راڳن جو راڳ 4 - Sindhi Bible1 ڏس، اي منهنجي پياري تون سهڻي آهين؛ ڏس تون حسين آهين؛ تنهنجيون اکيون تنهنجي نقاب جي پٺيان ڪبوترن جهڙيون آهن: تنهنجا وار ٻڪرين جي ڌڻ وانگر آهن، جي جلعاد جبل جي پاسي سان ويٺيون هجن. 2 تنهنجا ڏند رڍن جي ڌڻ وانگر آهن، جن جي ڏاس تازي ڪتريل هجي، ۽ جي وهنجي نڪري آيون هجن؛ جنهن مان هر هڪ کي جاڙا ٻچا آهن، ۽ ڪا بہ بنا ٻچي ڪانهي. 3 تنهنجا چپ کهنبي ڌاڳي جهڙا آهن، ۽ تنهنجو وات سهڻو آهي: تنهنجيون لوندڙيون تنهنجي نقاب جي پٺيان ڏاڙهونءَ جي ٽڪر جهڙيون آهن. 4 تنهنجي ڳچي دائود جي ٺلهہ وانگر آهي، جو هٿيارن جي رکڻ لاءِ جوڙيو ويو هجي جنهن تي هزار سپرون ۽ پهلوان ماڻهن جون سڀ ڍالون ٽنگيل هجن. 5 تنهنجون ٻہ ڇاتيون هرڻيءَ جي ٻن جاڙن ٻٺڙن جهڙيون آهن، جي سوسن جي گلن ۾ چرندا هجن. 6 جيسين ڏينهن ٺري ۽ پاڇو لهي، تيستائين، آءٌ مر جي جبل تي ۽ لوبان جي ٽڪري تي وڃي ويهندس. 7 اي منهنجي پياري، تون بلڪل خوبصورت آهين، ۽ تو ۾ ڪوبہ عيب ڪونهي. 8 اي منهنجي ڪنوار لبنان مان مون سان اچ، لبنان مان مون سان اچ: امانا جي چوٽي تان، سنير ۽ حرمون جي چوٽيءَ تان، شينهن جي غارن مان، چيتن جي جبلن تان نهار. 9 اي منهنجي ڀيڻ، اي منهنجي ڪنوار، تو منهنجي دل کيس ورتي آهي؛ تو پنهنجي هڪڙيءَ اک سان، پنهنجي ڳچيءَ جي هڪڙي زنجيريءَ سان، منهنجي دل کسي ورتي آهي. 10 اي منهنجي ڀيڻ، اي منهنجي ڪنوار، تنهنجي محبت ڪهڙي نہ چڱي آهي! تنهنجي محبت شراب کان ڪيترو نہ بهتر آهي! ۽ تنهنجن تيلن جي خوشبوءِ هر قسم جي مصالحن کان ڪيترو نہ وڌيڪ چڱي آهي! 11 اي منهنجي ڪنوار، تنهنجن چپن مان ماناري وانگر ماکيءَ جا ڦڙا ڪرن ٿا: ماکي ۽ کير تنهنجي زبان هيٺان آهن؛ ۽ تنهنجن ڪپڙن جي خوشبوءِ لبنان جي خوشبوءِ جهڙي آهي. 12 منهنجي ڀيڻ، منهنجي ڪنوار، بند ٿيل باغ، يا بند ٿيل چشمو يا مهر ٿيل حوض آهي. 13 تنهنجون اوڌون ڏاڙهن جو باغيچو آهن، جن ۾ قيمتي ميوا آهن؛ ميندي، سنبل جي وڻ سان گڏ آهي. 14 سنبل ۽ زعفران، بيد مشڪ ۽ دالچيني ۽ لوبان جا سڀ وڻ، ۽ مر ۽ عود ۽ ٻيا سڀ مکيہ مصالحہ. 15 تون باغن جو چشمو، آبِ حيات جو کوهہ، ۽ لبنان مان وهي ايندڙ نهرون آهين. 16 اي اُتر جا واءُ، جاڳ؛ ۽ اي ڏکڻ، تون اچ؛ منهنجي باغ تي لڳ تہ اُن جي مصالحن جي خوشبوءِ ٻاهر نڪري، ڀلي تہ منهنجو محبوب پنهنجي باغ ۾ اچي ۽ پنهنجا قيمتي ميوا کائي. |
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.
Pakistan Bible Society