنهنجي ڄڻڻ جا سور ٿيا ۽ اتي جنهن توکي ڄڻيو، تنهن کي سور ٿيا.

6 مون کي مهر وانگر پنهنجي دل تي هڻ، ۽ مهر وانگر پنهنجي ٻانهن تي رک: ڇالاءِ جو محبت موت وانگر زور واري آهي: حسد قبر وانگر ظلم ڪندڙ آهي: ان جا شعلا باهہ جا شعلا آهن، اُها خود خداوند جو شعلو آهي.

7 ڪيترو بہ گهڻو پاڻي محبت اُجهائي نہ سگهندو، نڪي ٻوڏيون انهي کي ٻوڙي سگهنديون: جيڪڏهن ڪو ماڻهو پنهنجي گهر جو سڀ مال ۽ ملڪيت محبت جي لاءِ ڏئي ڇڏيندو، تہ هو بلڪل حقارت جوڳو ٿيندو.

8 اسان جي هڪڙي ننڍڙي ڀيڻ آهي، جنهن کي اڃا ڇاتيون ڪينهن: جنهن ڏينهن اسان جي ڀيڻ بابت ذڪر هلندو تنهن ڏينهن انهي جي لاءِ اسين ڇا ڪنداسين؟

9 جيڪڏهن هوءَ ڀت هجي تہ جيڪر اسين انهي تي چانديءَ جو هڪڙو ٺلهہ کڻي جوڙيون: ۽ جيڪڏهن هوءَ در هجي تہ اسين جيڪر ديودار جي تختن سان هن کي کڻي قابو ڪريون.

10 آءٌ هڪڙي ڀت آهيان ۽ منهنجون ڇاتيون انهي جا ٺلهہ آهن: تڏهن آءٌ هن جي نظر ۾ اهڙي هيس جهڙي اها جنهن آرام لڌو هجي.

11 سليمان تي بعل هامون ۾ هڪڙو ڊاک جو منهہ هو: هن اهو ڊاک جو منهہ سنڀاليندڙن کي ڀاڙي تي ڏئي ڇڏيو: سڀ ڪنهن کي ان جي ميوي جي عيوض چانديءَ جا هزار سڪا آڻڻا هئا.

12 منهنجو ڊاک جو منهہ، جو منهنجو آهي. سو منهنجي اڳيان آهي، اي سليمان، تون اُهو هزار وٺندين، ۽ جيڪي ان جو ميوو رکندا، تن کي ٻہ سؤ ملندا.

13 تون جو باغن ۾ رهين ٿو تنهن جو آواز سنگتي ٻڌن ٿا: مون کي بہ اهو ٻڌاءِ.

14 اي منهنجا محبوب جلدي ڪر، ۽ هرڻ يا ٻٺڙي جهڙو ٿيءُ، جو مصالحن جي جبلن تي هجي.

Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan