راڳن جو راڳ 5 - Sindhi Bible1 اي منهنجي ڀيڻ، منهنجي ڪنوار، آءٌ پنهنجي باغ ۾ آيو آهيان: مون پنهنجي مر پنهنجي مصالحہ سميت گڏ ڪئي آهي؛ مون پنهنجو مانارو پنهنجي ماکيءَ سميت کاڌو آهي؛ مون پنهنجو شراب پنهنجي کير سان پيتو آهي. اي دوستو کائو؛ هائو، اي محبوب پيءُ، بي انداز پيءُ. 2 آءٌ ستو پيو هوس، پر منهنجي دل پئي جاڳي: اهو منهنجي محبوب جو آواز آهي جو در کڙڪائي ٿو چوي تہ اي منهنجي ڀيڻ، منهنجي پياري، منهنجي ڪبوتري، منهنجي بي داغ: ڇالاءِ جو منهنجو مٿو ماڪ سان ڀريل آهي، ۽ منهنجا زلف رات جي ڦڙن سان ڀريل آهن. 3 مون پنهنجو گڊلو لاهي ڇڏيو آهي؛ اُهو آءٌ وري ڪيئن ڍڪيان؟ مون پنهنجا پير ڌوتا آهن؛ انهن کي آءٌ وري ڪيئن پليت ڪريان؟ 4 منهنجي محبوب در جي ٽُنگ مان پنهنجو هٿ اندر لنگهايو، ۽ منهنجي دل هن جي لاءِ ڇڪي کاڌي. 5 آءٌ پنهنجي محبوب کي در پٽي ڏيڻ لاءِ اُٿيس: ۽ منهنجن هٿن مان مر جا ڦڙا پئي ڪِريا، ۽ منهنجن آڱرين مان پٽڙي مر ڪري تاڙيءَ جي هٿين تي پئي. 6 مون پنهنجي محبوب کي در پٽي ڏنو؛ پر منهنجو محبوب اڳيئي هليو ويو هو. جڏهن هن ڳالهايو تڏهن منهنجو هانءُ ڊهي پيو؛ مون هن کي ڳوليو، پر لهي نہ سگهي مانس؛ مون سڏ ڪيومانس پر هن جواب ڪونہ ڏنو. 7 جيڪي پهري وارا شهر جي چوڌاري پيا گهمن تن مون کي ڏٺو، اُنهن مون کي ماريو ۽ مون کي زخمي ڪري وڌائون؛ ڀتين جي رکوالن مون کان منهنجي چادر کسي ورتي. 8 اي يروشلم جون ڌيئون، آءٌ اوهان کي قسم ٿي ڏيان تہ اوهين جي منهنجو محبوب ڏسو تہ ٻڌائجوس تہ آءٌ محبت جي بيمار آهيان. 9 اي سڀني زالن کان وڌيڪ خوبصورت، تنهنجو محبوب ٻئي ڪنهن محبوب کان ڪيئن وڌيڪ آهي؟ تنهنجو محبوب ٻئي ڪنهن محبوب کان ڪيئن وڌيڪ آهي جو تون اهڙي طرح اسان کي قسم ٿي وجهين؟ 10 منهنجو محبوب اڇو ۽ ڳاڙهو آهي، ڏهن هزارن مان هو سڀ کان مک آهي. 11 هن جو مٿو نهايت خالص سون جهڙو آهي، هن جا زلف گهاٽا ۽ ڪانگ جهڙا ڪارا آهن. 12 هن جون اکيون ڪبوترن جهڙيون آهن، جي پاڻيءَ جي نهرن جي پاسي کان هجن، کير سان ڌوتل ۽ مناسب طرح سينگاريل. 13 هن جا ڳل مصالحن جي چمن جهڙا، خوشبودار سبزن جي ڪنڌين وانگر آهن: هن جا چپ سوسن وانگر آهن، جن مان پٽڙي مر جا ڦڙا پيا ڪرن. 14 هن جا هٿ سون جي منڊين وانگر آهن، جن ۾ فيروزا جڙيل هجن: هن جو بدن عاج جي ڪم جهڙو آهي، جنهن تي نيلم لڳل هجن. 15 هن جون ٽنگون سنگ مرمر جي ٿنڀن جهڙيون آهن، جي خالص سون جي پاين تي رکيل هجن: هن جي صورت لبنان جهڙي آهي، ۽ ديودار وانگر نهايت عمدي آهي. 16 هن جو وات تمام مٺو آهي؛ هائو هو بلڪل وڻندڙ آهي: اي يروشلم جون ڌيئون، اهو آهي منهنجو محبوب، ۽ اهو آهي منهنجو دوست. |
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.
Pakistan Bible Society